جيترو درد وڌيڪ، اوترو تخليق وڌيڪ سگهاري …. نسيم حيدري
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
نَسيمِ حيدري: نسيم اختر بنت شمشير الحيدري.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
نَسيمِ حيدري: 27 آڪٽوبر 1965ع حيدرآباد.
سوال: ادبي نانءُ؟
نَسيمِ حيدري: نسيم حيدري.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
نَسيمِ حيدري: ايم اي سنڌي ادب ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
نَسيمِ حيدري: -1981ع.
سوال: ادبي استاد..؟
نَسيمِ حيدري: مشاهدو ۽ مطالعو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
نَسيمِ حيدري: مختلف اديبن کي پڙهي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
نَسيمِ حيدري: فطرتي شين جي پائمالي، سماج ۾ ٿيندڙ بي انصافيون، ظلم ۽ زيادتي، خاص طور ٻارن ۽ عورتن سان ٿيندڙ تشدد جا واقعا... ۽ فطرتي حسن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
نَسيمِ حيدري: پڙهائي دوران زبيده ڪاليج حيدرآباد مان نڪرندڙ ڪاليج مخزن ۾ 82-1981ع.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
نَسيمِ حيدري: اخبارون پڪار، اعلان حق، هلال پاڪستان ۽ ٻيون. رسالا پيغام، مهراڻ، سگهڙين سٿ، سرتيون، ماهوار حياتي (سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن) ۽ ٻيا.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
نَسيمِ حيدري: نظم نثر ٻنهي ۾، پسنديده صنف نظمُ.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
نَسيمِ حيدري: لڳ ڀڳ 20 ڪهاڻيون (ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل).
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو سال؟
نَسيمِ حيدري: ڇپائيءَ جي مرحلن ۾.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
نَسيمِ حيدري: سٺو.. همٿ افزائيءَ وارو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
نَسيمِ حيدري: منهنجي استاد ميڊم فهميده حسين.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
نَسيمِ حيدري: جذبي فڪر جو فني اظهار، اندر جي پيڙا ۽ بي چيني، اندر جي اُڌمن ۽ احساسن جو خوبصورت لفظن ۾ بيان.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
نَسيمِ حيدري: اندر جو فطرتي ۽ حساس جذبو جنهن جي اڀار سان هڪ انسان پنهنجي انسانيت واري منسب تي فائز ٿئي ٿو. محبت جي جذبي سان ڪائنات سهڻي ۽ خوبصورت ٿيو پوي. ”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو. (شاهه)
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
نَسيمِ حيدري: شاهه لطيف، شمشير الحيدري، امر جليل ۽ نور الهديٰ شاهه.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
نَسيمِ حيدري: شمشير الحيدري.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
نَسيمِ حيدري: شاهه جو رسالو، گلاب، ڪارو، سيارو، صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
نَسيمِ حيدري: هم خيال ساٿيءَ جو ملڻ/پهرن ڌيءَ ڪنول جو پيدا ٿيڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
نَسيمِ حيدري: بابا سائينءَ جي وفات/وڇوڙو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
نَسيمِ حيدري: عزت، احترام، پنهنجي حقن جي پاسداري، تحفظ ۽ مناسب آزادي، بنيادي حق ۽ اظهار راءِ
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾ .؟
نَسيمِ حيدري: عورت هر روپ ۾ قابل احترام ۽ مقدس آهي، ماءُ جي روپ ۾ جنت، ڌيءَ جي روپ ۾ رحمت ۽ زال جي روپ ۾ زندگيءَ جو ساٿي آهي کيس انسان سمجهيو وڃي... جاگير نه..
