هر عورت ظالم به نه آهي ۽ هر عورت مظلوم به نه آهي… مايا ساگر اوڏ
سوال: پڙهندڙن لاءِ توهان جو تفصيلي تعارف؟
مايا ساگر: اصل نالو تمشان، ادبي نالو مايا ساگر، نائين ڊسمبر 1984ع تي فقير سڪندر اوڏ جي گهر ۾ جنم ورتو، امڙ پدما، جنهن ڏهه مهينا گرڀَ ۾ سانڍيو. سندس کير پي آئون وڏي ٿيس، اُن جيجل جي کير/ٿُڃ جو قرض آئون ڪڏهن به لاهي نه سگهنديس.
سوال: توهان جي تعليم؟
مايا ساگر: منهنجي تعليم انٽر آهي، اسان جي بابا سائينءَ محنت ۽ مزدوري ڪري اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڙهايو لکايو، هميشه ٻين جا اجها اڏيندي، پاڻ ڪکائين گهر ۾ رهندي به اسان جي تعليم ڏانهن ڌيان ڏنو، ڏک ان ڳالهه جو اٿم ته اسان ڀينرن ڀائرن مان ڪنهن کي به ڪا به سرڪاري نوڪري ناهي ملي. هاڻ خدا جو شڪر آهي، ڪجهه ڀائر پڙهندا آهن، ڪجهه فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن مايوس ٿي سوچيندي آهيان ته هنن سرٽيفڪيٽن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيان.
سوال: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ سنجيده يا شرارتي؟
مايا ساگر: سنجيده.
سوال: ننڍپڻ ۾ اوهان ڪهڙيون رانديون ۽ ڪهڙيون شرارتون ڪنديون هيو؟
مايا ساگر: ننڍپڻ ۾ مون کي گڏين جي راند ڏاڍي وڻندي هئي، آئون امان کان چوري اها راند کيڏندي هيس. امان کي جڏهن به خبر پوندي هئي ته منهنجون گڏيون ساڙي يا اُڇلي ڇڏيندي هئي، آئون ڏاڍو روئيندي ۽ احتجاج ڪندي هئس، پوءِ منهنجي جيجان مون کي جهوليءَ ۾ کڻي پيار مان مٺي ڏيئي سمجهائيندي هئي ته ڏس پُٽَ! تنهنجو پيءُ بيمار آهي، ان هُوندي به هو ۽ مان ٻئي ڪلهو ڪلهي سان مِلائي ڀتيُون ٺاهِيندا آهُيون، اسين تمام ڏکئي دور مان گذري رهيا آهيون، تنهنجي بابا کي سائي ٿي وئي آهي. صبح جو سوير جڏهن هو ڪوڏر کڻي مٽي پُسائڻ لاءِ پاڻي ۾ لهندو آهي، تڏهن اُنَ جا لِڱَ ڪانڊارجي ويندا آهن، هن جو جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ پوءِ آئون ڪَکَ گڏ ڪري انهن کي باهه لڳائيندي آهيان، تنهنجو ابو باهه تي سيڪ وٺي ٻيهر وڃي مٽي پُسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسين نه ٿا چاهيون ته جيڪا زندگي اسان جي گذري رهي آهي، ائين اوهان جي به گذري، ان ڪري تون ڪتاب کڻي پڙهه ۽ ننڍڙن ڀائرن کي به پڙهاءِ، امڙ جو اهڙو پيارُ ڏسي ۽ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي مون کان گڏيون وسري وينديون هيون. ان ڪري شرارتون به گهٽجي ويون.
