پاڻَ کان هڪ شڪايت ضرور اٿم ته ايتري سادڙي طبعيت ۽ حساس دل وارو ڇو آهيان!؟ ….. جيئند علي مهر
سوال: نالو ولديت سميت؟
جيئند: منهنجو ڇٺيءَ جو نالو امڙ پنهنجي ڀاءَ جي نالي کي جياريندي، ان جي نسبت سان رکيو ”جيئند علي“ ذات مهر ولد عبدالغفور مهر پر گهر ۾ اڪثر مون کي ”پهلوان“ جي نالي سڏيندا آهن.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
جيئند: 26 ڊسمبر 1982ع، جنم هنڌ ڳوٺ جيئو مهر (ميرواهه) لڳ وزير آباد، تعلقو لکي غلام شاهه.
سوال: ادبي نانءُ؟
جيئند: ادبي نانءُ به ساڳيو ئي آهي. ”جيئند علي مهر.“
سوال: تعليم/نوڪري/ پيشو؟
جيئند: ايم اي، ايم ايڊ، استاد، دڪاندار، سماجي ڪارڪن.
سوال:لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
جيئند: سال 2001ع کان مهينو ياد ناهي.
سوال: ادبي استاد؟
جيئند: مان سڀني پاڻ کان سٺو لکندڙن دوستن کان سکندو آهيان. باقي پروفيسر ڊاڪٽر مهر خادم منهنجي حوصلا افزائي ڪري شاعريءَ ۾ شروعاتي شعور ڏنو، ان سان گڏوگڏ سائين راشد مورائي صاحب جن خط و ڪتابت ۾ شفقت ۽ ٻاجهه ڪندا هئا.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
جيئند: زماني جي ستم ظريفين، ارهه زوراين، ماڻهن جي ناقص روين سبب پنهنجي دل جو بارُ هلڪو ڪرڻ لاءِ قَلَم جي چيچ پڪڙي ادب پيچرن تي هلڻ سکون پيا، اڃان تائين.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
جيئند: اقربا پروري، زماني جون ويساهه گهاتيون، پنهنجن جا ستم، محبوبن جا ماڻا، دلين کي اجائي آزارڻ، مهڻا، ميارون، ڏک سور، صدما، گهڻو ڪري اهي ئي خاص سبب آهن، جيڪي هر ويلي لکڻ لاءِ اُتساهيندا رهن ٿا.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
جيئند: ماهوار موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو. سال 2001 ۾ وائي.
سوال:ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻيون ڇپيون آهن؟
جيئند: نالا ته ڪجهه ياد آهن، ڪجهه ناهن، ماهوار سوجهرو، ماهوار نئين زندگي، سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ سرتيون، ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين خوشبو، ماهوار هالار ڊائجسٽ، ماهوار ادب، سنڌ رويو، ڪرزما ڊائجسٽ، پوپٽ پبليڪيشن، نئين آس، حوصلو، گل ڦل، ٻارن جي دنيا، ڏات، سنڌو ڊائجسٽ، سڦلتا، اوسيئڙو، ڏات، سلسليوار صبا مئگزين، سنگت، ريڊيو پبليڪيشن، موهن جو دڙو، لوڪ، سُهائي، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڪاوش اخبار، ڪوشش اخبار، الک اخبار، تعمير سنڌ اخبار، سنڌ اخبار، سوڀ اخبار، ارادو، نداءِ سنڌ، هلال پاڪستان، فيصلو، عوامي آواز، سڪار اخبار. وغيره وغيره. تقريبن سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ انهن جي هفتيوار ادبي صفحن ۾ منهنجي شاعري، مضمون، ليک، تاثر، رايا، ڪهاڻيون، خاڪا ۽ اڀياس ڇپيا آهن.
