محبت کان عاري وجود پٿر کان وڌيڪ اهميت نه ٿو رکي ….. خالده منير
سوال: نانءُ ولديت سميت:؟
خالده منير: خالده منير ڌي محمد عمر سمون
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
خالده منير: چوٿين جون. ڳوٺ راڄو نظاماڻي، ٺٽو
سوال: ادبي نانءُ؟
خالده منير: خالده منير
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
خالده منير : ايم اي/ گھريلو عورت/سوشل ورڪر
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
خالده منير: 1990ع
سوال: ادبي استاد؟
خالده منير : گل منير ولهاري ۽ خطائي ٿيٻو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
خالده منير: امرتا پريتم، ساحر لڌيانوي، پروين شاڪر.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
خالده منير : پورھيت جو پگهر ۽ سندس اڻ ھوند، عورتن سان صنفي زيادتيون، غربت، ناانصافي وغيره
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
خالده منير: پهرين اڪبر لغاري جي سھڙيل ڪتاب ”ڪوي عمرڪوٽ جا“ ۾ نظم ڇپيا.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
خالده منير: روزاني ھلال پاڪستان، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، عبرت مئگزين، ماهوار دم (اردو)، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين، افيئر وغيره.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
خالده منير : نثري ۽ آزاد نظم، غزل، ڪالم، مضمون، پروفائيل، ڪتابن تي تبصرا ۽ تجزيا. نثري نظم پسنديده صنف آهي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
خالده منير : ڪهاڻي ناهي لکي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
خالده منير : شاعري جو مجموعو ”تنهنجي شاعره“ 2019ع
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
خالده منير: سڀني کي خوشي ٿي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
خالده منير: منهنجي جيون ساٿي گل منير ولهاري.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: جذبن، اڌمن ۽ آرزوئن جي اظهار جو موثر ترين ذريعو. جيڪا ڳالھه ماڻهو عام صورتحال ۾ نه ٿو ڪري سگهي تنهن ڳالھه جو اظهار شعر ذريعي آساني سان ڪري سگهجي ٿو. شاعري روحاني تسڪين ۽ اندر جي واچوڙن کي واٽون ڏيندڙ وسيلو به آهي ته مڪان ۽ لامڪان جي ڳجهارتن کي سلجهائيندڙ واٽ به آهي. ان ڪري ئي شايد شاعري کي پيغمبري جو جز چيو ويو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : محبت زندگي جي اصل ميراث آهي، محبت کان عاري وجود پٿر جي بت کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿو رکي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
خالده منير: اياز گل، حليم باغي، محسن نقوي، امداد حسيني، استاد بخاري، طارق عالم ابڙو، علي بابا، قرت العين حيدري، سعادت حسن منٽو.
سوال: پسنديده شخصيت؟
خالده منير : ليڊي ڊائنا ۽ رسول بخش پليجو.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
خالده منير : ڪليات ساحر/گلاب/ڳاڙهو/بهار/صبح.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
خالده منير: پنهنجي پٽ عبدالله جي ولادت.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
خالده منير : ڪيئي آهن جن جي ترتيب ڏئي نه ٿي سگهجي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
خالده منير: برابري جا حق.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: عورت ڪائنات جي وجود جي اصل خوبصورتي ۽ واضح علامت آهي، تخليق جي سگھه صرف عورت کي ئي حاصل آهي.
