جتي تعليم جو فقدان هوندو اُتي ادب کي اُها اهميت ڪيئن ملي سگهي ٿي، جيڪا هُن جو حق آهي…. خالده نسرين
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
خالده نسرين: ترڪي جي مشھور ليکڪا کان متاثر ٿي بابا منھنجو نالو خالده اديب رکيو هو ، پر پوءِ اسڪول ۾ خالده نسرين نوراني لکرايو ويو. منهنجو پيءُ نواب شاھ جي مشھور سماجي شخصيت، ڊاڪٽر علي محمد نوراني هو .
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
خالده نسرين: چوٿين سيپٽمبر نواب شاهه.
سوال: ادبي نانءُ ؟
خالده نسرين: پھرين خالده نوراني، پوءِ خالده انور ۽ هاڻي خالده نسرين جي نالي سان لکندي آهيان.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو ؟
خالده نسرين: نواب شاھ مان ميٽرڪ پاس ڪري گورنمنٽ زبيده گرلس ڪاليج مان انٽر ڪئي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فائن آرٽس شعبي مان بي اي ڪئي، پر تنھن زماني ۾ فائن آرٽس ڊپارٽمنٽ ۾ رڳو بي اي جا ڪلاس ٿيندا هئا، ايم اي جا ڪلاس اڃا شروع ڪونه ٿيا هئا، فائن آرٽس جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ لاهور جي نيشنل ڪالج آف آرٽس وڃڻ جي اجازت ڪونه ملي، پر ماسٽرس ته لازمي ڪرڻي هئي. آپا مھتاب راشدي تنھن وقت انٽرنيشنل رليشن ڊپارٽمنٽ ۾ استاد هئي، تنهن کان متاثر ٿي مون تنهن شعبي ۾ داخلا ورتي پر اتفاق سان پنهنجي ڀاڻيجي سان گڏ سندس ڪنھن ڪم سانگي سر غلام علي الانا صاحب جي آفس وئي هئس، اتي ڳالھيون ڪندي جڏهن کين خبر پئي ته مون يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي، اهو ٻڌي انهن مون کي قائل ڪيو ته مون جھڙيون نيشنلسٽ فيملي جون ڇوڪريون به سنڌي ڪونه پڙهنديون ته پوءِ ڪير پڙهندو؟ سو مون اڳوڻو سبجيڪٽ بدلائي سنڌي سبجيڪٽ ۾ داخلا ورتي.
1989ع ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان هالا کان نوڪري شروعات ٿي، ساڳئي سال ڪراچي بدلي ٿي، ڪجھه سال اڳ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عھدي تان رٽائرمنٽ ٿي آهي.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
خالده نسرين: لکڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ڪئي، سال ياد ڪونھي . ڪنھن اخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ شاعري ڇپجي هئي.
سوال: ادبي استاد؟
خالده نسرين: منهنجو ڪو مخصوص استاد ڪونهي، پر مان سدائين زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ وقت کي پنهنجو استاد مڃيندي آهيان.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
خالده نسرين: جيئن ته منهنجو لاڙو گهڻو ڪري مصوري ۽ فيشن ڏانهن هو، سو مون ڪئين سال بنھه ڪونه لکيو، جڏهن سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتم ته طبيعت ازخود لکڻ ڏانھن مائل ٿي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جنھن زماني ۾ مون لکڻ شروع ڪيو، تنهن زماني ۾ منھنجي ڀر پاسي هر ڪو لکندو ۽ پڙهندو هو، سو مون به لکيو .
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
خالده نسرين: مون جڏهن به لکيو ۽ جيڪو به لکيو پنهنجن اڌمن ۽ احساسن جي اثر ۾ لکيو آهي ۽ مون کي سدائين داخلي احساسن توڙي خارجي حالتن لکڻ تي مجبور ڪيو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
خالده نسرين: پھرين ته ننڍي هوندي ڇپي هئي، سا ته ياد ڪونه اٿم پر شعور ۾ اچڻ کان پوءِ 1975 ڌاري ”ڌرتي“ رسالي ۾ ”دوها“ ڇپيا ها.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
خالده نسرين: تنهن زماني ۾ اخبارن ۾ ادبي صفحن کان سواءِ ڪئين معياري ادبي رسالا پڻ نڪرندا هئا، جھڙوڪ ”سوجهرو“، ”ڌرتي“ وغيره انھن ۾ منهنجي شاعري ۽ افسانا ڇپيا هئا، پر شادي کان پوءِ گهر ۽ ٻارن جي مصروفيت سبب ڇپرائڻ ته ڇڏي ڏنو، پر ڪڏهن ڪڏهن لکي سنڀاليندي ويس، جيڪو ھاڻ سھيڙي ڇپرايو اٿم.