سوال:ننڍپڻ ۾ اوهان کي ڪڏهن گهر ۾ يا اسڪول ۾ مار ملي؟ جا اڃا تائين يادِ هُجي؟
مايا ساگر: ها! اڄ به مون کي اهو پل ياد آهي، آئون ڪچي پهرئين ۾ پڙهندي هيس، بابا سائين مون کان سبق پڇڻ لڳو ” هي ڇا آهي؟ پڙهه.“ مون دير ئي نه ڪئي پڙهيم ”ڪنگو ڏئي ٿو.“ جڏهن ته لکيل هيو: ”ڦڻي ڏئي ٿو.“، ان وقت بابا منهنجي ڳل تي هڪڙي ٿڦڙ هنئي، اها ٿڦڙ پهرين ۽ آخري ٿڦ هئي، پوءِ مون کي اسڪول ۾ جيڪو به سبق ملندو هيو. آئون اُهو ته ياد ڪندي هُيس. پر اڳواٽ وڌيڪ سبق ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هيس، بابا جي ٿڦڙ کان ڊڄي ويس.
سوال: ڪا اهڙي شرارت جنهن تي پڇتاءُ ٿيندو هجي ته ائين نه ڪرڻ گهرجي ها؟
مايا ساگر: اهڙي ڪا به نه.
سوال: ننڍپڻ جو ڪو خوشگوار واقعو؟
مايا ساگر: جڏهن بابا سائين سان گڏ گهمڻ ويندي هيس.
سوال: اوهان جي ازدواجي حيثيت!؟
مايا ساگر: شادي شده، ٻه پٽ، آديش ڪمارُ، سنديش ڪمار ۽ هڪ ڌيءَ امرتا گل جن جي مرڪن، ٽهڪن ۽ شرارتن پويان پنهنجو پاڻ وساري ڇڏيو اٿم.
سوال: عام تاثر اهو آهي تهَ Working Woman ٻارن کي وقت ۽ بهترين تربيت نه ٿي ڏئي، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
مايا ساگر: اهو غلط آهي Working Woman پنهنجي اولاد کي وقت ۽ بهتر تربيت نه ٿي ڏئي سگهي، هر ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ سوچيندي آهي ته جيئن هو پڙهي لِکي اڳتي وڌن، ڪنهن جا مُحتاج نه ٿين.
سوال: ٻارن جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟
مايا ساگر: ننڍڙن ٻارن جي واڌ ويجهه کان وٺي سندن تعليم تي ڌيان ڏجي، کين نصيحتن واريون ڪهاڻيون ٻڌائجن ۽ پڙهائجن، انهن معصوم گلن کي دوستاڻو ماحول ڏجي.
سوال: سماج جي سڌاري لاءِ ميڊيا کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
مايا ساگر: ميڊيا ته پنهنجو ڪردار نڀائيندي، هر درد وندي جي دانهن کي عوام ۽ وس وارن آڏو پيش ڪيو آهي، اسان جي ديس جي صحافين جون زندگيون محفوظ ڪٿي آهن؟ اُنهن جي پنهنجي زندگي ئي داءُ تي لڳل هوندي آهي، تنهن هوندي به هر ڪيس کي وائکو ڪندا پيا اچن، پوءِ چاهي کين پنهنجي جان تان هٿ ڇو نه کڻڻو پوي، سَرِ عام صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي، انهن جو قصور اهو آهي جو هنن جو تعلق ميڊيا سان آهي ۽ هو سچ لکن ٿا.
سوال: عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟ ڇا اڄ جي عورت کي اها آزادي ملي آهي، جيڪا اُن جو حق آهي؟
مايا ساگر: گهٽ ۾ گهٽ عورت کي ايتري آزادي ملڻ گهرجي، جو هوءَ گهر ٻاهر نڪري نوڪري ڪري يا هنر جي سکيا وٺي، پنهنجي تعليم جو فائدو وٺي، اڄ به عورت جي پيرن ۾ زنجيرون پيل آهن، اڄ به عورت کي بي زبان جانور جيان سمجهيو وڃي ٿو، مرد اُن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ئي ساهه کڻڻ ڏئي ٿو... ها! باقي ڪٿي ڪٿي ڪي اهڙا ماڻهو ملندا جيڪي سچيءَ دل وارا پوءِ چاهي پڙهيل هجن يا اڻ پڙهيل پر عورت جي راهن جي رڪاوٽ نه بڻجندا آهن،کين پنهنجي مرضيءَ تي جيئڻ جو حق ڏيندا آهن.
