شخصيتون ۽ خاڪا

قَدرُ منجهہ ڪِنار

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب، پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن، جيڪي ذاتي انٽرويوز، ايميل. فون، واٽس ايپ يا ميسينجر ذريعي ڪيل آھن. ھنن مان گهڻا انٽرويويز مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سھيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻھن جي حصي ۾ اچي ٿو.

Title Cover of book قَدرُ منجهہ ڪِنار

اڄ جي دور ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد وڏو آهي … مرتضيٰ لغاري

اڄ جي دور ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد وڏو آهي … مرتضيٰ لغاري


سوال: نانءُ ولديت سمت؟
مرتضيٰ لغاري: غلام مرتضيٰ ولد گل محمد لغاري.
سوال: جنم تاريخ ۽ هنڌ؟
مرتضيٰ لغاري: پهرين مارچ 1981ع، ڳوٺ تاجو لغاري، تعلقو شهدادڪوٽ، پراڻو ضلعو لاڙڪاڻو، هاڻوڪو قمبر شهدادڪوٽ.
سوال: ادبي نانءُ؟
مرتضيٰ لغاري: مرتضيٰ لغاري. پهرين مسافر مرتضيٰ لغاريءَ جي نالي سان به لکندو هوس، پر هاڻي مرتضيٰ لغاري ئي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
مرتضيٰ لغاري: تعليم؛ ايم اي سنڌي، ايم فِل سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ هلندڙ، نوڪري سرڪار اڄ تائين ڪونه ڏني، پيشو؛ پورهيت رهيو آهيان. 1994ع کان سائيڪلن جي پنچر کان پورهيي جي شروعات ڪندي، اليڪٽرانڪ، اليڪٽرانڪس کان ويندي مختلف شعبن ۾ تجربا ڪندي رائيس مل ۾ پهرين ڪجهه عرصو مزدوري ڪئي ۽ پوءِ 15 سال کن ٽيڪنيشن طور پورهيو ڪيو. جڏهن ته ادب سان پراڻي وابستگي سبب مشغلو پروفيشن ۾ تبديل ٿي ويو. 2000ع کان نئين آس مئگزين آندو، ايڊيٽر طور ۽ 2014ع دوران شهدادڪوٽ کان پبلشر طور ڪم شروع ڪيو، موجوده وقت ۾ مرڪ پبليڪيشنز ۽ پرنٽرز طور ڪراچيءَ مان ڪم ڪري رهيو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات، سال ۽ مهينو؟
مرتضيٰ لغاري: لکڻ جي شروعات 1994ع کان، مهينو ياد نه آهي.
سوال: ادبي استاد؟
مرتضيٰ لغاري: شاعريءَ ۾ بنيادي استاد عبدالله شاهه اطهر آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مرتضيٰ لغاري: استاد پيرل قمبر ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري اڪثر جلال چانڊيي جي آواز ۾ ٻڌندو هوس. جنهن بعد لکڻ جي شروعات ڪئي.
سوال: ڪهڙيون شيون، ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مرتضيٰ لغاري: استادن، اديبن ۽ هم اثرن جي صحبت هميشه لکڻ لاءِ اتساهيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مرتضيٰ لغاري: ياد نه ٿو اچي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مرتضيٰ لغاري: روزاني عوامي آواز، روزاني تعمير سنڌ، روزاني ڪاوش، روزاني سوڀ، روزاني واڪا، روزاني ايڪتا، هفتيوار سنڌو، پندرهن روزه عبرت مئگزين، ماهوار ادب، ماهوار هالار، ماهوار سڳند، ماهوار نئين سوچ، ماهوار مومل، ماهوار سورمي، نئين آس مئگزين، ماهوار پرک، ماهوار ناٽڪ، ماهوار ساڻيهه، ماهوار سنڌ دوست، ماهوار موهن جو دڙو، ماهوار رچنا، ماهوار لوڪ، ماهوار سهائي ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن مختلف وقتن تي ڇپيو آهي.