ٻيو ته ڪاليج ۾ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي هيڊهئس سو سالياني مخزن جي سنڌي سيڪشن جي انچارج هئس، تنهنڪري لکڻ سان واسطو جڙيل رهيو، هاڻ وري نئين سر کان فيس بڪ تي شاعري ونڊيندي رهان ٿي، ”نئين آس“ ۽ سورمي مئگزين ڪراچيءَ يا هڪ اڌ ٻئي ميگزين کان سوا مون شاعري ڪونه ڇپرائي آهي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
خالده نسرين: شاعري جي ڪجھه صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿم، جنھن ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، معرا نظم، هائڪو، ٽيڙو، وائي، دوها ۽ چوسٽا وغيره. پر مان غزل يا نثري نظم ۾ پاڻ کي سولو سمجهان ٿي.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد... ڪيتريون ڇپيل؟
خالده نسرين: ڪھاڻيون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لکيون اٿم، جيڪي سحر امداد ”سوجھري“ رسالي ۾ ڇاپيون هيون.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
خالده نسرين: پھريون شاعريءَ ڪتاب ”پيڙا جي پاتار ۾“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان 2019ع ۾ ڇپيو، جنهن بعد ٻيو شاعريءَ جو ڪتاب ”چنڊ مٿي آڪاس“ جيڪو 2021ع ۾، اُهو پڻ مرڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو آهي. ٽئين مجموعي جو مواد به سھيڙي ڇڏيو اٿم، تنھن کان سواءِ پنهنجي اردو شاعري پڻ ڇپرائڻ جو ارادو رکان ٿي. اهو مواد به تيار آهي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
خالده نسرين: مائٽن کان وڌيڪ مان پاڻ خوش هئس.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
خالده نسرين: منهنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر فرخنده عباسي ۽ منهنجي ڀاءَ ڊاڪٽر مقصود انور نوراني هميشه نه رڳو منهنجي حوصله افزائي ڪئي پر ساراهيو به آهي. جنهن لاءِ سندن ٿورائتي آهيان.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: شاعري جي اصل تعريف ڇا آهي، تنھن ڏس ۾ هر ڪو ڏاهو پنھنجو ڌار رايو رکي ٿو. پر منھنجي خيال ۾ شاعري الھامي نظماڻي خيالن ۽ اندر جي اڌمن جو موسيقيت سان ڀرپور موزون لفظن ۾ اظهار آهي، جذبن کي خيال ۽ خيال کي اظهار ملي ته اها شاعري آهي. جذبات مختلف ٿي سگهن ٿا پر جيڪا ٿي وڃي سا شاعري آهي ۽ جيڪا شعوري طور ڪئي وڃي سا تڪبندي آهي. شاعري حالتن، واقعن ۽ ماحول جي ترجمان، تنھن معاشري ۽ ماحول جي عڪاس آهي، جنھن ۾ شاعر رهي ٿو. سچي شاعري اها آهي جيڪا پڙهندڙ پنهنجي حالتن ۽ جذبات جي ترجماني سمجهي . شاعري ۾ فن جي اھميت پنھنجي جاءِ تي اٽل آهي، پر وري به شعر جي اصل خوبصورتي خيالن جي پختگي ۽ بلندي آهي . ڪڏهن ڪڏهن بحر وزن، رديف ۽ قافيي جون بندشون نه رڳو شعر جي فطري حسن کي هاڃو ٿيون رسائن پر خيال پڻ محدود ٿي هڪ دائري ۾ قيد ٿي وڃن ٿا . مان اهو به چوندس ته شاعري جو انسان جي جمالياتي احساسن جي ويجھه واڌ ۾ وڏو ڪردار آهي .
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ؟
خالده نسرين: محبت هڪ فطري جذبي جو نالو آهي، محبت ڪبي ناهي، اها ٿي ويندي آهي. هي اهو سودو آهي جنھن ۾ ڪنھن شرط کان سواءِ رڳو ڏيڻو ئي ڏيڻو آهي، وٺڻو ڪجھه به ناهي . حقيقي محبت ۾ نه ڪنھن شڪايت جي گنجائش آهي نه طعنن ويڻن جي ۽ نه ئي بي وفائي جي.
