ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

خوشيون، خودڪشيون، غميون ۽ غم خواريون

خوشيون، خودڪشيون، غميون ۽ غم خواريون

جڏھن معاشري مان غم خواريون موڪلائي وڃن، آٿتون، ڏڍ، اعتباريون، ڀروسا، پنهنجائپون ڏسڻ ۾ نه اچن، جتي رڳو مفادن جا جاوا ساوا پيلا ڦڪا ديپ جلن، اتي جيئڻ لاءِ عدم دلچسپيون ٿيڻ لازم ملزم ٿيو وڃن، جتي پري پري کان ڪا اميد زندگيءَ نه بچي، جتي سودا، سوداگر سودائي ٺڳ ٺڳين جي وسيلي ڪن، جتي ظاھريت پسندي پنهنجي عروج تي ھجي، جتي عزتون ڏوڪڙن جي ور چڙهي وڃن، جتي اخلاص ۽ خلوص جي ماپ طور فقط کوکلن ڀاڪرن ۽ وڏن نقلي ٽھڪڙن جي گونج ۾ گونجن، اتي غم خوارن کي ڪھڙن روپن ۾ تلاش ڪجي؟ جتي تمنائون چوٽ چڙھي وڃن، فرمائشون فڪري الميا جنم ڏين، محبتن جي جڳهه تي خوراڪ ۽ طعام کي ڏيکاءَ واريون سيلفيون ٺاھي مارڪيٽنگ ايجنسي جي روپ ۾ سوشل ميڊيا جي زينت بڻائي خوش ٿيندي ۽ بکايلن ۽ ڪمزورن کي خوابي پلائن جي تصويري جھلڪيون ڏيکاري مايوسيءَ ۾ ڌڪجي، جتي اسلام ڪنھن فروٽ جي کل خالي گھر جي اڳيان اڇلڻ کان منع فرمائي، کاڌي جي خوشبوءِ به ٻاھر نه نڪري اتي ھي رونقون شادين ۽ فوتگين ۾ پوليس ۽ باڊيءَ گارڊن جي نگراني ۾ ٿين متان ڪو غريب ڪپڙن ڦاٽل ڪو چشڪو اوڀارو کڻي ۽ کائي نه وڃي، جتي صفائي جي وقت ڪڪڙن جا پڪل ٽڪرا ٻاھر اڇلايا وڃن، بکئي پيٽ وارا ٻارڙا حسرت جون نظرون ڊوڙائيندا ڏسندا رھن، انھيءَ خوف کان ويجھو نه وڃن متان ڪٿي چوڪيدار ڪاوڙجي نه پوي، پوءِ ڀلا معاشري ۾ استحڪامِ زندگيءَ خواب يا خيال؟ جتي مشورا به مفادن ۽ رقم تحت ڏنا وڃن، سواءِ ڏيڻ وٺڻ جي ڪو ڪم سوچڻ گناھ سمجھيو وڃي، اتي فيصلائتي فيصلا چورن جي چؤگرد ڦرن، پوءِ خوشيون ۽ خودڪشين تي ڇا چئي سگھجي؟ جتي دين ۽ مذھب جي پاڪيزه ٿيوري ويڪائو وڻجارن جي بغلن ۾ قيد ٿي رھجي وڃي، جتي ھڪ طعام جي جڳھه گھڻن کان گھڻن طعامن جو مقابلو اھڙي تيزي سان پکڙجي پوي، پوءِ اتي ھڪ عام ويچارڙو انسان دعوت قرب جو ڪٿان سوچيندو؟ پوءِ ڪمزور دلين وارا ھنيا لاٿ ٿي نااميديءَ جي نجهري ۾ وڃي سڀ آسرا ۽ توقعاتون دفن ڪري زندگيءَ جو انت ئي سرمايو سمجھن، ته ان تي سياڻن کي سوچڻ گھرجي، گھٽ ۾ گھٽ ڪو اھڙو فورم ھجي جتي ذھني اميد پيدا ڪري سگھجي، اھو ذھن نشين ڪرائي سگھجي ته اڃان ڪا ٻي ھستي آھي جنھن جھان کي پيدا ڪيو آھي، عزت ۽ ذلت جي رکوالي ڪندڙ اھا ذات آھي، ڪجھ به ٿئي پر روزي وري به اھو ئي ڏيڻ وارو آھي، فقط جدوجھد وارو جھاد ڪرڻ لازم آھي، مايوسي جو علاج افلاطون وٽ ناھي پر رحمت العالمين جي تعليمات ۾ ملي پيو، بس غور ۽ فڪر جي ضرورت آھي، جيڪي ان جي در سان وابسته آهن، اوڏانهن منھن ڪجي ۽ رابطو ڪري حوصلو حاصل ڪجي، ڪڏھن به پسپائي نه ٿيندي.