سوال:ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي.؟
جيئند: هونءَ سنڌي ادب جون سڀئي صنفون دلبر جيتريون عزيز آهن، پر اصلوڪي نج صنف ”وائي“ منهنجي پسند جي صنف آهي، جنهن سان گهڻو روح ريجهيل آهي. جڏهن ته غزل، گيت، نثري نظم، چوسٽا، نثري ٽڪرا به لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻيون ڪيتريون ڇپيون.؟
جيئند: ڪهاڻيون تمام گهٽ لکيون آهن، پر هاڻي ڪهاڻي ۽ اسان لڳي ٿو ٺهي وينداسين. لکيون ته ٿوريون آهن، انهن مان ڏهه ٻارنهن کن ڪهاڻيون ٿينديون جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپيون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي مائٽن جو ڪهڙو ردِ عمل هيو؟
جيئند: ڪو خاص نه. ائين سمجهو ته جيڪي لوههُ ڪٽن لوهار تن کي ڪهڙو قدر سون جو، اهڙو ئي رشتيدارن جو رد عمل هو، منهنجي خاندان ۾، ٻيو ڪو به فرد ادبي کيتر کي سڃاڻي ئي ڪين. باقي آئون پاڻ ڄڻُ اُڏان پيو آسمان ۾، پنهنجي پورهئي جي پهرين مزدوري ڏسي، منهنجي خوشيءَ جي انتها نه هئي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
جيئند:پل پل جي حالتون پهريون سبب آهن ادب ۾ اڳتي اچڻ جو، ان سان گڏ دردن جا دهمان، سڄڻن جا آٿت به اڳتي وڌڻ جي اميد پيدا ڪندا اچن پيا.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:شاعري ڄڻ پيار جي پهرين چُمي هجي. جذبن جي ڀاڪر ۾ احساسن جو اُڀري اچڻ، سونهن جي آغوش ۾ جهومڻ، نچڻُ ۽ ڪُڏڻُ، الفتن جا سڀُ آڌار به شاعريءَ جا سونهان هن.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:محبت کان سواءِ ماڻهو اڌورو آهي، محبت انڌن لاءِ نور آهي، محبت نفرت جي دشمن ۽ انسانيت جي دوست آهي، باقي محبت سوا ڪم ڪهڙي جو هيءَ جهانُ. محبتون زندهه آباد. نفرتون مرده آباد.
سوال:پسنديده شاعر/شاعرائون، اديب/اديبائون؟
جيئند: هر اُهو شاعر، اديب، شاعره اديبا پسند آهي، جنهن جي شاعري لکڻي پڙهڻ سان روح گرمائجي وڃي، ساهه مان سِسِراٽيون اُڀري اچن، بار بار پڙهڻ لاءِ دل چوي ۽ عوامي انداز ۾ سرجيل هجي. ٿورن لفظن ۾ پنهنجو خيال پيش ڪري.
سوال: پسنديده شخصيت؟
جيئند: هر بااُصول شخص وڻندو اٿم، جيڪو منافقيءَ کان پري، يارن جو يار، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ رحمدل هجي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
جيئند: هر ان تخليقڪار جو ڪتاب پسند آهي، جنهن مان ڪجهه نه ڪجهه پرائجي ٿو، گل گلاب جو پسند آهي ڇو ته ان جو رنگ گلابي مون کي وڻندو آهي، سڀني موسمن مان محبوب سان ملڻ واري موسم وڻندي آهي، پوءِ اها ڇو نه جهولن منجهه ڪاڙهي واري گرمي يا پارو ڄمائيندڙ سردي هجي ۽ پهر صبح سوير جو سج اڀرڻ کان پهريان وارو پسند آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
جيئند: هُن جو مون ڏي ڪنڌ ورائي مرڪي ڏسڻُ. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب رهندي هئي دل بي چين، منهنجي ڪاش گذريل زندگي موٽي پئي وري. الله کان ٻيو ڇا گهران ڪاش اي ڪاش.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/ صدمو؟
جيئند:بابا سائين جو اوچتو دکدائڪ وڇوڙو، جنهن کي تيرهن سال گذري ويا آهن، پر زخم اڃان به تازو آهي، ڀرجي ناهي سگهيو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
جيئند: اهڙا سوال ڪري ساهه ته نه مُنجهايو، ڪٿي جهيڙو نه ڪرائي وجهو. اڄ جي عورت منهنجي نظر ۾ برابري ۽ سراسري ٿي چاهي. جيڪو ان جو حق آهي. پر حق حقدارن کي مليو ڪڏهن آهي، اسان مردن جي سماج ۾.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: جنت جو ٻيو روپ، عشق جي انتها، محبتن جي سڀُ مڻيا. هن سموري وشال ڪائنات جو حُسن عورت کان سواءِ خالي کوکلو آهي، ڄڻ رک، مٽي جو ڍير.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
جيئند: اڄ جي دور جو ادب به ڪنهن پهريان واري دور جي ادب کان گهٽ ناهي، ڇو ته اڄ جي دور ۾ به شاهوڪار ادب نثر توڙي نظم سرجي پيو. ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي ادب جي تاريخ نون لاڙن ساڻ روان دوان آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي.؟