محبت جا انيڪ روپ آهن . محبت رب سان هجي ته عبادت ٿيو وڃي، مائٽن سان ڪجي ته فرمانبرداري ۾ شمار ٿئي ٿي، ٻارن سان ٿئي ته قرباني ايثار ۽ شفقت ۾ مٽجيو وڃي، مسڪينن سان ٿئي ته رحم دلي چئجي ٿو، مريضن سان هجي ته همدردي جو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن اها محبت جنس مخالف سان ٿئي ته ڪڏهن ڪڏهن هوش حواس ئي وڃايو ڇڏي .پر اهڙي محبت هر ڪنھن جي نصيب ۾ ناهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
خالده نسرين: شاه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، فيض احمد فيض، احمد فراز ۽ امجد سلام امجد ۽ امر جليل.
سوال: پسنديده شخصيت؟
خالده نسرين: ٻنھي جھانن جا سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
خالده نسرين: شاھ جو رسالو. شاعر هوندي به هرو ڀرو گل ڪونه وڻندا آهن، شايد جلدي مرجهائجي ٿا وڃن، تنھنڪري ۽ خاص طور تي گل گلاب ڏسي ننڍي هوندي کان ئي موت جو خيال ايندو اٿم. پر ها مون کي سدائين ڪيڪٽس ئي وڻندا آهن . موسم اها وڻندي اٿم جنهن ۾ نه گرمي هجي نه سردي ۽ پھر اسر جو وڻندو آهي. جنھن مھل پکين جي لات کان سواءِ ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي .
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي ؟
خالده نسرين: زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي خوشيون مليون آهن. الله جو جيترو به شڪر ادا ڪريان گهٽ آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
خالده نسرين: بابا جي اوچتي وفات زندگيءَ جو پھريون صدمو هو .
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
خالده نسرين: اڄ جي عورت خود مختياري سان گڏ پنهنجا جائز حق گھري ٿي، ڌڻي سڳوري، عورت ۽ مرد ٻنھي کي هڪ جھڙو درجو ڏئي اشرف المخلوقات پيدا ڪيو آهي، اسلام عورتن کي اڻ ڳڻيا حق ڏنا آهن. قرآن شريف ۾ عورتن جي اھميت ۽ مقام جي باري ۾ ڪيتريون ئي آيتون آيل آهن، عورت ماءُ جي روپ ۾ هجي يا ڀيڻ جي، زال هجي يا ڌيءَ، سڀني رشتن جا حق ۽ فرض تفصيل سان ڄاڻايل آهن. ماءُ جو درجو ته پيءُ کان به مٿاهون آهي . اسلام ۾ عورتن جي تعليم کي به اوترو ئي اهم ۽ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، جيترو مردن لاءِ ضروري آهي. اهو بلڪل به جائز ڪونھي ته عورتن کي ڪمتر مخلوق ڄاڻائي تعليم جي حق کان محروم رکجي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: رب جي جوڙيل سڀني کان خوبصورت مخلوق .
سوال: اڄ ڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
خالده نسرين: وقت بوقت سياسي، سماجي انقلابن جي اثر هيٺ دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ادبي تحريڪون اٿنديون رهيون آهن، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ به جديد لاڙا داخل ٿيا. ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي حالتن جي اٿل پٿل قوم پرستي جي جذبي کي هٿي ڏني، جنھن جو سنڌي ادب تي به تمام گهڻو اثر ٿيو. اهو دور سنڌي ادب جي اوسر ۾ خاص ۽ اھم ليکيو وڃي ٿو، ڏاهن، دانشورن توڙي ليکڪن جا خاص موضوع ۽ مضمون مقامي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ قوم پرستي جي پرچار رهيا. ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن تنهن دور ۾ نالو ڪمايو ۽ پاڻ مڃرايو، سندن ادبي ڪارناما هاڻ ادبي اتھاس جو حصو آهن . هلندڙ دور ۾ به نئين ٽھيءَ جا ليکڪ جديد دور سان هلندي نثر توڙي نظم جي هر صنف ۾ پنھنجي قابليت آهر پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
خالده نسرين: جتي تعليم جو فقدان هوندو اتي ادب کي اها اھميت ڪيئن ملي سگهندي جيڪا هن جو حق آهي .
