شخصيتون ۽ خاڪا

قَدرُ منجهہ ڪِنار

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب، پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن، جيڪي ذاتي انٽرويوز، ايميل. فون، واٽس ايپ يا ميسينجر ذريعي ڪيل آھن. ھنن مان گهڻا انٽرويويز مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سھيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻھن جي حصي ۾ اچي ٿو.

Title Cover of book قَدرُ منجهہ ڪِنار

جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو… مريم مجيدي

جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو… مريم مجيدي


سوال: اوهان جو نانءُ ولديت سميت؟
مريم مجيدي: مريم مجيدي ڌيءُ محمد خان مجيدي جتوئي.
سوال:جنم جي تاريخ/جنم جو هنڌ
مريم مجيدي: 15 جون 1946ع ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ شاهه شهيد نگري جهوڪ شريف تعلقو ميرپور بٺورو.
سوال:ادبي نانءُ؟
مريم مجيدي: مريم مجيدي (ساڳيو).
سوال: تعليم/پيشو؟
مريم مجيدي: ايم اي، ايم ايڊ، تعليم کاتي ۾ نوڪري، پرائمري کان سيڪنڊري تائين استاد ۽ ان کان پوءِ تعليمي آفيسر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال، مهينو؟
مريم مجيدي: شروع ۾ ڪجهه مضمون لکيا پوءِ 1975ع کان شاعري جي باقاعده شروعات ڪئي.
سوال: ادبي استاد؟
مريم مجيدي: منهنجو عظيم بابا، محمد خان مجيدي عوامي ۽ انقلابي شاعر.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکيو؟
مريم مجيدي: گهر ۾ ادبي ماحول ۽ سماجي حالتن کان متاثر ٿي لکيو.
سوال: ڪهڙيون شيون اوهان کي لکڻ لاءِ اُتساهينديون آهن؟
مريم مجيدي: اندر مان پاڻمرادو اٿندڙ اڌمو، اڇل، سماجي ڏک، ڏاڍ ۽ ناانصافي واريون حالتون.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مريم مجيدي: برسات رسالي ۾ ڊسمبر 1975ع.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ مود ڇپيو آهي؟
مريم مجيدي: مهراڻ، نئين زندگي، برسات، پيغام، ماڃر پبليڪيشن ۽ مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾.
سوال: پسنديده صنف ڪهڙي اَٿو؟
مريم مجيدي: غزل ۽ ٻئي نمبر تي وائي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ڪيتريون ڇپيل؟
مريم مجيدي: تمام ٿورڙيون ڪهاڻيون نه هئڻ برابر، ٻه ڇپيون، هڪ اڻ ڇپيل رهي، هڪڙي گم ٿي وئي، ڪل چار پنج.
سوال: ڇپيل ڪتاب، انهن جا سال؟
مريم مجيدي: ٻه شاعري مجموعا، 1-سروم دکم دکم 1986ع، 2 نيرائي نيڻ 2012ع.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل؟
مريم مجيدي: گهر جي سڀني ڀاتين خوشي جو اظهار ڪندي همٿايو هو، جيجل امان خوش ٿي پر گڏوگڏ شاعري ڪرڻ کان روڪيو هو پر پوءِ امڙ جي پيرين پئي اجازت گُهري هئي. باقي رشتيدارن جي دل جو حال خدا بهتر ڄاڻي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
مريم مجيدي: بابا جن ۽ وڏي ڀيڻ حنيفه مجيدي (جنهن جون ڪهاڻيون پڻ بادل رسالي ۾ ڇيون هيون پر پوءِ اهو سلسلو جاري نه رهيو هو، پاڻ سٺي مضمون نگار پڻ هئي). ان کان سواءِ ڀاءُ ارشاد ساگر، منهنجو ماروٽ، انهن ماڻهن مون کي سدائين همت ۽ اُتساهه ڏياريو.