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
خالده منير : سماج جي ترقي يا تنزلي پنھنجا پاڇا ۽ عڪس ضرور وقت جي ورقن ۾ محفوظ ڪندي آهي انھن آثارن جي حقيقي عڪاسي صرف ان وقت جو ادب ئي ڪري سگھي ٿو، ماضي بعيد کان ئي تاريخ جي پيچرن تي رھنمائي ۾ ان وقت جي ادب جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن وقت به دنيا ۾ سرجندڙ ادب ڪنھن نه ڪنھن ريت نه صرف سماج جي تصوير ڪشي ڪندي نظر اچي پيو پر ساڳئي وقت اھو ادب محدود ئي سھي پر مثبت سماجي شعوري اڏاوت ۾ به پنھنجو حصو شامل ڪري رھيو آھي. توڙي جو موجوده ادب عالمي توڙي مقامي سماجي ڀڃ ڊاھ ۽ افراتفري کان متاثر ٿي رھيو آھي جنھن سان نوان ادبي لاڙا به متعارف ٿي رھيا آھن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
خالده منير : آئون ان راءِ سان متفق ناھيان. اسان وٽ سنڌي سماج ۾ به لکندڙن کي مناسب موٽ ملي ٿي، پر ڪجھه سماجي قدرن ۽ روين جي نتيجي ۾ لکندڙن جي اڪثريت جون راھون محدود بنجي ويون آهن. ھڪ ته سوشل ميڊيا جي فروغ سبب عام پڙهندڙن وٽ سافٽ ۾ ڪتاب پڙهڻ آسان ٿي پيو آهي ان ڪري ڪتابن جي وڪري کي ڌڪ رسيو آھي ٻيو ته سنڌ ۾ معاشي ۽ سماجي مونجھارن سببان ادبي سرگرمين ۾ به گھٽتائي آئي آهي جنھن ڪري پذيرائي نظر گھٽ ٿي اچي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
خالده منير: تنقيد بنيادي طور ڪنھن به شيءِ، لقاءُ يا عمل جي مختلف پاسن جي معياري، فني، سماجي ۽ تخليقي ڇيد جو نالو آهي جنھن ذريعي ان شيءِ، عمل يا لقاءُ جي اوڻاين ۽ گڻن جي اپٽار ڪري ان کي بھتر يا ڪارآمد بنائڻ يا سماج لاءِ اثرائتي انداز ۾ لاڀائتو بنائي سگهجي ٿو. ھن وقت اسان وٽ بھتر ۽ مثبت تنقيد جو ڏڪار ٿو محسوس ٿئي، ادبي گڏجاڻين توڙي رسالن يا ڪتابن جي گھٽ اچڻ سبب عام پڙهندڙن کي ادبي لکڻين جي ڀيٽ ڪري بھتر کان بھتر جي چونڊ جو موقعو گھٽ پيو ملي جڏھن ته تنقيدي لاڙن ۽ گھرجن بابت گھٽ آگاھي ميسر ھجڻ سبب نوان لکندڙ ڪنھن اثرائتي مثبت تنقيد کان فيضياب نه پيا ٿين جنھن ڪري سندن لکڻين ۾ به پختگي يا موثر پڻي جي کوٽ نظر اچي ٿي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا يا ٻين فورمن تي اجائي، ڇڙواڳ ۽ تنقيد جي بنيادي گھرجن کان وانجھيل تنقيد جو عروج آهي جنھن سان نون لکندڙن جي اتساھ کي تمام گهڻو ڇيھو رسيو آھي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ادبي فورمن ۽ رسالن کي تعميري تنقيد کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ خاص ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن بھتر ادب سرجڻ شروع ٿئي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
خالده منير: ڪجھه عرصي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري طور عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪم ڪيو، ليڪن نظرياتي فرق سبب سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي جڏھن ته سماجي طور رورل ايرياز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي صدر آھيان، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام پاران عمرڪوٽ ضلعي لاءِ جوڙيل عورتن جي گروپ جي نائب صدر طور ڪم ڪيو.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : مسلسل سفر.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير: ھڪ سفر جي پڄاڻي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
خالده منير : ٻين جي غلط عملن جي سزا پنھنجي پاڻ کي ڏيڻ.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
خالده منير : رت صاف ڪرڻ لاءِ مخصوص عضوو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
خالده منير: ھن وقت تائين پنھنجي شاعري جو هڪ ڪتاب تنھنجي شاعره ڇپجي چڪو آهي جڏھن ته اڃا ڪافي شاعري ڇپائي جي منتظر آھي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