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
خالده نسرين: تنقيد هڪ اھم علمي موضوع آهي، تنقيد جو تخليق سان ازلي تعلق آهي، جنهن جي ذريعي اصولن ۽ ضابطن مطابق ذاتي نظرين کان پاسيرو ٿي علم، بصيرت، حق ۽ انصاف سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪنهن به تخليق جي باري ۾ فيصلو ڪيو وڃي ٿو.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تنقيد جو مقصد تخريب ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه پر تعمير ڪرڻ آهي، مثبت تنقيد نه رڳو رهنمائي ڪري ٿي پر اها اصلاح سان گڏ شعور ۾ به واڌارو آڻي ٿي. اهو ئي انسان ڪامياب آهي جو عمر جي هر دور ۾ ڪجھه نه ڪجھه سکڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري. نثر هجي يا نظم ادب جي هر صنف کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جيتوڻيڪ تمام ضروري آهي، پر جي نقاد ۾ گهٽ درجي جي قابليت ۽ ڄاڻ هوندي ۽ اصلاح جي بدران تنقيد رڳو تذليل جي نيت سان ڪندو ته لازمي مسئلا پيدا ٿيندا، اهڙي رويي سان تخليقڪار جي دل آزاري ۽ دلشڪني ٿئي ٿي . نقاد کي تنقيد مھل مناسب لفظن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، ۽ اُن تنقيد ۾ اصلاحي پهلو به هجڻ گهرجي. تنقيد جو مقصد مار نه پر سنوار هئڻ گهرجي ته جيئن تخليقڪار محنت ڪري پنهنجي تخليق جون اوڻايون سنواري سگهي. جنھن لاءِ نقاد کي به هر پاسي کان مڪمل ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
خالده نسرين: نه منهنجي ڪنھن به ادبي تنظيم سان وابستگي ڪونھي ۽ نه ئي ڪنھن سياسي جماعت سان جڙيل آهيان. ڪو وقت هو جڏهن پيپلز پارٽي سان دلي تعلق هو پر هاڻي سڀني جماعتن تان اعتبار کڄي ويو آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: رب جي ڏنل امانت.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: ”ڪُل نفس ذائقة الموت “.
جيڪو آيو آهي تنھن کي اوس موٽي وڃڻو آهي. منهنجي نظر ۾ موت عارضي دنيا کان ابدي دنيا جو سنڌو آهي .
سوال: نفرت ڇا آهي؟
خالده نسرين: اھو زھر جيڪو خود نفرت ڪرڻ واري کي اندر ئي اندر ماري ٿو ڇڏي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
خالده نسرين: دلبر جو آستانو!
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
خالده نسرين: (1) پولار ۾ (2) هڪ اردو شاعري جو مجموعو به تيار آهي جنھن جو نالو اڃا فائينل ڪونه ڪيو اٿم.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
خالده نسرين: پھرين مزاج ۾ ٿوري سختي ۽ تلخي هئي پر هاڻي ڪافي حد تائين بدلاءُ اچي چڪو آهي. هاڻوڪي نرم طبيعت جي ڪري ڪنهن سان ناانصافي بلڪل برداشت ڪونه ٿيندي آهي، ڪوڙ سان ته سخت نفرت اٿم. چوندي آهيان ته ماڻھن کان ڍڄي ڪوڙ ڳالھايو ٿا پر رب کان ڊڄي سچ نه ٿا ڳالھايو.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
خالده نسرين: اڄوڪي سماجي ۽ معاشرتي اڻبرابري، سياسي حالتن ۽ اخلاقي قدرن جي پستيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
خالده نسرين: منهنجي تخيل کي پڙهندڙ جيڪڏهن پنهنجي ترجماني محسوس ڪري ته اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ٿي سمجهان.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
خالده نسرين: آمد مھل آواز بنھه ڪونه وڻندا آهن، اڪيلائي چاهيندي آهيان ۽ جيستائين خيال کي عملي طور لکي پورو نه ڪيان تيستائين طبيعت بيچين ئي هوندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
خالده نسرين: درد ڇا آھي؟ ڪيڏو نه عجيب سوال آھي. درد شايد اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪا تڪليف جو احساس ڏياريندي آهي يا انھيءَ احساس جو نالو آهي جيڪو سھڻ کان ٻاهر هجي.