سوال: شاعرِي اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: هڪ اهڙي ڏات جيڪا ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، جنهن آڌار تخليقڪار پنهنجي اندر جي احساس جي سچائي جو اظهار نهايت خوبصورت اسلوب ۾ ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: نهايت سگهارو جذبو، جنهن دل ۾ قائم آهي، اهو دنيا جو شاهوڪار ترين ماڻهو هوندو آهي. مطلب ته، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
سوال: پسنديده شاعر/اديب؟
مريم مجيدي: هڪ کي پسند ڪرڻ جو سوال آهي ته لاکيڻي لطيف کان وڌ ڪير وڻندو؟ هونئن آئون پنهنجي بابا جن کي به سنڌ جو بنهه نيارو ۽ يگانو شاعر سمجهان ٿي، جنهن جو انداز به پنهنجو نيارو رنگ ۽ عوامي عنوان رکي ٿو ۽ سندن اسلوب به الڳ آهي، باقي سڀ تخليقڪار جس لهڻن سڀني جو قلمي ۽ ادبي پورهيو مڃڻ ۽ ساراهڻ جوڳو هوندو آهي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مريم مجيدي: پنهنجو بابا ۽ وڏي ڀيڻ، جن لاڙ پٽ ۾ علم جي روشني آندي ۽ انسانيت کي پنهنجو ايمان سمجهيو. جيجل ماءُ ته هر انسان جو آدرش هوندي آهي. منهنجي به آهي، سياسي شخصيت، سائين جي ايم سيد، سنڌ جي بهادر ڄائي بينظير ڀٽو ۽ حيدر بخش جتوئي.
سوال: پسنديده ڪتاب، گل ۽ رنگ؟
مريم مجيدي: شاهه جو رسالو/ گلاب جو گل/ اڇو ۽ ماڻهو رنگ (ڀورو) ڪجهه وقت کان آسماني رنگ به وڻڻ لڳو آهي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مريم مجيدي: پهرين مهرباني ٻاهرئين ملڪ جو سفر/خوشي پهرئين شعري مجموعي جي ڇپائي ۽ اتفاق سان ٻنهي جو ساڳيو سال آهي.
سوال:زندگيءَ جو پهريون ڏک/سُڏڪو؟
مريم مجيدي: جيجل ماءُ جو وڇوڙو، حياتي جو پهريون ڏک ۽ صدمو هو، جنهن جيءَ کي سدائين لاءِ جهوري ڇڏيو، بابا جن جو وڇوڙو وڻ جهور طوفان هو، جنهن پورو وجود وکيري ڇڏيو ۽ هاڻي وڏي ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ مون پاڻ کي يتيم ۽ اڪيلو ڄاتو آهي، جنهن جو احساس نه ٿيو هو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
مريم مجيدي: انسان واري حيثيت ۽ جيون جي فيصلي ۾ ڀاڱي ڀائيواري جيتري آزادي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: ڌرتيءَ تي سونهن ۽ اَمن جو اهڃاڻ، نازڪ احساس رکندي به بهادر.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪوادب سرجي پيو، ان بابت اوهان جي راءِ؟
مريم مجيدي: هينئر ناول ۽ تحقيقي ادب تي گهرج موجب ڪم نه ٿي رهيو آهي. البت جاندار ڪهاڻي ۽ سگهاري شاعري سرجي پئي، نوجوان ٽهيءَ ۾ لکڻ جي صلاحيت به آهي ۽ سگهه به، ان ڪري مايوسي جون ڳالهيون اجايون آهن. البت کين پنهنجي سينيئر لکندڙن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪن/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي/ موٽ نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۽ ٻين ملڪن ۾ لکندڙن کي ملي ٿي ان جو سبب؟
مريم مجيدي: ان ڏس ۾ سچائي واري نظر سان نهاريو ته اڻ ڳڻيا سبب نظر ايندا. (1) اسين پاڻ اديب لابين ۾ ورهايل آهيون، (2) مٿئين سبب هئڻ ڪري هڪ ٻئي سان منافقي ۽ مٺگهرائي وارو رويو قائم رهندو اچي. (3) انصاف ڀري تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ نه هئڻ ڪري ميرٽ تي مڃتا ڏين جو رجحانُ ناهي رهيو. قاضي ۽ حاجي واري روش به جاري ۽ ساري رهندي اچي، ان کان سواءِ جيڏو وڏو عهدو، اديب ۽ شاعر به اوڏو وڏو ليکيو وڃي ٿو، اُن ڏس ۾ ياري باشي جو به وڏو هٿ رهيو آهي، ٻيو ته سرڪاري طرح اسان جي ٻولي ۽ ادب کي ٻين ٻولين ۽ ادب جي ڀيٽ ۾ ڪا به اهميت ۽ پٺڀرائي حاصل نظر نه ٿي اچي، تعليم جي گهٽتائي به ان ڏس ۾ ڀاڱي ڀائيواري رهندي اچي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
