لکڻ وقت ڪڏهن عاشق، ڪڏهن معشوق، ڪڏهن ظالم، ڪڏهن مظلوم، ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، هر ڪيفيت غالب ٿيندي آهي… گل شير لوچي
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
گلشير لوچي:گل شير احمد ولد رانجهو خان لوچي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
گلشير لوچي:پهرين اپريل 1970ع، خانواهڻ (ضلع نوشهروفيروز)
سوال: ادبي نانءُ؟
گلشير لوچي:گل شير لوچي
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
گلشير لوچي:گريجوئيٽ/ اسسٽنٽ پبلڪ رليشنز آفيسر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
گلشير لوچي: سال 1986ع (تاريخ ياد ناهي)
سوال: ادبي استاد؟
گلشير لوچي: شوق خانواهڻي
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
گلشير لوچي: اسڪول جي زماني ۾گل ڦل مئگزين گهرائڻ شروع ڪيو ۽ ان دوران ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
گلشير لوچي: سونهن، سنڌ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ زيادتيون
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
گلشير لوچي: 1986ع ۾ گل ڦل ۽ ساڳي سال ۾ عبرت مئگزين(تاريخن ۾ فرق ٿي سگهي ٿو)
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟.
گلشير لوچي: عبرت، آفتاب، هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سرواڻ، ڪاوش، عبرت مئگزين، ڪينجهر، ڪاڪ، ادب، امرتا، هزار داستان، صبح ٿيندو، مهراڻ رسالو، نئين زندگي، عوامي امنگ سميت ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
گلشير لوچي: گهڻو ڪري ڪهاڻي ئي لکي آهي، جڏهن ته ڪجهه غزل ۽ نظم به ڇپيا آهن، خانگي چينلز تي ڪجهه سولو پلي ۽ هڪ سيريل به هليل آهي، پسنديده صنف ڪهاڻي ئي آهي
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
گلشير لوچي: 50 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان 40 ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
گلشير لوچي: ڪهاڻي تي ڪوبه ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، باقي ٻن شخصيتن تي منهنجا ٻه ڪتاب ترتيب ڏنل آهن، بحيثيت پبلشر مختلف شاعرن جا ڪتاب منهنجي نگراني ۾ شايع ٿيا آهن.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
گلشير لوچي: منهنجي والد کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي، صرف ان ڪري جو مون کي منهنجي شايع ٿيل ڪهاڻي تي تمام وڌي خوشي ٿي، بابا کي منهنجي خوشي سان مطلب هو، ان ڪري هو گهڻو خوش ٿيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
گلشير لوچي: 1988ع ۾ آئون ڪجهه سالن لاءِ ڪراچي هليو ويو هوس، ته لکڻ جو تسلسل گهٽجي ويو هو، توڙي جو اتان هڪ مئگزين ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجو اهو خواب ساڀيا نه ٿي سگهيو، ٽنڊوڄام اچڻ کانپوءِ آسي زميني، بادل، مصطفيٰ نانگراج، منير احمد، عزيز چنڊ، عبدالرسول عباسي سميت مختلف ادبي دوستن جي صحبت ملي، جنهن کانپوءِ باظابطه لکڻ ۽ سکڻ شروع ڪيو، ۽ مون گهڻو پرايو ۽ 1992ع جنوري ۾ سندن نگراني ۾ ڪاڪ جهڙي بهترين ادبي مخزن ڪڍڻ جو حوصلو مليو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: روح کي ڇهندڙ اهو احساس، جيڪو پوري وجود کي رومانوري بڻائي ٿو ڇڏي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: جنهن کان بغير ڪوبه انسان مڪمل ٿي نه ٿو سگهي، هميشه اڌورو، محبت بغير دنيا ۾ جيئڻ بيڪار آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
گلشير لوچي: لکندڙ سڀ بهترين آهن، چند نالا کڻڻ ٻين دوستن سان ناجائزي هوندي
سوال: پسنديده شخصيت؟
گلشير لوچي: بابا ۽ امان، انهن کانسواءِ منهنجا استاد جن مون جهڙي پٿر کي گَهڙي مورتي بڻايو
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
گلشير لوچي: ڀٽائي جو رسالو ۽ ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتابَ (امرجليل، ڊاڪٽر نجم عباسي، عبدالقادر جوڻيجو، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، شمشير الحيدري، جمال ابڙو، قمر شهباز، آغا سليم، حميد سنڌي، علي بابا، نورالهديٰ شاهه، جمال رند، غلام نبي مغل، ماڻڪ، طارق قريشي، شوڪت شورو، زيب سنڌي، بانو محبوب جوکيو، فضل احمد بچاڻي(ترجما)، رحمت الله ماڃوٺي سميت لاتعداد ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي منهنجا پسنديده آهن.