درد جا به قسم آهن. ڪي درد جسماني آهن ته ڪي وري روحاني . جسماني درد جو علاج ته شايد هر طبيب وٽ هجي ٿو، پر روحاني درد جو دارون رڳو درد ڏيڻ واري وٽ ئي آهي. منھنجي خيال ۾ دنيا ۾سڀ کان وڏو ۽ ڏکوئيندڙ درد، پنھنجي سڀ کان پياري جي موت جو آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھه لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
خالده نسرين: انسان ڀلا ڪڏهن مطمئن ٿيو آهي؟ سو مان به انسان ئي آهيان . پر ها رب جي ڏنل ڏات مان هن ڌرتي ۽ ڏيھه ڌڻين جو ڪجھه حق ادا ڪرڻ جي ناقص ڪوشش ضرور ڪئي اٿم.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
خالده نسرين: شايد ٻه ٽي ڪلام ڳايا ويا آهن. هڪ ته استاد شبير شاهاڻي جي آواز ۾ باقي مون کي ياد ناهي.
خالده نسرين: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
خالده نسرين: اڄوڪي دور ۾ڪو به ملڪ يا معاشرو حقيقي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي افرادي قوت کي هرگز نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. دنيا جي اڌ آبادي عورتن تي آڌاريل آهي . دنيا ۾ انساني زندگيءَ جو دارومدار عورت ۽ مرد ٻنھي تي هڪ جيترو آهي . اڌ آبادي کي مفلوج ڪري سماجي ۽ معاشي ترقي کي روڪڻ ڪٿي جو انصاف آهي. اسان جي مذھب به عورتن کي ضروت پوڻ تي ٻاھر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. پر افسوس جوڳي ڳالهھ آهي اسان جي مرداڻي معاشري ۾ گهڻو ڪري پڙهيل ڳڙهيل ۽ ٻاهر ڪرت ڪرڻ واري عورت کي قدر جي نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي. هن مرداڻي معاشري ۾ جتي مرد پاڻ کي حاڪم ۽ عورت کي محڪوم سمجھي ٿو، اتي عورت کي مرد جو اهو ئي حاڪميت وارو رويو ٻاهر به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ڏسون ڪڏهن ٿو هن نظام ۽ سوچ ۾ بدلاءُ اچي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
خالده نسرين: ڪي اديب ۽ صحافي قلم، ڪئميرا ۽ مائيڪ کي هٿيار بڻائي اُن جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. تنھن کان سواءِ ڪي ڪاريون رڍون فوري ۽ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ ادبي ۽ صحافتي بدديانتي ۾ مصروف آهن .
هتي مان انھن هٿ ٺوڪين بدنيت انٽيلڪچوئل جو به ذڪر ڪندس، جيڪي پنھنجي ڀيڻن ۽ ڌيئن مٿان فون يا سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابنديون مڙھي، سڄو ڏينھن فيس بڪ تي چڙهيو ويٺا پرايون عورتون تاڙين ۽ ڏينھن رات فضول قسم جا ميسج موڪلي سندن جيئڻ حرام ڪن . تنھن کان سواءِ اهي بدديانت دانشور نئين ليکڪائن کي جھٽي پنھنجي اثر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ پڻ لڳل آهن. شل نه ڪا معصوم سندن چنبي ۾ ڦاسي، الله پناهه. اهي سندن مسئلن کي سمجھي فن ۽ فڪر جي ميدان ۾ رھنمائي ڪرڻ جي بدران اجايو سجايو رويو رکي کين آزارين ٿا. الله سڀ ڪنھن کي عقل ۽ شعور سان نوازيو آهي، عورت به فھم ۽ فراست ۾ ڪنھن کان گهٽ ناهي، بس هن کي چوڪس ٿي کري ۽ کوٽي جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
خالده نسرين: مان لکڻ کي شوق يا مجبوري نه پر عادت چئي سگهان ٿي .
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
خالده نسرين: جن شهرت ماڻي آهي تن کي خبر هوندي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
خالده نسرين: مون کي هر ان شخص سان شڪايت آهي، جيڪو ٻين جا اهي سڀ عيب سڌارڻ ٿو چاهي، جيڪي خود هن ۾ موجود آهن.
**