سوال: اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
نَسيمِ حيدري: سٺي ۽ ڪارائتي ادب سرجڻ جا سبب روحاني ۽ جذباتي ٿين ٿا. ڪنهن دور ۾ سنڌي ادب ۾ حب الوطنيءَ جي جذبن سبب تمام سٺو ادب سرجندو هو. ليکڪ سنڌ امڙ جي مان ۾ گيت، وايون ۽ غزل لکندا هئا. نثر نويس پڻ سنڌيت کي نروار ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ حب الوطنيءَ جا جذبا اُڀيريندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جا تمام وڏا نالا ۽ قومپرست تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ تمام وڏا نالا موجود هيا، جن جي لکڻين سان عام ماڻهو جي جذبن جي پرورش ٿيندي هئي، پر جڏهن کان سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي کان خالي ادب پيش ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته ان مان اها جاذبيت به نڪري وئي آهي. شاعر ۽ نثر نويس عام ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آهن ۽ هاڻ جيئن ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ بجاءِ عام ماڻهو ميڊيا، ٽي وي ۽ نيٽ کي پنهنجي علم وڌائڻ جو ذريعو سمجهي ٿو، ۽ سنڌي ميڊيا ۽ نيٽ اهو ڪردار ادا ڪرڻ کان عاري آهي ان ڪري معياري ادب جو پيدا ٿيڻ پڻ سستيءَ جو شڪار آهي. اُن جو وڏو سبب آهي سهولتن، ادارن جو فقدان ۽ موجوده ادارن جو ڪم نه ڪرڻ. ادب کي وڌائڻ لاءِ ميڊيا، ڪتاب، اخبار ۽ رسالا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌي ميڊيا اهو ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي جيڪو ٻين ٻولين خاص طور اردو ٻوليءَ جي ميڊيا ڪري پئي. ڪتاب ڇپجڻ يا پڙهڻ وارو رجحان گهٽ ٿيندو وڃي ۽ اخبارون يا رسالا پڻ ادبي خدمت ڪرڻ کان وانجهيل آهن. ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيون، سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي ٻوليءَ جا ادارا وغيره پڻ سَهِي ادبي خدمت ڪرڻ کان وانجهيل آهن. تحقيق ۽ کوجنا جو عمل رُڪيل آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌي ادب لاءِ هڪ تنظيم سنڌي ادبي سنگت پڻ فعال هئي پر اڄ ڪلهه اها پڻ غير فعال ۽ ويڙهه جو شڪار آهي. هي دور آهي انٽرنيٽ جو ۽ سنڌي ادب کي پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي مدد پاڻ ڪندي نظر اچي ٿي پر ٻين ٻولين ۾ ڪئي ويب سائيٽس آهن جيڪي ادب کي آن لائين پيش ڪن ٿا ۽ انهن کي مدد پاڪستاني ادارن کان ملي ٿي. ادب کي سٺي پذيرائي ملندي ته ليکڪن کي پڻ پذيرائي ملندي، ان ڪري ادبي ادارن کي تڪڙو ۽ طاقتور ٿيڻو پوندو. سٺي لاڳت ٿيڻ گهرجي ته جيئن لکڻ وارن جي سهائتا ۽ مالي مدد ٿي سگهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
نَسيمِ حيدري: تنقيد کي انگريزيءَ ۾ (Criticism) ۽ اردو ۾ نُقطه چيني به چئجي ٿو. جنهن جي معني آهي ڪنهن ليک يا شئي سان انصاف ڪرڻ ۽ ان جي تور تڪ ڪرڻ جيئن سونارو سون کي ڪسوٽيءَ تي مهٽي سون جي اصليت بيان ڪندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ٻن قسمن جي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. تنقيد براءِ تنقيد ۽ تنقيد براءِ اصلاح. گهڻا تنقيد نگار ۽ اديب ڪنهن اڀرندڙ ليکڪ ۽ ليکڪائن تي ذاتي انا سبب بجاءِ ان ليک تي تنقيد ڪرڻ جي، شخصي تنقيد ڪن ٿا ان ڪري اصلاح جو عمل رڪجي وڃي ٿو ۽ ذاتي رنجشون پيدا ٿين ٿيون. تنقيد براءِ اصلاح ڪندڙ ۽ اعليٰ ظرف ليکڪن جو تعداد تمام گهٽ هجي ٿو، جيڪي ڪنهن ليک سان انصاف ڪري سگهن ۽ ليکڪُ پنهنجي لکڻيءَ کي سڌاري سگهن ۽ سکڻ جو عمل جاري رهي. ڪي ليکڪ پڻ ڪند ذهن هجن ٿا، جو سندن لکڻيءَ تي اصلاحي تنقيد به ڪجي ته هو ان کي به برداشت نه ٿا ڪن ۽ سکڻ جي بجاءِ ذاتي رنجش ۾ تبديل ڪري وجهڻ جي غلطي ڪن ٿا ۽ ادب ۾ سڌاري ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا.