سوال: آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
مايا ساگر: آزادي ۽ ڇڙواڳي ٻه الڳ شيون آهن، آزاديءَ سان انسان پنهنجي زندگي سنواري اڳتي وڌي ٿو، باقي ڇڙواڳي جو تعلق آزاديءَ سان بلڪل ناهي، انسان جي اگر سوچ ڇڙواڳ ٿي ته هُو لوهن ڪوٽن ۾ به معاشري ۾ خُوارُ خراب ٿي ويندو آهي.
سوال: اڄ جي عورت جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ اُنهن جو حل ڇا آهي؟
مايا ساگر: مهانگائي ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهي آهي، هڪ پڙهيل لکيل عورت کي سرڪاري نوڪري ته ملڻ کپي.
سوال:عورتن جون تنظيمون، عورتن جي مسئلن جي حل ۽ حق لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن؟
مايا ساگر: عورتن جون تنظيمون ٻڌيون اٿم، ڏٺيون نه اٿم، اگر اهڙيون تنظيمون آهن به ته نالي ماتر.. غلاميءَ جي گهاڻي ۾ اڄ به عورت پيڙجي رهي آهي، آهي ڪا اهڙي تنظيم جيڪا روڪي سگهي، اُنهن ظالمن کي جيڪي عورت کي پنهنجي جُتيءَ جيان سمجهن ٿا، يا ته غلط لفظن جا تيرَ انهن جي دلين تي هڻن ٿا يا ڪو ٻيو طريقو استعمال ڪري سندن دل آزاري ڪن ٿا. اگر ڪا پڙهيل لکيل عورت ان ظلم کان تنگ ٿي، اُن ظالم کان سوال ڪري ٿي ته ائين ڇو ٿو ڪرين؟ آئون انسان آهيان. هوا جي ڌيءَ آهيان، تنهنجي عزت آهيان ته بدلي ۾ مرد اُهو ئي چوندو تنهنجي زبان وڌي وئي آهي، منهنجي سامهون ٿي ڳالهائين؟ پاڻ ڀلي روز عورت کي ذليل ڪندو هجي پر اُن جي هڪڙي ئي جواب تي عورت تي طرح طرح جو تشدد ڪيو وڃي ٿو، وارن کان جهلي، گهلي ان کي گهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، پوءِ اهي تنظيمون ڪٿي هونديون آهن، جيڪي اسان پڙهيل لکيل ماڻهن به ناهن ڏٺيون ته پوءِ اسان جون اهي مظلوم عورتون پنهنجي داد فرياد لاءِ اُنهن تائين ڪيئن پهچنديون.؟
سوال: ڪارو ڪاري، بدي جي شادي، خون بها ۽ حق بخشرائن وارين رسمن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
مايا ساگر: زندگين جو ذيان ڪيو وڃي ٿو، غيرت جي آڙَ ۾ راڪاس جيان انساني جانين جا ڪاسائي، سوليءَ تي لٽڪڻ کپن، بدي جي شادي اگر ڪامياب آهي ته سهي آهي، اگر انهن مان ڪنهن هڪ به منهن موڙيو ته ان سان گڏ ٻيون زندگيون به برباد ٿي وينديون آهن، خون بها ۾ ويندڙ معصوم گلن جهڙيون ٻارڙيون ڇا ڄاڻن؟ اها ته گندي ۾ گندي رسم آهي باقي حق بخشائڻ واري رسم هاڻي اسان وٽ ختم ٿي وئي آهي، هن دور ۾ ڏٺو وڃي ته ٻارنهن تيرنهن سالن جون معصوم نياڻيون به پرڻايو ڇڏين، اهو عمل پڻ غلط آهي.