سوال: ڪهڙين صنفن تي لکيو اٿوَ ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: هونئن ته نثر توڙي نظم ۾ لکيو آهي، شاعريءَ ۾، غزل، گيت، وايون، چوسٽا، ٽيڙو، بيت، نظم وغيره لکيا آهن، پسنديده صنف غزل رهي آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، مقالا، خاڪا، اڊيٽوريل، پبلشر نوٽ، تجزيه، تبصرا، اڀياس توڙي ڪتابن جا بيڪ ٽائيٽل به لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪل ڪيتريون ڇپيل آهن؟
مرتضيٰ لغاري: ڪهاڻيون ننڍيون وڏيون 15 کن لکيون آهن. انهن مان ٻه چار شايع ٿيون هونديون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو تفصيل؟
مرتضيٰ لغاري: هن وقت تائين 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
1) ”برکا بوند بهار جي“، ترتيب: گڏيل شاعري (جنوري 2014ع)
2) ”نئون نئون مڌ آ“، ترتيب: گڏيل شاعري (آڪٽوبر 2014ع)
3) ”روهيڙي جا رتا گُل“، ترتيب: گڏيل شاعري (مارچ 2016ع)
4) ”پيئي جن پرک“ترتيب: (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي علمي ۽ ادبي شخصيت تي مضمون ۽ مقالا) سيپٽمبر 2017ع
5) ”سڳنڌ“، ترتيب: (سلطانه وقاسي جي شخصيت تي مضمون 2021ع)
6) ”ڏونگر ڏاري وينداسين“، ترتيب: (عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) 2021ع ۽ ڪجهه مختلف ڪتابن ۾ گڏيل شاعريءَ ۾ به ڇپيو آهيان.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هو؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجي خاندان ۾ يا ويجهن مائٽن ۾ ڪنهن به فرد جي ادب سان وابستگي نه هئي، نه آهي، نه رڳو ايترو پر اُن وقت ته تعليمي شعور به نه هيو، منهنجي پڙهائي ۾ به منهنجي ماءُ کان سواءِ ڪو به راضي نه هو. ان جي باوجود مون ننڍپڻ کان پگهر جو پورهيو به ڪيو ته علم ۽ ادب سان به عشق نڀايو. سو منهنجي پهرين تخليق ڇپجڻ تي ڪنهن به مٽ مائٽ کي ڪا به خوشي ته ڪو نه ٿي، پر خبر ڪونه پئي. ها پر دوستن ۾ سرهائي ضرور محسوس ڪيم. ڇو ته 2000ع کان اڳ ڪنهن به اخبار يا رسالي ۾ ڇپجڻ وڏي ڪاميابي هوندي هئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افضائي ڪنهن ڪئي؟
مرتضيٰ لغاري: پهريون ڀيرو عبدالله شاهه اطهر، ان کان پوءِ ڪيترائي نالا آهن، جن وقت به وقت منهنجي رهنمائي ته ڪئي آهي، ۽ حوصلا افضائي به ڪئي آهي، انهن ۾ محبوب شخصيت سائين مقصود گل، عبدالحڪيم ”ارشد“، ج ع منگهاڻي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، بيدل مسرور، پروفيسر اعجاز قريشي، خالده نسرين، عبدالواحد سومري ۽ ڊاڪٽر شير مهراڻي جهڙا نالا اهم آهن.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: ادب قومن جي سڃاڻپ جو ذريعو هوندو آهي، جنهن ٻوليءَ جو اديب سجاڳ هجي اُن کي ڪير به مٽائي يا ميساري نه ٿو سگهي. هاڻي اُهو تخليقڪار جي اظهار تي آهي، جيڪو ادب جي جنهن به صنف ۾ اظهار سولو يا سهنجو سمجهي ٿو اُهو اُن ۾ پنهنجو پيغام پڌرو ڪري ٿو. شاعري پڻ اهڙي اظهار جو ذريعو آهي، جنهن سان قومن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي. شاعر پيغمبر آهي ته شاعري پيغام آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: محبت اهو جذبو آهي، جنهن جي آڏو دنيا جي ڪا به نفرت ڪابه حيثيت نه ٿي رکي. محبت اُهو ذريعو آهي جنهن سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو تضاد ختم ڪري سگهجي ٿو، محبت انسانيت جو پهريون ۽ طاقتور جز آهي، جنهن سان انسان ڪيتريون ئي منزلون آسانيءَ سان طئي ڪري سگهي ٿو. چون ٿا محبت پٿر کي به پاڻي ڪري ڇڏي ٿي.
