ادبي ڪتاب ئي منهنجا استادَ آهن ….. اصغر گگو
سوال: اوهان جو نالو، جنم ڏڻ ۽ جنم هنڌ؟
اصغر: منهنجو پورو نالو علي اصغر ولد محمد عثمان گگو آهي. منهنجو جنم 15 جولائي 1978ع جي جهڙالي شام جو ٺٽي ضلعي (هاڻوڪي سجاول) جي ننڍڙي ڳوٺ لال محمد گگي ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ؟
اصغر: آئون اصغر گگو جي نانءَ سان لکندو آهيان.
سوال: تعليم ۽ پيشو؟
اصغر: منهنجي تعليم ايم اي (سنڌي) آهي ۽ آئون درس ترديس جي شعبي سان لاڳاپيل آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات؟
اصغر: مون لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي آهي. پهرين ڪچي ڦڪي ڪهاڻي ” انتظار“ جي عنوان سان لکي هئي ۽ اها ئي پهرين تخليق هئي جيڪا ”سنڌ رنگ ڊائجسٽ“ ۾ ڇپي هئي.
سوال: ادبي استاد؟
اصغر: ادبي ڪتاب ئي منهنجا استاد آهن. لکڻ ايندو ڪو نه اٿم، بس ڪتاب پڙهي پڙهي مڙوئي دنيا روڙي وٺندو آهيان. پڙهندڙ موٽ ڏيندا آهن ته پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندو آهيان ته، آئون به هن شاهوڪار سنڌي ٻوليءَ جو بوند برابر ليکڪ آهيان. سچ پڇو ته، انهيءَ ڳالهه تي مون کي تمام گهڻو فخر آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
اصغر: ننڍپڻ کان اداڪار ٿيڻ جو شوق هئم. هي ليکڪ ٿيڻ ته بس هڪڙو حسين اتفاق آهي. ائين چوان ته، سنڌ ورسٽيءَ جي دين آهي، جنهن منهنجي ذات کي ڏات بخشي ۽ مون کي منهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو. ورسٽيءَ جو ماحول ۽ ادبي ڪتابن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: لکڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون اتساهينديون آهن؟
اصغر: ڪو واقعو، ڪا وارتا، اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيندي آهي ته لفظن جي روپ ۾ پاڻ کي پنن تي ميڙيندو آهيان.
سوال: ڪهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آهيو؟
اصغر: سنڌي ٻوليءَ جي تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ منهنجون تخليقون شايع ٿي چڪيون آهن.
رسالا: مهراڻ، ڪينجهر، امرتا، نئين زندگي، ادب، اديب، پيغام، سنڌ رنگ، هالار، سنڌو، عبرت، هزار داستان، ڪهاڻي ڊائجسٽ ۽ سنگت وغيره.
اخبارون: ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سنڌو، عوامي آواز ۽ هلچل وغيره.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿَوَ، پسنديده صنف؟
اصغر: مون ڪهاڻيون، ناوليٽ، ڊراما ۽ مضمون لکيا آهن. پر مون کي ڪهاڻي تمام گهڻي پسند آهي.
سوال: ڇپيل ڪتاب.
اصغر: منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن.
(1) ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون.“
(2) ”تون سمجهي نه سگهندين“ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون
(3) ”آڱريون هن جو نالو اُڻن ٿيون“
سوال: پهرين تخليق شايع ٿيڻ تي گهروارن جو ڇا رد عمل هو؟
اصغر: سڀ تمام گهڻو خوش هئا. بابا جي اکين ۾ جيڪا خوشي هئي. ان لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن جو بيان ڪيان. اسان جي ذات ۾ پري پري تائين ڪو به ادبي حوالو نه هو. منهنجو ماسات عبدالرزاق گگو، ادبي ڪتاب پڙهندو رهيو آهي. ان جا به مون کوڙ ڪتاب کڻي پڙهيا هئا. آئون پهريون ڇوڪرو هوس، جنهن لکڻ شروع ڪيو ۽ ريڊيو ايف ايم 92 تي به ڪم ڪيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڪنهن حوصلا افزائي ڪئي؟
اصغر: منهنجي دوست ”سهڻي“. مون جڏهن پهرين ڪهاڻي لکي ۽ شايع ٿي ته، مون پهرين هن کي ئي ٻڌايو هو. ڊائجسٽ ۾ ڪهاڻي پڙهي ۽ ڪٽنگ ڪري مارئي هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾ لڳائي ڇڏي. اتان ڪهاڻي پڙهي ٻيون ڇوڪريون اچي مليون. اهو ڏسي خوشي ٿي ۽ هوءَ همٿائيندي رهي. سهڻي کان پوءِ منهنجي دوست ساجد سومري اتساهيو ۽ پوءِ يوسف سنڌيءَ حوصلا افزائي ڪئي، جنهن منهنجون ڪچيون ڦڪيون تحريرون شايع ڪري لکڻ لاءِ مجبور ڪيو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
اصغر: حسين احساس، زندگيءَ جي اصل خوشي. بقول بالزاڪ: ”محبت روح جو ٻيو جنم آهي.“
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني، پهرين خوشي؟
اصغر: يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ منهنجي زندگيءَ جي پهرين وڏي ۾ وڏي خوشي آهي. اها ورسٽيءَ جي دين آهي جو پاڻ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. پهرين مهرباني سهڻيءَ سان دوستي، جنهن جي دوستيءَ تي مون کي فخر ۽ ناز آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
اصغر: قدرت جو حسين تحفو. زندگي مسلسل جدوجهد آهي. ”ڏکن پٺيان سُک“ واري ڪار.