سوال: پريمي جوڙن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ اڄ ڪلهه پريمي جوڙا عام جام ٿي پيا آهن، ان جو ڇا سبب آهي؟
مايا: عارضي خوشين پويان ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجن جي عزت تي ٽڪو هڻن ٿا، اها ڪهڙي شادي جنهن ۾ نه پنهنجا نه پنهنجن جون دعائون هجن، ڪجهه جوڙا مجبوريءَ کان به اهو قدم کڻندا آهن، جو انهن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي هوندو، والدين کي به پنهنجي اولاد جي خواهشن جو خيال رکڻ گهرجي.
سوال: مرد ۽ عورت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، هڪ گاڏيءَ جا ٻه ٽائر آهن، اگر هڪڙو ٽائر پنڪچر ٿيو ته زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ ڏکي ٿي پوندي، انهيءَ ڪري هڪ ٻئي جو خيال رکجي، جيترو خيال عورت مرد جو رکندي آهي اوترو مرد نه ٿو رکي.
سوال: عورت وڌيڪ ذهين آهي يا مرد؟
مايا ساگر: عورت.
سوال: اڄ جو معاشرو Working Woman کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسي ٿو؟
مايا ساگر: عورت کي کپي ته هوءَ پنهنجا ارادا مضبوط رکي، بهادر بڻجي Work ڪندي رهي، باقي ”ڪتا ڀونڪندا رهندا، فَقيرَ پنندا رهندا.“ ڇا جاهلاڻي سوچ رکندڙن جي ڪري اسان جون نياڻيون صرف ٿانَوَ ٻُهاريءَ تائين محدود رهن، نه ائين نه، جيئڻ لاءِ جستجو لازمي آهي.
سوال: عورت ظلم آهي يا مظلوم؟
مايا ساگر: هر عورت ظالم ناهي ۽ هر عورت مظلوم به نه آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مايا ساگر: تعليم، عزت ۽ شهرت.
سوال: موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڪهڙا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر پيا آهن ۽ نئون نسل انهن مان ڇا پرائي رهيو آهي.؟
مايا ساگر: انهن سائنسي ايجادن مان وڏو فائدو ٿي رهيو آهي، ڪو ڪم ڪار ٿئي ٿو ته سيڪنڊن ۾ ميسيج پُڄيو وڃي، ڪا معلومات گهرجي ته منٽن ۾ مليو وڃي پر ڪجهه نوجوان ادا ۽ ادڙيون انهن جو غلط استعمال ڪري پنهنجو وقت وڃائي رهيا آهن.
سوال: اوهان جون مصروفيتون ڪهڙيون آهن؟
مايا ساگر: شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ، ادبي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ، اُن سان گڏ پنهنجي همسفر شاعر ارمان گل ۽ ٻارن جو خيال رکڻ.
سوال: اوهان ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهنديون آهيو.؟
مايا ساگر: شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي آهيان، انهن جي پڙهڻ سان سُڪون ملندو اٿم.
سوال: اوهان جي پسند جو ڪتاب؟
مايا ساگر: شاهه جو رسالو ۽ مها ڀارت.
سوال: اوهان جي پسند جا شاعر/اديب ڪهڙا آهن؟
مايا ساگر: شاهه سائينءَ کان پوءِ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، ساحر راهو، ايوب کوسو، پروفيسر علي حسن خاصخيلي، آصف مٺياڻوي، ايس نسيم ميمڻ، مهڪ جوڳي، ڪوثر ٻرڙو، ارمان گل اوڏ سميت کوڙ سارا اديب شاعر آهن، جيڪي مون کي پسند آهن.
سوال: اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو وڻندا ۽ نه وڻندا آهن.؟
مايا ساگر: دل جا صاف ۽ نيت جا سچا ماڻهو مون کي وڻندا آهن، جن جي وات مان گارگند نڪري ۽ عورت تي ظلم ڪن اهڙا ماڻهو مون کي ناهن وڻندا.
سوال: سونهن اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: قدرت جي هر تخليق سندرتا سان سرشار آهي، سُونهن هجي ته سيرت به هجي.