سوال: پسنديده شاعر، شاعرائون ۽ اديب؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي شاعريءَ جي زمين زرخيز آهي، ڪلاسيڪل دور پنهنجي حوالي سان انمول آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جو نالو اهم آهي. پر انگريزن جي دور ۾ داخل ٿيندي اسان کي شاعريءَ جي نئين ۽ رنگين دنيا پلئه پوي ٿي. ان دور کان اڳتي ڪمال جو تخيل ملي ٿو، جديد شاعريءَ ۾ اياز کان مٿاهون ته اڄ تائين ڪو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي، پر سندس ثاني به ڪونهي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته اياز جي دور يا ان کان پوءِ جا شاعر تاجل بيوس، شمشيرالحيدري، کان ويندي بخاري، پيرل قمبر تائين، يا راشد مورائي، عبدالحڪيم ”ارشد“، امداد حسيني، بيدل مسرور، مقصود گل واري ٽهي، انهن ۾ اياز گل، يا ادل تائين سٺا شاعر رهيا آهن، سعيد سومري، سعيد ميمڻ، ايوب کوسو، علي صفدر جي شاعري بهترين آهي. عورتن جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ ضرور آهي، پر اڄ جي عورت مڃتا ماڻي رهي آهي، ڊاڪٽر فهميده حسين کان نور الهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، ج ع منگهاڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ٻين جو ادبي پورهيو تمام گهڻو آهي، نئين ٽهيءَ ۾ رخسانه پريت، سيما عباسي ۽ خالده نسرين سميت کوڙ عورتون رستا روڪ باوجود بهترين لکي رهيون آهن. نه رڳو ايترو پر نئين ٽهي به سُٺو لکي پئي، اُها الڳ ڳالهه آهي ته جونيئرن ۾ شوق وارو شعلو شاعريءَ کي نقصان رسائي ٿو، پر ان جي اڳيان ديوار به نه ٿا بڻجي سگهون، ڇو ته مان ان خيال جو آهيان ته لکڻ کان ڪنهن کي به روڪي نه ٿو سگهجي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مرتضيٰ لغاري: کوڙ ساريون شخصيتون آهن، جيڪي مون لاءِ اتساهه جو سبب بڻيون، عبدالحڪيم ”ارشد“، مقصود گل کان وٺي، ج ع منگهاڻي، خالده نسرين، ان کان علاوه اسان کان جلد ئي وڇڙي ويل اسان جو استاد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، جيڪو منهنجو آئيڊيل رهيو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني ۽ خوشي؟
مرتضيٰ لغاري: انسان جي زندگي جدوجهد جو نالو آهي، موجوده سياسي ويڙهاند، هر پليٽ فارم ۽ هر موڙ تي ناني ويڙهو ۽ ڪرپشن وڏو عذاب آهي، سماج ۾ هيٺيون طبقو سڄي زندگي ڀوڳي ٿو. ان ڪري منهنجو جنم غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان ۾ ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو سڄي حياتي ڀوڳيو آهي، جسماني ڀوڳنا پنهنجي جاءِ تي پر ذهني ڀوڳنا به الڳ پلئه پئي، پاڻ امتحان ۾ گذاريو آهي، اهو سلسلو اڃان تائين کٽو نه آهي، اُن جي باوجود خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين روز واري مزدوري باوجود گهر جي چُلهه وسامي ناهي. مان ان کي به خوشي جي ڳالهه ٿو سمجهان جو ماڻهو ان دور ۾ به ذهن ۽ ضمير بچائي جيئي ٿو.
سوال: زندگي جو پهريون ڏُک ئي صدمو؟
مرتضيٰ لغاري: پنهنجي بابا کان پوءِ سائين مقصود گل ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو وڇوڙو.
