اخوت مروت تلاش گمشدگي
جتي تاريخون وسري وڃن، جتي ڪتابن جا ورق پراڻين المارين ۽ اڏوهي کاڌل ڪٻٽن جي زينت ٿي مٽي جي تهن ۾ ڍڪجي وڃن، علم ۽ عقل جا اعليٰ خزانا انھن جا ناياب پنا پڪوڙن، ڇولن ۽ چڻن وڪڙڻ جي ڪاغذن طور استعمال ٿيڻ لڳن، گھر ۽ اوتارا سواءِ ڪتابن جي ڦڪا ۽ اڻڀا لڳن، لائيبرين جي جڳهه تي فٽ پاٿن تي اسان جو نئون نسل پب جي گيم ۾ مصروف ھجي، لٽيريچر علم غائب فقط ڊگري خريدي پاس ٿيڻ جي تڪڙ ھجي، جتي ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ داخلائون ميرٽ جي بجاءِ جيب گرم ٿيڻ تي ٿين، مستقبل جا ڊاڪٽر سفارش سورس رقم ۾ سيٽون حاصل ڪن ۽ فيوچر جا انجينئر ميٿاميٽڪس جي انگن بدران نوٽن جي انگن تي سليڪٽ ٿين، جتي والدين جي جڳهه ننڍڙا ٻارڙا ولارين، دوستن کي حال ڀائي ۽ والدين کي دشمن ليکجي، امڙ ٻانھي ۽ زال کي زينت گھر جي ٺاھجي، جتي والدين جي رھائش اولڊ هائوس ۽ ڪفن دفن ڏوڪڙن تي ٿيڻ لڳي، اولاد جنازي ۾ شامل ٿيڻ کان ڪيٻائي، تاريخي علمي شخصيتن جي نالن بدران اسان جا نوجوان ماڊلنگ اداڪارن جا نالا رٽي ياد ڪندا رھن، استادن کي فقط ٽائيم پاس سمجھي وقت گذارين ۽ استاد تعليم ڏيڻ کان وڌيڪَ اکيون چهري ۾ رکن، جتي تعليم کي واپار سمجھيو وڃي، جتي ايمانداري ۽ سچائي کي وبا سمجھي ڀڄي جان ڇڏائجي ڪوڙ ۽ ڪپت وارن دوستن سان واسطا جوڙيا وڃن، اشرافيت جو موت ٺڳي ۽ فريب دوکي جي ھٿان ٿيڻ لڳي، خود غرضي انائيت محبتن تي سوار ٿي خلوص جا جلوس ڪڍرائي، گاڏين ۽ سوارين تي مختلف قسمن جا اشعار ۽ جملا لکيل ڏسجن، عوامي ليٽرين ۾ دل جا ارادا ڀتين تي لکجن، پوءِ ترجماني ڪھڙي ڪجي؟ جتي لفظن جي معنيٰ ئي ڪير نه سمجھي، ادبي بگاڙ ۽ تلفظن جو ڪاٻاڙو ٿيندو رھي، اتي ھڪ اداس اديب ڇا حال ٻڌائيندو؟ اڳيون حرڪتون سڀ وسري ويون ۽ نئيون ٽوپيون نئين ڊزائين ۾ عجيب حرڪتن سان ۽ نمونن سا ظاھر ٿي اچن، پوءِ ڪنھن کي ڪھڙي ھنڌ تلاش ڪجي؟ ڪٿي ڪٿي اخلاص ۽ اخلاق کي ڳولجي؟ جيترو وڏو ظالم ۽ ڪوڙو ٺڳي باز اوترو عزت وارو سڏجي! ان وٽ فيصلا ٿين شرافتن جا، پوءِ اھڙن چنيسرن کان چڱائي جي اميد ڪيئن لڳائجي.