سوال: فيشن اوهان جي نظر ۾ ۽ اوهان ڪيترو فيشن ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر:”وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو، فيشني به ٿيڻو پوي ٿو.“، فيشن ڪجي پر Limit ۾، Limit ۾ فيشن ڪندي آهيان، ماڻهو اهڙو فيشن ڪري جيڪو سڀني کي سُٺو لڳي.
سوال: اوهان جي پسند جو رنگ ۽ لباس؟
مايا ساگر: سڀئي رنگ پيارا آهن ۽ لباس ۾ ساڙهي پسند اٿم.
سوال: پسند جو گل؟
مايا ساگر: سورج مکي.
سوال: پسند جو کاڌو؟
مايا ساگر: مڇي، ساڳ ۽ چانورن جي ماني.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مايا ساگر: بابا سائين.
سوال: پسنديده سياستدان؟
مايا ساگر: محترمه بينظير ڀٽو صاحبه.
سوال:پسند جو شهر؟
مايا ساگر: نوشهروفيروز، جتي منهنجو جنم ٿيو، جتي منهنجون سرتيون اڄ به مون کي سارِين ٿيون، مون کان به اُنهن جي ياد وسري ناهي سگهي.
سوال: پسند جي موسم؟
مايا ساگر: منهنجو هڪ غزل آهي: جي تون ساڻ آهين ته خزان به بهار آ.
سوال: پسند جو ڏينهن؟
مايا ساگر: جمعي جو ڏينهن عبادت ۽ پوڄا جو ڏينهن.
سوال: پسند جو پهر؟
مايا ساگر: رات جو پهر، ڇاڪاڻ ته انسان سڄو ڏينهن ڪم ڪار پويان هوندو آهي، رات جو انسان گهٽ ۾ گهٽ سڪون جي ننڊ ته ڪري سگهي ٿو.
سوال: اهڙو ڪو گيت جيڪو اوهان کي گهڻو پسند هجي ۽ بار بار چپن تي ايندو هجي؟
مايا:کبھی بندھن جڑالیا، کبھی دامن چھڑالیا، ساتھی رہے کیسا صلہ دیا یہ وفا کا، کیسا صلہ دیا۔
سوال:زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: زندگي خدا طرفان عطا ڪيل هڪ انمول تحفو آهي، زندگي سنوارجي، خوش ٿي گذارجي، غمن ۾ نه گهٻرائجي، ڏک ۽ سک جيون جو حصو آهن.
سوال: زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو يا ڏک جيڪو نه وسريو هجي ۽ اڄ به اکيون آليون ڪري ڇڏيدو هجي؟
مايا ساگر: مان ۽ منهنجو ڀاءُ وڪيل اڃا پرائمري ۾ پڙهندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ ابوءَ جي طبيعت خراب هوندي هئي، هڪ دفعي بابا نواب شاهه پنهنجي دوست کان پئسا اُڌارا وٺي واپس نوشهري اچي رهيو هيو ته جيب ڪترا بابا جو کيسو ڪٽي پيسا کڻي ويا، بابا وٽ ٻئي کيسي ۾ ڪرائي/ڀاڙي جيترا پئسا رکيل هئا، اهي پئسا بابا پنهنجي علاج لاءِ وٺڻ ويو هئو، پر جڏهن گهر پهتو ته ڪارِي وارا ڪک يعني کيسو پيسن سميت غائب، ان وقت اسان ڀيڻ ڀاءُ اسڪول مان آيا هئاسين، امڙ اسان کي ڳڙ سان ماني ڏني ته اوچتو امان جي نظر بابا تي پئي، امان کان رڙ نڪري وئي، بابا بيهوش ٿي ويو هئو، ڏاڏي به دانهون ڪري رهي هئي، بابا جا هٿ پير ٺري چڪا هئا، ان وقت اسين ٻئي ڀيڻ ڀاءُ بابا لاءِ روئي به رهيا هئاسين ۽ سڏڪندي سڏڪندي ڳڙ سان ماني به کائي رهيا هئاسين، بابا کي ڪافي دير کان پوءِ هوش آيو هئو، پوءِ ٻڌايو هئائين ته پئسا نڪري ويا، قرض به وڌي ويو، تڏهن ڏاڏا بابا کي دلداري ڏيندي چيو ته پٽ الله توکي حياتي ڏئي قرض هٿن جي ميِر آهي، لهي ويندو، تون نه گھٻراءِ! سچ پُڇو ته اهي سڏڪا مون کي يادگار سڏڪا لڳن ٿا، جنهن ۾ بابا لاءِ تڪليف به هئي ۽ اسان جو بچپنو به جو بابا لاءِ روئي به رهيا هئاسين ۽ مانيءَ مان به هَٿَ نه پيا ڪڍون.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
مايا ساگر: اسا جي ڀائرن جو وڏو ٿيڻ ۽ بابا جي مزدويءَ مان جند آجي ٿي ۽ پنهنجي ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڪوٽڙي شفٽ ٿيا هئاسين.