سوال:اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مرتضيٰ لغاري: ڪائنات ۾ عورت جو وجود ئي حسين ترين آهي. اڄ جي عورت مرد سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلڻ چاهي ٿي، اڄ جي عورت پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي مڃتا چاهي ٿي، اڄ جي عورت برابريءَ جو حق چاهي ٿي، کيس برابريءَ جو حق ملڻ گهرجي.
سوال:اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان متعلق اوهان جي راءِ؟
مرتضيٰ لغاري: موجوده دور جو ادب معياري ۽ غير معياري اڌو اڌ آهي، ڇو ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪا به جامع تحريڪ سامهون نه آئي، سياسي ماحول ڏي وٺ جي بنياد تي روان دوان آهي، قوم پرستي ماٺار ۾ آهي، سماج ڀڄ ڊاهه جو شڪار آهي، سوشل ميڊيا توڙي مواصلاتي نظام جو پنهنجو ڪردار آهي، ان مان اسان جي اديب مناسب فائدو نه ورتو آهي. هاڻي جي آهي ته سماج ۾ بُک ۽ بدحالي آهي، جن اهڙي صورت حال پيدا ڪئي آهي جو ماڻهو سوال اٿارڻ جي سگهه به نه ٿو ساري، انهن خلاف بغاوت اڃا نه ٿي آهي، اسان ”جنهن ۾ خير“ واري فقري پويان زندگي گذاري رهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو ادب ۾ ڪا نئين جهلڪ نظر نه ٿي اچي. مجموعي طور ادب پنهنجي جاءِ تي بهتر سرجي رهيو آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي ٻوليءَ جي اديبن کي پذيرائي نه ٿي ملي، اِهو سوال مون لاءِ ڪجهه عجيب آهي، اڄ اسان وٽ پذيرائي جا کوڙ ذريعا آهن، اخبارن جو پيٽ خالي آهي، رسالا هڪ ته گهٽ شايع ٿين ٿا پر جيڪي شايع ٿين ٿا انهن ۾ سينيئرن کان وڌيڪ جونيئر ڇپجي ٿو، نوجوان سٺو پڙهڻ جو آدي نه رهيو آهي، پر جنهن رسالي، اخبار توڙي ڪتاب ۾ سندس مواد آهي اهو به خريد نه ٿو ڪري، اعزازي ڪاپي جو رجهان وڌي ويو آهي. ٽي وي چئنل جام اچي ويا آهن، مون جهڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي به روز دعوت ملي ٿي، فيس بوڪ تي شعر شيئر ٿيو ناهي واهه شروع ٿي وڃي ٿي، ان ۾ ڪا به حد يا روڪ رنڊڪ ناهي، لاڙڪاڻي جي شاعر کي برطانيا ۽ ڪئناڊا جو ماڻهو سڃاڻي ٿو ۽ داد ڏئي ٿو. مان ڀايان ٿو ته جام پذيرائي ملي ٿي. ها پر شايد جيڪا پذيرائي اوهان چئو ٿا اُن لاءِ اسان کي محنت جي ضرورت آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مرتضيٰ لغاري: سنڌي ادب ۾ اُهو نقاد اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي، جنهن کي برداشت ڪري سگهجي، مان نه ٿو سمجهان ته ڪو نقاد غيرجانبدار ٿي ڪنهن لکڻيءَ تي پنهنجي ڀرپور راءِ ڏئي ٿو، اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي ته فيس بوڪي ڪمينٽ کي تنقيد جو نالو ڏنو وڃي ٿو. نقاد لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ان شئي کي سمجهي، جنهن تي ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. سندس دليل ۾ دم خم هجي، ڪو حوالو هجي، ۽ سندس تجزيي ۾ اخلاقايات جو هجڻ ضروري آهي. اُن ڳالهه جي اسان وٽ ڏاڍي کوٽ آهي، موجوده دور ۾ وري به خليق ٻگهيي جي لکڻي تنقيد جي حوالي سان ڪجهه سگهاري آهي، سندس تنقيد ۾ تحمل به آهي. جيڪڏهن اهڙي تنقيد کي اڳتي آڻجي ته سٺا نتيجا نڪري سگهندا.