ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

محبت ۾ مندي ٻيڙائي

محبت ۾ مندي ٻيڙائي

اڄڪلهه جي هن نفسانفسي دور ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ سان گڏوگڏ محبتن جو به هڪ وڏو فقدان آهي، هر طرف معاشري ۾ ذخيره اندوز ۽ نفرتون ڦهلائيندڙ عنصر پنهنجي جڳهه والاري چڪا آهن، جيڏانهن نظر ڊوڙائبي تيڏانهن ٻهروپين جو راڄ رائج ملندو، حوس ۽ حرس پرستي پنھنجيون سڀ حدون اورانگھي چڪي آهي، معاشرو انتها درجي تائين پهچي چڪو آهي، انسان، انسان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پوءِ ڀلي اهو کڻي ڪنهن رت جي رشتي ۾ ئي ڇو نه ٻڌل هجي، هر طرف پنهنجي مفادن جي جنگ جاري آهي، دوستيون ياريون سڀ مقصد خاطر نڀائجي رهيون آهن، جتي هڪ عزت دار انسان تي ڪنهن چاپلوس کي فوقيت ڏني وڃي، اتي محبتن جي پرچار ڪندڙ سواءِ اميدن جي ڪجهه ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن.
ائين تولو مولو محبت جي ڏينهن جو نالو ٻڌي، گلاب جا گل کڻي نڪتا، سوچيون ته ڪنهن کي ڏيون، پوءِ وڏا ساهه کڻي آه ڀريندي چيائون، اسان بي روزگارن سان ڀلا ڪير ته محبت ڪندو، هتي ته هر ڳالهه جي قيمت آهي، سواءِ مطلب جي ڪير سلام به نٿو ڪري، انهيءَ ڪشمڪش ۾ لکاني هنن جي هٿن ۾ گل ڏٺا ته هليو آيو، ڇاڪاڻ جو ان کي گلن پائڻ جو شوق رهيو آهي، پڇائين ڀائو توهان منهنجي لاءِ بيٺا آهيو، هي ته اڳي ٻاڙيا ويٺا هئا، هڪدم چيائون ته اسان پنهنجي مڱيترن کي ڏينداسون، وڏي رڙ ڪري لکاني چيو ته جن شاديون ڪيون آهن انهن کان ته پهرين پڇو پوءِ گل ڏيو. پريان چاچو چوڪيدار لٺ جي سھاري ھلي اچي پھتو، چيائين مون کي اوھان جون ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون، چئيم ويچارا اڻ ڄاڻ آهن ڪجھه سمجھاڻيون ڏيو وڃان متان فائدو رسي وڃين، ٻڌو منهنجا ابا! پنھنجي ڳوٺ جي ڀرسان ادي خانو واري ھوٽل جي اڀرندي طرف جيڪو مٽي وارو وڏو دڙو ڏسو پيا، اتي ويچارو نمرو نالي ھڪڙو ھمراهه رھندو ھو، ڏاڍو شوقين ھوندو ھو، ريس ريسان ۾ ٻه ٽي شاديون ڪري ورتائين ڪجھه وقت گاڏو گهليندو رھيو، جيستائين طاقت ھئيس، ابي کي چوان جيئن جيئن عمر وئي جھڪندي بس نه پڇ، سڄو ڏينهن مال چاريندو هو جيئن ئي سانجھي وقت واپسي گھر ورندو هو ڄڻ ڪو گھر ۾ ڌاريو ڪتو داخل ٿيو ھجي، رڙو رڙ لڳي ويندي هئي، بس سٽڪا اسان پنهنجي ڪنن سان ٻڌندا ھئاسين، آخرڪار ويچارو ڪاڪي اوڀائي جي بابي جي اوطاق تي ڀڳل کٽ تي عمر گذاري پوري ڪيائين، اھو دڙو اڃان شاھدي پيو ڏئي، بس ٻچڙا ڪجھه خيال ڪجو وقت ڏاڍو تنگ اٿئو.