سوال: ادبي سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
نَسيمِ حيدري: سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جا ميمبر.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
نَسيمِ حيدري: جر تي بيٺل ڦوٽي جيئان پر جيڪي پل آهن سي تمام سهڻا ۽ وڻندڙ آهن.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
نَسيمِ حيدري: زندگيءَ جو اَنتُ ۽ ابدي ننڊ.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: نفرت پڻ اندر جي منفي احساسن جو نالو آهي ۽ محبت جي ابتڙ سماج ۾ ناپسنديده آهي، اهو احساس سماج ۾ خرابيون پيدا ڪري ٿو، ان ڪري ان احساس يا جذبي کي ماري مات ڪرڻ گهرجي ته، جيئن سماج ۾ محبت نروار ۽ ڪامياب ٿئي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
نَسيمِ حيدري: ڏٺو وڃي ته دل طبعي طور تي جسم کي رت پهچائڻ ۽ زندهه رکڻ جو هڪ آلو آهي، پر روحاني طور تي انسان جي احساسن ۽ جذبن جو هڪ مرڪز آهي، جنهن مان ڏک، خوشي، محبت، نفرت وغيره جهڙا جذبا اڀري نڪرن ٿا.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
نَسيمِ حيدري: ڪهاڻين جو ڪتاب ”سرنهن پيلا جهليندي گل“ شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو تجويز ناهي ڪيو.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
نَسيمِ حيدري: ڪجهه نرم ڪجهه سخت.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
نَسيمِ حيدري: بي اصولي، ڪوڙ، دوکيبازي، منافقت ۽ بي ترتيبي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
نَسيمِ حيدري: (1) زبيده ڪاليج حيدرآباد طرفان تقريري مقابلي جو ايوارڊ، (2) بين الاقوامي سچل ڪانفرنس (سگا) پاران شيلڊ، (3) ڪراچي يونيورسٽي طرفان مڃتا طور مليل شيلڊ، (4) ريڊيو پاڪستان پاران نوجوانن جي پروگرام جي ميزباني ڪرڻ جي مڃتا ۾ مليل سرٽيفڪيٽ. (5) عزم پاڪستان مئگزين طرفان ايوارڊ.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪجهه وقت هن دنيا کان ڏور، تخيل جي اڏام سان گڏ، تصوراتي ۽ سوچن جي دنيا ۾.
سوال: درد ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: درد انسان جو فطري جذبو آهي. شاعر، اديب، دانشور يا مفڪر هڪ حساس دل رکندر باشعور ۽ روشن ضمير ٿئي ٿو. منجهس درد مند دل جو هجڻ ضروري آهي. درد يا پيڙا پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ هجي يا پوري انسان ذات لاءِ.. دنيا جا جيڪي به شاعر آهن، انهن ڏکن کي سکن جي سونهن ڪري پيش ڪيو آهي. سور، غم، ڏک، درد، گداز ۽ گوندر جهڙا لفظ سڀني شاعر وٽ ملن ٿا. جيترو درد وڌيڪ اوترو تخليق سگهاري ٿئي ٿي. سچ ۽ عشق جي رستي ۾ سور ۽ پيڙائون ڀوڳڻيون پون ٿيون، اهڙا انسان مضبوط ٿين ٿا ۽ سورن کي مُرڪ سمجهندا آهن. شاهه صاحب سورن کي ڏکن جي سونهن سمجهي ٿو. ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ“ يا وري چيو اٿس ”سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.“
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
نَسيمِ حيدري: بلڪل نه. منهنجي خيال ۾ مطمئن ٿيڻ معني بيهجي وڃڻ. هر شئي وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي ٿي. انسان جا فڪر، خيال ۽ ويچار بدلجندا رهن ٿا ۽ انهيءَ سچ کي قبول ڪرڻو پوندو آهي. ننڍپڻ ۾ اسان جيڪو پڙهيو ۽ پرکيو اهو ٻيو ڪجهه هيو ۽ هاڻ ٻيو ڪجهه. انسان هميشه کان بهتر کان بهتر جي طرف وڌندڙ ۽ تلاش ۾ آهي. خاص طور تي هڪ تَخليقڪار جو بي چين روح هجي ٿو، جيڪو کيس ڪڏهن چين سان رهڻ نه ٿو ڏئي، هر وقت نوان خيال ايندا رهن ٿا، جنهن ڪري هو مطمئن رهي نه ٿو سگهي.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪنهن به نه.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