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مرتضيٰ لغاري: اسان وٽ ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت رهي آهي، جيڪا پڻ اسان جي شروعاتي دور ڇڏي ماٺار ۾ رهي آهي، هر شاخ ۾ هڪڙو گروپ آهي، جنهن ۾ ٽوٽل عهديدارن جيترا ميمبر آهن، اُهي ئي هڪ ٻئي کي سڄي عمر سليڪٽ ڪندا رهن ٿا، هاڻي ته سنڌي ادبي سنگت تي وڌيڪ ڏکيو دور آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري، پر نااهل قرار ڏنو ويو ته خاموشي اختيار ڪئي. باقي بزم پيرل قمبر کان پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سان وابستگي رهي، ڪراچي منتقلي بعد سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ ميمبر شپ ورتي. هاڻي اُت به ميمبر مڃين ٿا يا نه اها خبر ناهي. سنڌ گريجوئٽس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ جو ميمبر رهيو آهيان. سياسي تنظيمن سان يا انهن جي ڪم سان دلچسپي ناهي رهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ماءُ جي هنج مان نڪري ماڻهو هڪڙي شعوري جهان ۾ داخل ٿئي ٿو، سڄي عمر جاکوڙ ۽ پوءِ الوداع ڪري وري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هليو وڃي ٿو. بس ان وچ ۾ جيڪڏهن ياد ڪرڻ جهڙو عمل آهي ته اُهو ماڻهو صديون جيئي ٿو.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: موت هڪ ڏينهن اچڻ وارو عمل آهي، اُن کان اڄ تائين عار وارو تصور نظر نه ٿو اچي. جيڪو خلقي ٿو اهو واپس ضرور گهرائي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
مرتضيٰ لغاري: دل محبوب جو گهر آهي. چون ٿا دليري ۽ بزدلي جو به دل سان ڪو تعلق آهي، مان ته سمجهان ٿو، هزارين ڳالهيون، سوچون، حقيقتون، ڪاميابيون، ناڪاميون سانڍڻ باوجود دل معصوم هجي ٿي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجو پهريون ڪتاب تحقيق تي آڌاريل هوندو، چاهيان ٿو جلد اشاعت هيٺ آڻيان، ان بعد شاعري، ان کان علاوه به نثر جا ٻه ٽي ڪتاب آهن، جن جا نالا اڃا فائينل نه ڪيا آهن. چون ٿا ماني پچائڻ واري جو ماڻهن کي کارائيندي کارائيندي ڍو ٿي ويندو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مرتضيٰ لغاري: تمام گهڻو حساس آهيان. خوشيءَ جي ڳالهه تي به اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو. ڪنهن کي به ڏکائڻ نه چاهيندو آهيان. ڪنهن جو به ڏک برداشت نه ٿيندو آهي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مرتضيٰ لغاري: منافقت کان ڏاڍي نفرت آهي، اڄ ته اهو رائج ٿي ويو آهي، گڏ هجو ته نيڪي، اُٿي وڃون ته گلائون شروع. ڪراچي اچڻ کان پوءِ اهڙا کوڙ سارا تجربا ٿيا، جيڪي هن ننڍڙي پروفائيل ۾ شيئر ڪرڻ کان وڏا آهن. زندگي رهي ته ضرور لکبا، الله ڪري رڳو ڳالهيون وسري نه وڃن.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
مرتضيٰ لغاري: منهنجي پروفيشن، منهنجي تخليقي پورهيي عيوض سُٺو ڪمينٽ به مون لاءِ وڏو ايوارڊ ۽ اعزاز آهي. ماڻهو پبليڪيشن يا پرٽنگ جي حوالي سان نالو ٻڌي مون وٽ پهچندا آهن، ۽ اهو اظهار ڪندا آهن ته خوشي ٿيندي آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: ويجهڙ واريون لکڻيون گهڻو ڪري ايڊيٽوريل، يا ادارتي نوٽ آهن، ان کان علاوه ڪي بيڪ ٽائيٽل تاثر به لکيا آهن. پر هر لکڻي دوران اهو ئي خيال رهندو آهي ته ڪٿي گهٽ وڌائي نه ٿي وڃي. جنهن شخصيت يا جنهن لکڻيءَ تي قلم کڻجي ٿو شال اُن سان نڀاءُ ٿي سگهي، انصاف ٿي سگهي. ان ڪوشش ۽ خواهش جي پويان سجاڳ يا شعور واري ليکڪ کي وار جهڙي سنهي تلوار تي هلڻو پوي ٿو.