سوال: زندگيءَ جو ڪڙو سچ!؟
مايا ساگر: زندگي آهي ئي ڪڙو سچ، نه چاهيندي به جيئڻو پوي ٿو.
سوال:اگر شاعره نه هجو ها ته ڇا هُجو ها؟
مايا ساگر: پوءِ آئون تمشان هجان ها، مايا ساگر نه.
سوال: ڇا اوهان جي شاعري ڪنهن ڳائي آهي؟
مايا ساگر: جي منهنجي شاعري استاد گجڻ فقير، ريڊيو خيرپور تي ڳائي آهي، منهنجو رڪارڊ ٿيل غزل آهي: هر دل تي گهاوَ گهرا، ورقن منجهه سمائيندي آهيان، گذري اذيتن مان ڀي آئون ڏاتِ سان نيهن نڀائيندي آهيان.
سوال: شاعريءَ ۾ اوهان جو استاد ڪير آهي؟
مايا ساگر: بابا سائين خود هڪ شاعر آهي، ائين سمجهو ته شاعري مون کي ورثي ۾ ملي آهي. شاعريءَ ۾ منهنجو پهريون استاد بابا سائين آهي، ان کان پوءِ استاد گجڻ فقير، رمضان رهبر، ذوالفقار ملڪ ۽ مرحوم ڀاءُ آصف مٺياڻوي جن پڻ منهنجي شاعريءَ جي اصلاح ڪري منهنجي همت افزائي ڪئي.
سوال: اوهان جي شادي لَو ميريج آهي يا رينج؟
مايا ساگر: مڪس پليٽ يعني لَو ميريج به آهي ۽ اسان ٻنهي جا پريوار به خوش ۽ راضي هئا.
سوال: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: ساٿ نڀائڻ سان دوستي، دوستي ٿئي ٿي. پر اڄڪلهه مطلب کان سواءِ ڪير به ڪنهن جو ناهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: هڪ پاڪ پوتر رشتو آهي، جنهن کان سواءِ انسان اڌورو آهي.
سوال: جواني اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: جواني مهمان آهي، وقت هوا جي جهونڪي جيان گذري ويندو آهي ۽ پوءِ چئبو آهي اڙي وقت موٽي آءُ.!
سوال:لکڻ جي حوالي سان اوهان کي ڪنهن سهارو ڏنو؟
مايا ساگر: منهنجي والدين مون کي تمام گهڻو همٿايو ۽ شاديءَ کان پوءِ منهنجي گهرواري ارمان گل پڻ مون کي همٿايو.
سوال: هن وقت تائين اوهان کي ڪو مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ يا ڪو اعزاز مليو؟
مايا ساگر: سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، ماهوار هالار ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ طرفان پڻ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو.
سوال: اوهان جو اسٽار ڪهڙو آهي، ڇا اسٽار تي يقين اٿَوَ؟
مايا ساگر: منهنجو اسٽار ميزان آهي، ان تي ڪڏهن ڪڏهن ڀروسو ٿي ويندو آهي.