نَسيمِ حيدري: پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو آهي ادارن ۽ حڪومت پاران سهولتن جو فقدان. عورت معاشرتي طور مذهبي ادارن پاران تنقيد ۽ فتوائن کان ڊنل آهي. غير ترقي يافته ذهني سوچ جو شڪار آهي. عورت ۽ مرد جي جنسي فرق سبب پڻ عورت کي مشڪل ٿئي ٿي، فطرتي طور تي عورت ۽ مرد جون ذميواريون الڳ الڳ آهن عورت کي نوڪريءَ کان علاوه پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻارن پالڻ ۽ ڄڻڻ جي ذميواري پڻ نڀائڻي هجي ٿي. حڪومتي يا غير حڪومتي ادارن ۾ عورتن جي لاءِ نوڪرين جو تعداد گهٽ هجڻ ۽ انهن ادارن تائين عورت جي پهچ ۽ سفري سهولتن جو فقدان پڻ عورت کي پيش اچي ٿو. مرد ته سائيڪل، موٽر سائيڪل يا ڪنهن ٻي سواريءَ ذريعي پهچيو وڃي پر عورت ائين ڪرڻ کان قاصر آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
نَسيمِ حيدري: دنيا جي هر معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي تڪليفون ۽ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، پر خاص ڪري سنڌي معاشري ۾ وڌيڪ مشڪلاتون آهن، جهڙوڪ: (1) سهولتن جو فقدان، (2) علمي ۽ ترقي يافته سوچ جي ڪمي، (3) جنسي ڏاڍائي. جيئن ته سنڌي معاشري ۾ عورت اڪيلي سر سفر ڪري نه ٿي سگهي، ان ڪري هوءَ ادبي گڏجاڻين ۽ ادارن تائين رسائيءَ ۾ تڪليف محسوس ڪري ٿي. علمي کوٽ ۽ غير ترقي يافته سوچ سبب کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ۽ کيس دلبرداشته ڪيو وڃي ٿو.عورت ليکڪائن کي مردن سان گڏ پنهنجي عزتِ نفس کي بچائڻ جو ڀئو رهي ٿو. حل اهو آهي ته: عورت ليکڪا کي پنهنجي ارادي جي پختگي ۽ عزم سان وڌڻو پوندو جيئن موجوده دور جو بهترين مثال، محترمه نور الهديٰ صاحبه ۽ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه آهن. گڏيل معاشرتي ترقي يافته سوچ ۽ سهولتن جو هجڻ ضرور آهي ته جيئن عورت آزادي محسوس ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ۽ گهر جي مرد ڀاتين جو تعاون پڻ اهم آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
نَسيمِ حيدري: ٿورو شوق باقي مجبوري. ڇو ته جڏهن ڪو واقعو يا ظلم ٿيندي ڏسجي ٿو ته دل جي هٿان مجبور ٿي قلم کڻڻو پوي ٿو. جڏهن مون پهرين ڪهاڻي لکي ”گلان“ جيڪا هڪ پورهيت عورت جي سچي ڪهاڻي آهي، ان پورهيت عورت جي زباني، ان سان ٿيندڙ بي واجبين ۽ ڪچڙي عمر ۾ ملندڙ ڏکن واري زندگيءَ جو احوال ٻڌو ته مون قلم کنيو، ساڳي نموني پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ سوين معصوم شاگردن جي ٿيندڙ قتل عام ۽ تشدد واري واقعي منهنجي اندر کي جهوري وڌو ۽ ننڊ ڦٽي وئي، مون ان بيچينيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ نظم لکيو ” هڪ سندر بن ۾.“
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
نَسيمِ حيدري: ڪڏهن تمنا نه ڪئي آهي، آئون سمجهان ٿي ته عزت شهرت انسان جي عمل جو نتيجو آهي. سـٺن ۽ ڪارائتن عملن سبب انسان کي شهرت ملي ٿي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
نَسيمِ حيدري: پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي ماحول ۽ سنڌي نوجوان کان ته هو سنڌ جي محبت کان وانجهيل آهن، جنهن سبب هو سنڌ جي تاريخي اهميت کان پري آهن ۽ معاشرتي سڌار آڻي نه سگهيا آهن. ائين به ناهي ته سنڌي نوجوان ۾ قابليت جي ڪمي آهي پر اها قابليت قومي ڪمن ۾ استعمال نه ٿي ٿئي.
**