سوال: نفرت لاءِ ڇا چوندؤ؟
اصغر: ڪنهن ڏاهي خوب چيو آهي ته ”هيءَ زندگي پيار ڪرڻ لاءِ ٿوري آهي، ماڻهو نفرت لاءِ ڪٿان ٿا وقت آڻين.“ سچ پُڇو ته مون کي ڪنهن سان به نفرت نه آهي، ڇو ته پنهنجو اندر ساڙڻ جو مون کي شوق نه آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ ۽ ليکڪه کي ايتري پذيرائي ڇو نه ٿي ملي؟
اصغر: پذيرائي ته ملندي، آهي، ڪن کي گهڻي، ڪن کي ٿوري. باقي هڪ حقيقت آهي ته اسان جو پڙهندڙ گهٽ آهي. جيترو ٻين ٻولين جو آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟
اصغر: کري کوٽي جي پرک. پر اسان وٽ ذاتي بنيادن تي تخليق ۽ تخليقڪارن جي پرک ڪئي ويندي آهي. ائين چوان ته حاجي ۽ غازي واري ڪار هلي ٿي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا، ان مان مطمئن آهيو؟
اصغر: جي بلڪل، ڇو ته هر تخليق جي اهميت آهي. ڪو هڪ ماڻهو به منهنجي تحرير پڙهي ٿو. معنيٰ منهنجي لکڻي کي مهانتا ملي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
اصغر: لکڻ منهنجو شوق آهي. آئون پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ لکندو آهيان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي آهي؟
اصغر: ڪاوڙ فطري عمل آهي. ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا هضم نه ٿئي ته پوءِ چُپ رهي نه سگهندو آهيان.
سوال: شهرت لاءِ ڇا چوندؤ؟
اصغر: وقتي خوشي. اُڀري لهڻ واري حالت.
سوال: ڪنهن تنظيم سان وابستگي.
اصغر: ادبي سنگت سان وابستگي رهي آهي. سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهيان. باقي سياست پيٽ ڀرين جو ڪم آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي تنظيم سان وابستگي نه رهي آهي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
اصغر: آئون سمجهان ٿو ته، شخصيت پرستي چڱي ڳالهه نه آهي. باقي زندگيءَ ۾ گهڻن ماڻهن کان ماڻهو متاثر ٿيندو رهندو آهي.
سوال: پسنديده گل ۽ خوشبوءِ؟
اصغر: گلن ۾ موتيو وڻندو اٿم، باقي مٽيءَ جي خوشبو ڏاڍي وڻندي آهي، خاص ڪري جڏهن برسات پوندي هجي.
سوال: پسند جي موسم ۽ پهرُ؟
جواب: موسم سياري جي وڻندي اٿم. پهرن ۾ صبح جو پهر وڻندو آهي، ڇو ته زندگي وري ڪر مروڙي جاڳي پوندي آهي.
سوال: زندگيءَ جو ڪو ڏک؟
اصغر: ها، منهنجي وڏي ڀيڻ جو هميشه لاءِ وڇڙڻ. هوءَ وقت کان اڳ اسان جي وچ مان اُٿي هلي وئي. جتان ڪوئي به واپس نه ٿيو آهي.
سوال: مليل مڃتا ايوارڊ يا شيلڊون؟
اصغر: سنڌ رنگ ۽ هالار وارن مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا هئا. ادبي سنگت شيلڊ ڏني ۽ 2015ع ۾ انيس اڪيڊمي وارن سال جي بهترين ڪهاڻيءَ جي ايوارڊ سان نوازيو.
سوال: ان ڪهاڻيءَ جو نالو؟
اصغر: آڱريون هن جو نالو اُڻين ٿيون. ڪهاڻيءَ جو عنوان هو.
سوال: ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
اصغر: جي نه. جن سان پيار اٿم انهن کان ڪا شڪايت نه ڪبي آهي. باقي جيڪي دل جي ڪانٽڪٽ مان ڊليٽ ٿي ويا تن سان ڪهڙي شڪايت.
**