مريم مجيدي: تنقيد ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۽ اُن جي خوبين ۽ خامين جي تور تڪ ڪرڻ جو ماپو آهي، مثبت ۽ اڻ ڌري تنقيد ادب جي واڌ ويجهه ۽ سگهه جو سبب بڻجي ٿي، ان لاءِ نقاد جو ڄاڻو هئڻ ضروري ٿئي ٿو. سائنسي بنيادن تي ادب کي معيار جي ڪسوٽي تي پرکڻ اَدَبَ ۽ اديب لاءِ رهبري ۽ ميرٽ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، پر جيئن ته اسان وٽ انصاف ڀري ۽ صحيح تنقيد جي اڻ هوند آهي، ان ڪري سهپ جي کوٽ به آهي، مثبت تنقيد جو مطلب هوندو آهي، تنقيد براءِ اصلاح جيڪا ادب کي سينگاري ۽ سگهارو بڻائي ٿي. تنقيد براءِ تنقيد کي منفي سوچ جو عمل سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ گهڻي ڀاڱي اهڙي تنقيد ٿيندي نظر ايندي آهي، جنهن ۾ ساراهه جاڳڻ ڳڻايا وڃن يا صرف اوڳڻ اُچاريا وڃن ٿا. ٽين ڌر وري اهڙي به آهي جا پنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ ڏيکارڻ لاءِ لڪير جو فقير بڻجي نالي چڙهيل ليکڪن کي اڃا اُتاهون بڻائڻ لاءِ واکاڻيندي رهندي آهي. باقي تنقيد جو اصل مقصد سنڌي ادب ۾ نالي ماتر ڪو هجي باقي نظر نه ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو نوان لکندڙ ۽ سٺو لکندڙ به پنهنجي معيار کي پرکڻ لاءِ تنقيد جا گهرجائو هوندا آهن، پر هتي تبصري ۽ تجزئي جي نالي ۾ ٿيندڙ تنقيد جو بنياد به صرف پنهنجائپ جي نظرئي تي آڌاريل هوندو آهي يا ذاتي رنجشون ۽ بغض به هوندو آهي، ان ڪري تنقيد اڻ ڌري واري سلوڪ کي صحيح ساک طور استعمال نه ڪرڻ ئي سهپ ۽ برداشت جي اڻ هوند جو وڏو ڪارڻ آهي.
سوال: ادبي سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
مريم مجيدي: سنڌي ادبي سنگت سان شروع کان وابستگي رهي آهي، سماجي تنظيمن (عورت فائونڊيشن ۽ پئمان) سان وقتي واسبتگي رهي پر جلد ئي ڌار ٿي ويس، باقي ڪنهن به سياسي ڌر جي باقاعده ميمبر ناهيان باقي سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ان جي حقن لاءِ ويڙهه وڙهندڙن سان شامل هوندي آهيان، انهن سان وس آهر منهنجون همدرديون شامل حال هونديون آهن.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: زندگي هڪ دلنشين ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهندي وقت گذرڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي ۽ وقت هٿن مان هليو ويندو آهي، رب پاڪ کان مليل اهڙو عطيو جيڪو فقط هڪ ڀيرو جيئڻ لاءِ ملي ٿو.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: بيوسي جي انتها، بي انت وڇوڙو.
سوال: نفرت اوهان جي نظر ۾؟
مريم مجيدي: هڪ منفي جذبو جيڪو اڻ وڻندڙ حالتن ۾ پيدا ٿئي ٿو.
سوال: اوهان جا ايندڙ ڪتاب؟
مريم مجيدي: (1) مضمون ۽ مقالا ”ڏکي توءِ ڏڪار“، (2) ڪالم، مهاڳ ۽ تبصرا ۽ انٽرويوز، نالو تجويز ناهي ڪيو. (3) بابا جن جي وڇوڙي تي ماڻهن پاران تعزيتي پيغام، مضمون ۽ سهيڙيل شاعري وغيره ”جاڳائيندڙ سڏ“، (4) مرکان کان مريم تائين، (5) زندگي ساٿ ڏنو ته ٽيون شعري مجموعو، جيڪو لکجي پيو.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: اڳي ته رڳو ڪوڙ ۽ منافقي تي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي، ان ڪري ڪاوڙ به ڪجهه وڌيڪ ٿي اچي، ان ۾ عمر جو عمل دخل به ٿي سگهي ٿو پر اهڙي ڪاوڙ ناهيان ڪندي جا ٻئي ڪنهن لاءِ ڏک يا دل آزاري جو سبب بڻجي.