خالده منير : سادگي پسند، ڪوڙ ۽ منافقي کان چڙندڙ، پنھنجي ڪٽنب سان پيار ڪندڙ ۽ پورھيت ۽ پيڙھجندڙ ماڻھن جي پريشانين تي پڄرندڙ.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
خالده منير: ڪوڙ ۽ منافقيءَ تي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
خالده منير: مختلف سماجي ادارن پاران ڪافي ايوارڊ، شيلڊون سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
خالده منير: تمام گهڻي خوشي توڙي انتھائي ڏک واري حالت ۾ ماڻھو سدائين اظھار چاھيندو آھي اھڙي صورتحال لازمي ناهي ته سدائين داخلي ھجي، خارجي لقاءُ توڙي رويا به ماڻهو جي باطن تي اثرانداز ٿي ردعملي ڪيفيت جوڙين ٿا ۽ ماڻھو ان جي اظهار لاءِ ذريعو استعمال ڪندي ڳالهائيندو آهي، ان جي شڪل شاعري، نثر سميت مختلف صورتون اختيار ڪري سگھي ٿي. آئون به جڏھن سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين، زيادتين توڙي اڻوڻندڙ صورتحال تي پنھنجي اندروني ڪيفيتن ۾ مونجھارو محسوس ڪندي آھيان يا ڪنھن خوشگوار صورتحال ۾ سرھائي ڀائيندي آهيان ته منھنجي اندر مان احساس شاعري جي شڪل ۾ جنم وٺڻ شروع ڪندا آهن ۽ اظھار بعد اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آھي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
خالده منير: آئون پنھنجي پوري سچائي سان پنھنجين سمورين لکڻين مان مطمئن آهيان ۽ سمجھان ٿي ته منھنجيون لکڻيون سماج ۾ پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اثر انگيز ثابت ٿي رھيون آھن.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
خالده منير : في الحال مون پنھنجي شاعري ڪنھن به فنڪار کي ناھي ڏني.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
خالده منير: مجموعي طور ھن مرداڻي بالادستي واري سماج ۾ ھر عورت ڪنھن نه ڪنھن ريت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھي آھي پر ملازمت ڪندڙ عورتن سان سڌو سنئون آفيس يا ڪم واري ھنڌ تي پھچڻ دوران توڙي ڪم يا ملازمت واري ھنڌ ٻئي درجي جي شھري يا استعمال جي جنس طور برتاءُ ڪيو ويندو آهي. عورتن سان ملازمت يا ڪم ڪم واري ھنڌ جنسي ھراسان ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. توڙي جو عورتن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي ليڪن انھن تي مناسب عملدرآمد نه ھجڻ سبب عورتن کي ڪافي ڏکيايون پيش اچن ٿيون.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
خالده منير: عام عورت جي مقابلي ۾ ليکڪ عورت ڪافي باشعور ۽ پنھنجي حيثيت توڙي حقن کان واقفيت رکڻ سبب نسبتن سماج ۾ بھتر پوزيشن جي حامل هجي ٿي. تنھن ھوندي به مرد ليکڪن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائن لاءِ پذيرائي جا موقعا گھٽ ميسر ھوندا آھن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي فورمن کي پنھنجي ترجيحات ۾ عورت ليکڪائن کي خصوصي اھميت ڏيڻ جي ضرورت آھي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
خالده منير: شروعاتي وقت ۾ لکڻ منھنجو شوق هو پر ھاڻي آئون ان ڏات کي پنھنجي احساسن جي موثر اظھار جي ذريعو سمجھان ٿي ۽ پيڙھجندڙ، پٺتي پيل ۽ مظلوم طبقن جي آواز طور استعمال ڪريان ٿي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
خالده منير: شھرت ھر انسان کي وڻندي آهي، توڙي جو ڪڏھن ڪڏھن شھرت پريشانين جو سبب پڻ بڻجي پوندي آهي ۽ اسان جي سماج ۾ ته عورت جي شھرت مطلب پريشانين کي دعوت ڏيڻ.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
خالده منير: مون کي صرف پنھنجي پاڻ کان شڪايت آهي ته آئون پنھنجن مجبورين سبب سماج ۾ پيڙھجندڙ طبقن، پورھيتن ۽ سماجي طور نظرانداز ٿيندڙن کي عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاءِ پنھنجو اھو ڪردار ادا ڪري ناھيان سگھي، جيترو ڪردار مون کي ادا ڪرڻ گهرجي ھا.
**