سوال: ڏک ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيئن ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر: ڏک ملندو آهي ته روئي پوندي آهيان ۽ خوشيءَ وارن لمحن ۾ خوش ٿي مُرڪندي رهندي آهيان.
سوال: فارغ وقت ۾ ڇا ڪنديون آهيو؟
مايا ساگر: فارغ وقت ۾ اڪثر سلائي ڪندي آهيان، اگر ڏات جي ديوي مهرباني هوندي آهي ته پوءِ شاعري لکندي آهيان.
سوال:اها ناڪامي جنهن تي دل ڏکندي هُجي؟
مايا ساگر: کرنا سکے ھم پیار کا سودا قیمت ہی کچھ ایسی تھی، جیتی بازی ہار گئے ھم قسمت ہی کچھ ایسی تھی۔
سوال:ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڄ تائين پوري نه ٿي هجي؟
مايا ساگر: منهنجي اها خواهش ته مان ٽيچر ٿيان.
سوال: ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسان جو ادب ڪٿي بيٺل آهي؟
مايا ساگر: ٻين جي ڀيٽ ۾ اَسان جو سنڌي ادب تمام گهڻو سرجي رهيو آهي، سنڌي ادب جي ميدان ۾ کوڙ اَدا توڙي اسان جون اديون پنهنجو پاڻ ملهائي۽ مڃائي رهيون آهن.
سوال:اگر گهر ۾ ڪو اوچتو مهمان اچي وڃي ته؟
مايا ساگر: خوشي ٿيندي اٿم، مهمان ته مهمان آهن، هليا ويندا.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان شڪايت آهي؟
مايا ساگر: مون کي اُنهن پڙهيل لکيل جاهلن کان شڪايت آهي، جيڪي پڙهيل لکيل هوندي به عورت کي ٻاهر نڪرڻ ۽ نوڪري وغيره ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مايا ساگر: دردن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪارو.
سوال: لکڻ جي حوالي سان ڪي دشواريون پيش آيُون؟
مايا ساگر: تمام گهڻيون دشواريون پيش آيون، ماڻهن ڪافي ڳالهيون ٺاهيون، منهنجون تصويرون ۽ شاعري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڏسي اڃا تائين به گهڻا ماڻهو غلط ڳالهيون ڪندا آهن، مون کي لکڻ جي حوالي سان تمام گهڻيون بلڪه نه لکڻ جهڙيون به قربانين ڏنيون. آئون شاعريءَ کان بغير ائين آهيان، جيئن مڇي پاڻي کان بغير، بس! بابا کي خدا وڏي ڄمار ڏئي پنهنجي وَرَ ارمان جي به ٿورائتي آهيان، ان کي به منهنجي لکڻ جي حوالي سان ۽ منهنجون تصويرون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٻُڌڻيون پون ٿيون، پر مون کي چوندو آهي ته تون لکندي رهه بيپرواهه ٿي، مان ويٺو آهيان نه!
سوال: هن وقت تائين ڪيترو لکيو اَٿوَ؟
مايا ساگر: شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيترو مواد مون وٽ موجود آهي، ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب اڻ ڇپيل آهي، منهنجي شاعريءَ هالار، سنڌي رويو، پچار، سڌو، ڪرزما، عقيق، رحمت ڊائجسٽ عبرت مئگزين ۽ ٻين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهي.
سوال: هڪ سٺي ليکڪ ٿيڻ لاءِ ڇا جي ضرورت هوندي آهي؟
مايا ساگر: مشاهدي سان گڏ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي.
سوال: آٽو گراف ۾ ڇا لکنديون آهيو؟
مايا ساگر: زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي، هن سفر ۾ گلن سان گڏ ڪنڊا به راهن ۾ وڇايل آهن، ڏکن ۽ تڪليفن کان نه گهٻرايو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.
سوال: آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
مايا ساگر:
”رات سهائي ڀون، سنئين پٽين وڏو پنڌُ
ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين کي،
سدا خوش هجو آباد هجو. آمين.“
(ماهوار سرتيون آگسٽ/ ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيل)
**