گل موتيو پسند آهي، ۽ رنگ هلڪو آسماني، موسم سيارو ۽ پهر فجر، جڏهن خدا سان ان جي تخليق ڪيل ساهوارا پنهنجي ٻولين ۽ دعائن ۾ کيس ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ خدا وڌيڪ ويجهو محسوس ٿيندو آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
گلشير لوچي: ٻار وڏا ٿي ويا آهن، ان ڪري اهو هتي لکي نه ٿو سگهان.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
گلشير لوچي: زندگي سان ڪا به شڪوه ناهي، ڏک ته زندگي جي سونهن هوندا آهن، الله ڪريم اوترائي ڏنا، جيتري مون ۾ سهپ هُئي ان ڪري اهڙو ڪوبه غم ياد ناهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
گلشير لوچي: سماجي ۽ اظهار جي آزادي، جيڪو عورت جو حق آهي، گڏوگڏ عورت کي آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق جي خبر هجڻ لازمي آهي، آئون عورت جي سماجي ۽ اظهار جي آزادي جو مڪمل قائل آهيان، خاص طور تعليم، ازدواجي ۽ معاشي ميدان ۾ مردن جهڙوئي حق ملڻ کپي، ان لاءِ مرد کي ڪُند_ذهني مان نڪرڻو پوندو.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: الله ڪريم جي عظيم تخليق، چاهي عورت امڙ، ڀيڻ، نياڻي، شريڪ حيات، ننهن ۽ دوست جي روپ ۾ ڇونه هجي، ان کانسواءِ زندگي وائڙي، اڻپوري، سڃ ۽ بي سونهي هجي ٿي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ
گلشير لوچي: ڪهاڻي جي ته لڪيءَ منجهه ساهه آهي، سالن کان ڪا يادگار ڪهاڻي پڙهي ئي ناهي، باقي شاعري بهتر آهي،
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
گلشير لوچي: اهو هڪ ڊگهو موضوع آهي، خاص طور ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا کانپوءِ ماڻهن وٽ ادب پڙهڻ جي گنجائش موجود ناهي، اردو ۾ اڃا به ادب لکجي پيو، ان جو پڙهندڙ سڀني ٻولين ۾ موجود آهي، پر اهو چوڻ ته اتي ڪو گهڻو لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، اتي به هاڻي سنڌي ادب جيان ساڳيون حالتون جنم وٺي رهيون آهن،پر لاهور، ڪراچي، ملتان سميت ڪيترائي اهڙا شهر آهن، جتي اردو، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ مشاعره ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري انهن جو ڪجهه ادبي سلسلو جاري آهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ رسالن ۽ مخزنن سان گڏ نوان ڪتاب اچڻ بند ٿي ويا آهن، معاشي حالتن جي ڪري ادب نظرانداز ٿي رهيو آهي، اخبارن ادبي صفحا شايع ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پبلشرز ڪتابن جو وڪرو نه ٿيڻ جي ڪري ان تي سيڙپڪاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري پذيرائي به گهٽجي ويئي آهي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
گلشير لوچي: حالتن، سماجي تڪليفن، واهر نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي رهيو آهي، خاص طور تي بيروزگاري ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري پيدا ٿيندڙ پيچيدگين ماڻهن ۾ نه سهپ واري صورتحال پيدا ڪئي آهي، گڏوگڏ زندگي جي ترتيب جو توازن به بگڙيو آهي، انسان تي خوراڪ، روزگار، محروميت جا ڪافي ناڪاري اثر پون ٿا، ان ڪري تنقيد چاهي توهان جي تخيل تي ٿئي، لباس، رهڻي ڪهڻي، اخلاق يا رويي تي ٿئي، ماڻهو اها برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ادب ۾ تنقيد جو رجحان ناهي رهيو، پر جيڪڏهن ڪو ڪري به ٿو ته ان کي مختلف طريقن سان رد يا ان کي ساڙ چيو وڃي ٿو، حالانڪه ماڻهو کي پاڻ پنهنجي لاءِ، پنهنجي ڪردار توڙي تخيل لاءِ پاڻ ئي نقاد ٿيڻ گهرجي ته سهپ پاڻمرادو اچي ويندي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
گلشير لوچي: 1986ع ۾ پهريون ڀيرو خانواهڻ ۾ ٻارن جي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو، جنهن ۾ قاضي غلام نبي ناشاد، پارس حميد، شوق خانواهڻي ۽ ٻين جي رهنمائي ملي هئي، قاضي ذوالفقار”زائر“ به اسان سان گڏ هو، بعد ۾ ادبي سنگت سان هڪ عرصو ٽنڊوڄام ۾ عهديدار به رهيس، سماجي تنظيمن ۾ ڪا خاص دلچسپي ناهي رهي، باقي سياسي پارٽين سان ڪو به تعلق ناهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: اهو تحفو جنهن جو ڪوبه نعم البدل ناهي، ان جي بدلي صرف خدا سان پيار ڪري سگهجي ٿو
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: منزل.... جتي زندگي ليڊنگ ڪري ٿي
سوال: نفرت ڇا آهي؟
گلشير لوچي: اها شيءِ جنهن سان نفرت ڪئي وڃي
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
گلشير لوچي: بي چئيو ٻار، جنهن جا انگل روز روز نوان هوندا آهن،
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
گلشير لوچي: في الحال ڪوبه نه.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟.