سوال: مليل مڃتا/ ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
مريم مجيدي: سروم دکم دکم، شاعري مجموعي تي ”مرزا قليچ بيگ ايوارڊ“ ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ ۽ سنڌالاجي پاران ايوارڊ، بهترين شاعر تي نئين زندگي پاران ايوارڊ، شاهه سچل سامي تنظيم ٺٽو پاران ايوارڊ، ڀٽائي آرٽِسِ ڪائونسل پاران ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف اچيومنٽ ايوارڊ، ماڻڪ موتي تنظيم پاران شيلڊ ۽ ٻين ڪيترين تنظيمن پاران علمي ۽ ادبي سرٽيفڪيٽ وغيره.
سوال: لکڻ وقت ڇا ڪيفيت هوندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: لکڻ کان اڳ اُتساهه اڀرندو آهي، جنهن ڪري بيچيني محسوس ڪندي آهيان، شاعري لاءِ ايڪتانت جو پاسو ڳوليندي آهيان، لکڻ کان پوءِ نارمل ۽ پرسڪون ٿي ويندي آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
مريم مجيدي: درد جا ٻه قسم ٿيندا آهن، هڪ درد اندر ۾ اُتساهه جاڳائيندو آهي ته ٻيو وري نهوڙي نيندو آهي، ٽيون درد تخلص آهن، جيئن ته علي محمد ”درد“ سولنگي ۽ درد هوش محمد اُهي ڏڍ ۽ ڀروسو هوندا آهن، بهرحل لاکيڻي لطيف موجب ڏک ۽ سک زندگي جي سونهن آهي، ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري.“
سوال: جيڪو لکو ٿِيُون يا لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مريم مجيدي: جيترو لکيو آهي ان تي ڪي قدر مطمئن آهيان پر اڃا لکڻو آهي جيستائين جيئڻو آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
مريم مجيدي: جيجي زرينه، محبوب خاصخيلي ۽ الهڏنو جوڻيجو.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ۽ انهن جا مسئلا؟
مريم مجيدي: انهن کي مرداڻي سَماجَ کي منهن ڏيڻ سان گڏ ملازمت توڙي گهَر جِي، ٻئي ذميواريون نڀائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي هوندي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن سان ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون؟ انهن مشڪلاتن جو حل ڇا آهي؟
مريم مجيدي: هڪ ته عورت ليکڪائن کي ڏاڍين ڏکيائين سان مڃيو وڃي ٿو، پر کين ڪنهن به گڏيل ڳاڻيٺي ۾ ڳڻيو ناهي ويندو. ادب ۾ به عورت تخليقڪارن کي مد ڀيد جي اصول تي ڌار قطار ٺاهي يعني صرف عورتن ۾ ليکيو وڃي ٿو، جڏهن ته لکندڙ فقط لکندڙ هوندو آهي، عورت يا مرد جي جنسي تفريق رکڻ غلط روايت آهي، ٻيو عورت ليکڪائن کي ڏورانهن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
سوال: شاعري اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مريم مجيدي: شوق آهي يا مجبوري پر هڪ اهڙي سگهه آهي، جيڪا لکڻ تي اُتساهي ٿي ۽ زوري لکائي ٿي، ان ڪري ائين چئجي ته شوق آهي جيڪو مجبوري بڻجي ويو آهي.
سوال: شهرت ڪيئن لڳندي اَٿَو؟
مريم مجيدي: شهرت سٺي لڳندي آهي پر هينئر گمنامي وَڻي ٿي.
سوال: ڪنهن کان شڪايت؟
مريم مجيدي: شڪايت هميشه پنهنجن کان ٿيندي آهي، مون کي به آهي پر ڪنهن کان ۽ ڪهڙي اهو چئي نه ٿي سگهان.
**