ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

گھٽڪا سٽڪا، مٽڪا ٺري جا

گھٽڪا سٽڪا، مٽڪا ٺري جا

اڳئين دؤر ۾ ھجرت ڪري آيلن ھٿان اسان کي پن واريون ٻيڙيون ۽ پان سوپاريون مليون، جن ۾ جدت ايندي وئي، پان تي ڪاٿو ۽ چن جو لڳڻ لازمي ٿيندو ويو، وري ماھرن سوپارين کي پاڻي ۾ سڄي رات پسائي نرم ڪري پان ۾ وجھڻ شروع ڪيو، ان سان گڏ ڪاٿي کي سٺي نموني ڪاڙھڻ لڳا پوءِ ان مانڊلي واري جا پان شوقينن وڏي چانهه سان کائڻ لڳا، پوءِ وري ان ۾ پتي جو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو، چڱا خاشا اعليٰ تعليم يافته ماڻهو شوقيا طرح پان واپرائڻ لڳا، ايتري قدر جو ڪجهه خاص پان فروشن جا پان سوکڙين طور ٻاھرئين ملڪن ڏانھن وڄڻ لڳا، پوءِ وري ڪجهه ماھرن گھٽڪن جون فيڪٽريون کولي گھٽڪا ٺاھڻ شروع ڪيا، انھن ۾ وري جديد انداز سان ڪجهه مختلف پڙيون نڪتيون، جيڪي ننڍن وڏن جي واتن ۾ چوس چوسان لڳي پئي آهي، جتي ڪٿي ڪنھن اوطاق ۽ ھوٽلن جون ڀتيون رنگين ٿيون پيون آھن، ايستائين جو گاڏين جي شيشن ۽ ٻاھران به گھٽڪن جي پاليش ضرور ٿيل ھوندي، ھن برگر ۽ جديد دؤر ۾ جيڪو انھن شين کان محروم آھي، ڄڻ اھو پيدا ئي ڪو نه ٿيو آھي، جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اھو ڪاروبار اھڙي منطق ۽ منظم طريقي سان ڪيو ٿو وڃي، ھڪ ته فائدو وڏو آھي ۽ استعمال ٿيل شيون سستيون ۽ خراب ٿيل ھونديون آھن، واپرائڻ وارا عادي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پابندي جي ڪري وڏي رقم ۽ مھانگائي ۾ وٺڻ ۾ عار محسوس نٿا ڪن، خاص ڪري رات جا اوجاڳا ڪاٽيندڙن لاءِ، ڊرائيونگ ڪرڻ وارن لاءِ وڏي غنيمت آھي، اھڙي ريت وري ھٿرادو کارو پاڻيءَ صدين کان ڪنھن نه صورت ۾ ھلندو پيو اچي، پر ھاڻي وري نئين ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان ان ۾ وجھڻ واريون شيون اھڙيون انسان ذات لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون جنھن ۾ موت کي اڳواٽ دعوت ڏني وڃي پئي، ايتري اڻ ڄاڻائيءَ آھي جو ماڻھو سواءِ ڪنھن خوف جي ھر طبقي سان تعلق رکندڙ انهن کي ھڪ مشروب جي طور استعمال ڪن ٿا، خاص ڪري خوشين جي ڏھاڙن تي وڏي طريقي سان مرحبائي ڪيمپون قائم ٿيو وڃن، رسائي وري ايڏي وڏي انداز سان ڪئي ٿي وڃي جو بندش جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، شايد ڪو ڳوٺ يا شھر بچيل ھجي جنهن ۾ ٺري ٺھڻ جو ڪم نه ٿيندو ھجي، ھاڻي ته اوطاقن تي گھٽڪا فيڪٽريون کلي ويون آھن، جيئن جيئن سختي ڪئي ٿي وڃي اوتري رسائي وڌيڪ ٿيندي وڃي ٿي، جنھن اشياء جي کوٽ ايندي آھي ان جا ريٽ ۽ اسباب خريديا ويندا آھن، سڀني جا منھن بند ڪرايا ويندا آھن.
تولو مولو ھڪ دفعي سرمائي سائينءَ سان چانهه جي پيالي تي ڪچھري پئي ڪئي اتي وڏي عمر وارو ڪاڪو سھراب جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو کاٽڙيو چور ھو، چيائين پئي اسان ڪتن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ وڏا ھڏا اڇليندا ھئاسين، پوءِ پاڙي جا ڪتا انھن کي چوسڻ ۾ لڳا پيا ھوندا ھئا اسان ڪم ڪڍي ويندا ھئاسين، بس ھي به ھڏن جو ھڪ قسم آھي، ڪير چوڻ وارو ھوندو ان کي به پنھنجو حصو ملندو ويچارو ماٺ ٿي ويندو، جيڪو گھٽڪا گھٽڪا ڪندو ان کي سٽڪا ملندا، باقي ٺرو ته دليون ٺاري ڇڏي ٿو.