سوال: درد ڇا آهي؟
مرتضيٰ لغاري: درد هڪڙي تڪليف جو نانءُ آهي، پيڙا جو نانءُ آهي، اڄ جي دور ۾ ڌرتيءَ جو درد وڏو آهي. ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽ بدران اکين ۾ لڙڪ ئي لڙڪ نظر اچن ٿا. اهو درد جيڪو اکيون پسائي ته ڇڏي ٿو پر سانجهيءَ کان پوءِ سمهڻ به ڪو نه ٿو ڏئي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: مون کي شاعري ڳارائڻ جو خيال اُن وقت هو جڏهن فنڪارن جا وڏا اگهه هئا، ڪنهن به راڳيءَ سان ملڻ کان اڳ ان جي ايجنٽ سان ملڻو ٿي پيو، ۽ انهن وري گيت ڳارائڻ جا 5 کان 20 هزار مُلهه ٿي ٻڌايا. 2000ع واري دور ۾، هاڻي ڏيو منهن؟ لکو به وري ڳارائڻ جا به ايترا پيسا ڀريو...!! ان ڪري شاعري ڳارائڻ کان دل ئي کڄي وئي، اُن جي باوجود پنهنجي هلڪي جي ٻن چئن فنڪارن ڳايو، جن ۾ ممتاز علي مستوئي، غلام شبير عباسي، ماسٽر رضا سومرو، امير کرل، تنوير علي (خدا ڏنو چوڍيو) ۽ ٻيا، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ٻن گيتن کان سواءِ ٻيا ڳايل گيت هاڻي اڻ لڀ آهن.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
مرتضيٰ لغاري: عورت لاءِ ملازمت ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن مرضي ۽ پسند موجب ڪم ڪري ٿي ته ڪو گناهه به ناهي. مسئلا رڳو عورتن لاءِ نه پر مردن لاءِ به آهن، ڇو ته مرد ۽ عورت جي فطرت پنهنجي پنهنجي آهي، جيئن عورت مرد جي ڪمزوري آهي، تيئن مرد عورت جي، ۽ هڪ ٻئي جي جياپي جو سامان به آهن. سماج ۾عورت توڙي مرد ٻنهي کي سبتو سوچڻو ۽ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان وٽ انتها پسندي عروج تي آهي، جيڪا غلط نتيجا ڏئي ٿي. باقي سڀ ڳالهيون اجايون آهن.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مرتضيٰ لغاري: سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. ماڻهپو تڪليف ۾ آهي. حساس ماڻهو مڙئي ڀوڳي ٿو، ممڪن آهي، عورت ۾ ڪجهه حساسيت وڌيڪ هجي ته ان کي وڌيڪ تڪليف ٿيندي هجي، منهنجي خيال ۾ هاڻي دور گهڻو ئي تبديل ٿي چڪو آهي. عورتون تعليم طرف وڌي آيون آهن، اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، يقينن اڃان به عورتن جي معاملن تي غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. برايون نه ته رڳو مرد ۾ آهن نه عورتن ۾. باقي رهي ڳالهه اها ته عورت پنهنجي معاملن ۾ سنجيده ٿي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي. ته بهتر آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مرتضيٰ لغاري: باشعور ليکڪ کي سماج جي اوڻاين تي قلم کڻڻ گهرجي، لکڻ نه ته شوق هجي ٿو نه مجبوري پر ضرورت هجڻ گهرجي. توڙي جو اسان سماج ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهون پر به ڪوشش ڪيون ٿا ته ڪجهه نه ڪجهه سُتل سماج کي جاڳايون.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مرتضيٰ لغاري: شهرت جي مٿاهين اڃان پري آهي، اسان پورهيت ماڻهو آهيون، انهن ئي پيرن تي رهنداسين. رهي ڳالهه اها ته پنهنجي شعبي جي حوالي سان سڄي سنڌ مان جيڪا محبتن واري موٽ ملي ٿي ان تي خوشي ٿيندي آهي.
**