جيئند: ان جو هڪ خاص سبب اِهو به آهي ته عام ماڻهن جو ڌيان ادب ۽ جاندار ادب جي واڌ ويجهه ڏانهن گهٽجندو پيو وڃي. هر ڪو شارٽ ڪٽ رستا ڳولي پنهنجو پاڻ ڪوڙي چمڪ سان سجائڻ ۾ پورو آهي، ائين ناهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب سرجي نه پيو، پر ادب ۽ ادبي ڪتابن کي پڙهڻ وارو ماحول گهٽجندو پيو وڃي، جيڪو پڪ سان اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. اڄ تائين به سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ زندهه تاريخ جا امر ڪردار آهن.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي.؟
جيئند:جائز تنقيد دراصل تخليق جو حُسن آهي، تنقيد جي ڪري ئي تخليق ۾ ساهه پوي ٿو، ۽ شاعر راين جي آويءَ منجهه پنهنجو پاڻ اُڇلائي ڪچي گهڙي جيان پچي راس ٿي نڪري ٿو. تنقيد اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي، تنقيد جو اسان جي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هجڻ ضروري به آهي، ڇو ته حسن جو سينگار هيرن جواهرن ساڻ ئي سهڻو لڳندو آهي. جيڪڏهن اسين هڪ ٻئي جي جائز تنقيد برداشت نه ڪنداسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين، ڪو به ماڻهو ماءُ جي پيٽ مان نه سکي ايندو آهي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
جيئند: س.ا.س شاخ لکي غلام شاهه سان سال 2001ع کان اڃا تائين سلهاڙيل آهيان، ان شاخ جي سيڪريٽري سميت مختلف عهدن تي مختلف وقتن ۾ ذميواريون نڀايون آهن.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جيئند:هڪ خوبصورت رقاصه جي رقص وانگيان پايل جي ڇم ڇم ۽ گُهنگهرن جي پڙلاوَ ڀاسي ٿي. زندگي هت درد جي چوواٽي تي ”جيئڻ لاءِ جيڏيون وڏا وس ڪيام“ وانگر به آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: موت هڪ تلخ حقيقت آ. جنهن کان جيترو ڀَڄجي اوڏو ئي مُنهن ۾. موت ساهه جو سنگتي آ، هن جهان کي ڇڏي ٻئي جهان تائين پُڄائڻ واري بنا ٽڪيٽ جي سواري. جيڪا سدائين مسافرن جي انتظار ۾ هار سينگار ڪيون بيٺي هوندي آهي، الائي جي ڇو هن زندگيءَ جا مسافر موت کي پنهنجو دشمن ٿا سمجهن.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جيئند: هڪ مٺو زهر، جيڪو ماري به ٿو ته کاري به ٿو. نفرت انسان جي انا ۾ ساهه ڦوڪي ٿي، سندس دل دماغ کي قابو ڪري ستم لاءِ همٿائي ۽ آخر ۾ نفرت جو نانگ پنهنجو پاڻ کي به ڳِهي وڃي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
جيئند: هڪ اهڙي بي چئي، پر پياري شئي، جنهن تي ڪڏهن به پنهنجو اختيار نه ٿو هلائي سگهجي،” ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾“ تڏهن به سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ اڳ کان به اڳرا بيٺا هوندا آهيون.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
جيئند: چُپِ، چُپِ، ماٺيڻي طبيعت ۾ پاڻ کي بهتر سمجهندو آهيان، هُل، هُجوم کان به گهڻو پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، شور شرابو ناهي وڻندو، پنهنجي ليکي سوچن جي سير ۾ زندگيءَ جو بتيلو هلائيندو رهان ٿو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
جيئند: اهڙا جڳ ۾ کوڙ ڪردار آهن جيڪي نه چاهيندي به ڪاوڙ جو سبب بڻجن ٿا، ان ۾ سڀ کان پهريان احسان فراموش، گڏ کائي گلائون ڪرڻ، ڌوڪو ڏيڻ، واعدو نه پاڙڻ، منهن تي کلڻ پر پٺ ٻيائي، ڪُل عقل داناءَ سمجهه واري جو به بي سمجهن جو پاسو کڻڻ تي ڪاوڙ لڳندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
جيئند: دوستن، گهڻگهرن، محبوبن پاران ملندڙ محبتون ئي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏا مڃتا ايوارڊ آهن، باقي هن زماني ۾ رهندڙ قربائتن جا به قرب آهن. جن ۾ ماهوار سنڌ رنگ ماهوار هالار ڊائجسٽ پاران سال 5-2004 جو بهترين شاعر جو سرٽيفڪيٽ، سال 2017ع ۾ سنڌ T.V نيٽ ورڪ پاران ايڪتا شاعري تي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سگهڙن جي ادبي تنظيم سلات پاران استاد سگهڙ محمد پنجل شيخ مڃتا سرٽيفڪيٽ، 400 سالا شڪارپور جشن تقريب دوران ادبي کيتر ۾ محمد نواز ابڙو مڃتا شيلڊ، س.ا.س شاخ لکي غلام شاهه طرفان سال 2018ع ۾ استاد قمر کوسو مڃتا شيلڊ، ۽ ان سان گڏوگڏ محبوب جي سامهون ان جي ثنا ۾ غزل پڙهڻ تي هڪڙي ” شاباش“ جو ايوارڊ مليو آهي، جيڪو منهنجي شاعري جو ٿَڪ ڀڃڻ برابر آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
جيئند: لکڻ وقت دنيا جهان کان ئي بي خبر هوندا آهيون، هڪ عجيب ڪيفيت هوندي آهي، رڻ ۾ منزل اڳيان ڊڪندڙ راهي لڳندو ٿم، پنهنجو جيءُ ئي. ڏور ڏور منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جتن.