گلشير لوچي: ڪا خبر ناهي، ماڻهو چوندا آهن، انا پرست آهيان، بيڪار ماڻهو آهيان، شايد سچ چوندا آهن
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟.
گلشير لوچي: جڏهن غلط هجڻ باوجود پاڻ کي بي ڏوهي سمجهندا آهن، ۽ تڏهن به جڏهن ڪير ڪنهن کي بي وقوف بڻائيندو آهي، باقي ڪاوڙجڻ، رسڻ پرچڻ به زندگي جو حصو آهي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
گلشير لوچي: ڪجهه سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن، پر اهي منهنجي لاءِ ڪابه معنيٰ ناهن رکنديون، هڪ مرڪ ئي نوبل پرائيز آهين، جي ڪو نيت سان وکيري.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
گلشير لوچي: لکڻ وقت ڪڏهن عاشق، ڪڏهن معشوق، ڪڏهن ظالم، ڪڏهن مظلوم، ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، هر ڪيفيت غالب ٿيندي آهي، سچ آهي ته سرد راتين ۾ ڪردار سان گڏ روئڻو به پوندو آهي ته کلڻو به.
سوال: درد ڇا آهي؟
گلشير لوچي:”ڏکن کي شاباس، جن مون سين گڏ گهاريو“
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
گلشير لوچي: آئون سمجهان ٿو ”نه“....... جڏهن ماڻهو مطمئن ٿي ويندو ته لکڻ ڇڏي ڏيندو.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟.
گلشير لوچي: جي نه
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن.
گلشير لوچي: ڪافي مسئلا آهن، جيڪي گهر ۽ خاندان کان شروع ٿين ٿيا ۽ گهر واپسي تائين گڏ هلن ٿا، عورت اڄ جي معاشري ۾ به تيرن جي نشاني تي آهي، هر تيرباز جو پنهنجو پنهنجو ٽائيٽل آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟.
گلشير لوچي: اسان وٽ عورت ويچاري بهترين احساس رکڻ باوجود لکي نه ٿي سگهي، جي لکي ٿي ته سڀ کان پهريون اسان جو ادبي لڏو ان کي پنهنجي عتاب جو نشانو بڻائي ٿو، سماج ان لاءِ مختلف بهتان گهڙي ٿو، ان جو حل نڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته جيسين اسان پنهنجي ڪندذهني ۽ سوچ کي ايمان جي بنياد تي تبديل نه ڪنداسين، ليکڪ عورت اهڙي رَوَيي جو شڪار ٿيندي رهندي، پر بهادر عورتن اهڙي سماج کي همٿ سان مات ڏني آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟ ۽ شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
گلشير لوچي: ڏسو! عمر جي لحاظ کان ان سوال جا مختلف جواب ٿين ٿا، پهريون پيار، پوءِ شوق ۽ آخر ۾ پنهنجي شهرت کي برقرار رکڻ، شهرت سٺي لڳندي آهي، پر سچي ڳالهه آهي ته هاڻي ان جو احساس ختم ٿي رهيو آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
گلشير لوچي: ڪنهن کان به نه........ سڀن سان پيار، سڀني جي لاءِ دعا، جن تڪليف ڏني..... اهي به خوش رهن، جن پيار ڏنو، تنِ جو به غلام.
**