سوال: درد ڇا آهي؟
جيئند: درد دلبرن پاران هنيل ڪاتي آهي، جيڪا مٺو مٺو سرورُ ڏئي سير وجهندي آهي، درد اسان عاشقن جي برهه ڀاڪرن سان اچائي الفت کي آزاري ڇني ڌار ڪري دربدر ڪري ٿو، درد بي پير آ.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
جيئند: مڪمل طور تي مطمئن آهيان، مون جيڪو لکيو آهي، پنهنجو آواز، پنهنجو درد، پنهنجو مشاهدو، پنهنجي رڳ رڳ جي راڳڻي لکي آهي، جنهن تي مون کي سئو سيڪڙو اعتماد آهي. جيڪو مون لکيو آهي، ان تي قائم آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي.؟
جيئند: اڃان تائين ته ڪنهن فنڪار نه ڳائي آهي، هڪ ڳالهه ٻي به آهي، پاڻ ان طرف ڪڏهن سنجيده ٿي ڌيان ئي ناهي ڏنو، هاڻي اڳتي جي لاءِ ڪوشش ضرور وٺبي، ته پنهنجي سرجيل شاعري ڳارائجي. هونءَ ته پاڻ ڳائيندا رهندا آهيون.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟، انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
جيئند: زماني جا به عجب رنگ هن. ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماسو. ملازمت ڪندڙ عورت کي الائي ڇو اسان جو سماجُ گهڻو ڪري گهربل مقام ناهي ڏيندو، پر پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. ائين هجڻ نه گهرجي، پاڻُ پڏائڻ وارا احساس ڪمتريءَ جا شڪار ماڻهو عورتن کي پاڻ سان برابر سمجهن ئي نه ٿا، اهڙا ئي هلڪڙا ماڻهو عزتن تي آڱرين کڻڻ جا عادي آهن. هي سڀ ماڻهو پنهنجون خاميون لڪائڻ لاءِ ائين ڪندا آهن.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري.؟
جيئند: ڪڏهن شوق ته وري ڪڏهن مجبوري. اسان جي ڏات حُسن اڳيان شوق ٿي پوي ٿي ۽ لاچار اڳيان مجبوري. لکڻ ساهُه آهي، لکڻُ سڳنڌ آهي، لکڻ عشق آهي، لکڻُ عبادت آهي. پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ئي لکون پيا، چپ ڪري گونگن جيان ويهي رهڻ سان ته پٿر ڀي ڳريو وڃي ٿو.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي.؟
جيئند: شهرت هڪ اهڙو نشو آهي، جنهن سان دنيا جو ڪو به نشو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، مٿي مٿي آسمان جهڙي اُڏار جهڙو مزو.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان شڪايت!؟
جيئند: ڪنهن کان ڪا شڪايت ناهي، بس پنهنجو پاڻ کان هڪڙي شڪايت ضرور اٿم، مان ايتري سادڙي طبيعت ۽ حساس دل وارو ڇو آهيان جو ڪنهن جي ڪوڙ کي به سچُ سمجهي ان تي اعتبار ڪندو آهيان، جنهن جي ڪري مون ڪافي ڌوڪا کاڌا آهن، پاڻَ ساڙيو آهي، ساهُه سڪايو آهي.
**
(ماهوار هزار داستان مارچ 2020ع واري پرچي ۾ ڇپيل)