شاعري روح جي رمز آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ به هڪ گداز مَن جي گهھرج هُجي ٿي. ….. ڊاڪٽر احسان دانش
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
ڊاڪٽر احسان دانش: احسان الحق، ولد ڊاڪٽر بشير احمد شاد.
سوال: ادبي نانءُ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: احسان دانش (ڊاڪٽر احسان دانش)
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 15 فيبروري لاڙڪاڻو.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ايم اي (سنڌي)، ايم اي (اردو)، پي ايڇ. ڊي (سنڌي ادب/ لطيفيات)، اسسٽنٽ پروفيسر، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1988ع
سوال: ادبي استاد؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: گھر ۾ پنهنجي والد کان ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول کان.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ماهوار ”نئين زندگيءَ“ جي 1989ع دوران هڪ پرچي ۾ هڪ غزل ڇپيو هو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: انهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: والد صاحب ۽ ان دؤر جي سينئر اديبن.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪي غير معمولي واقعا، حادثا، غمَ، رنجشون، سماجي نابرابري، ڪو احساس جيڪو من ۾ هلچل مچائيندو هجي، ڪو حسين منظر، موسم. لکڻ لاءِ اتساهه جا گھڻا ئي سبب ٿين ٿا.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: نظم ۽ نثر جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي. شاعريءَ ۾ غزل پسند جي صنف آهي. تخليقي نثر ۾ ڪهاڻي ۽ ناول پسند اٿم.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ٽه ماهي ”مهراڻ“، ٽه ماهي ”سارنگا“، ٽه ماهي ”سنگت“، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل، ”ڪينجھر“ تحقيقي جرنل، ”ڪارونجھر“ تحقيقي جرنل، ”قليچ“ تحقيقي جرنل، ”سنڌي ادب“ تحقيقي جرنل، ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل، ”ڪلياڻ“ تحقيقي جرنل، ”ٻاجهھ“ تحقيقي جرنل، ماهوار ”ڪينجھر“، ماهوار ”سارس“، ماهوار ”پورب“، ماهوار ”نئين زندگي“، ماهوار ”پيغام“، ماهوار ”ساڃاهه“، ماهوار ”پرک“، ماهوار ”بختاور“، ماهوار ”سنڌ رويو“، ماهوار ”نئين سوچ“، ماهوار ”سرتيون“، ماهوار ”هزار داستان“، ماهوار ”سنڌ رنگ“، ماهوار ”گل ڦل“، ماهوار ”ادبي لهرون“، ماهوار ”سڳنڌ“، ماهوار ”ناٽڪ“، ماهوار ”پوپٽ“، ماهوار ”مومل“، ماهوار ”سورٺ“، ماهوار ”همرچو“، ماهوار ”روح رهاڻ“، ماهوار ”نئين آس“، پنڌرنهن روزه ”عبرت مئگزين“، هفتيوار ”سنڌو“ ۽ ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۾ خوب مواد ڇپيو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻولي جي لڳ ڀڳ سمورين اخبارن جي ادبي صفحن ۾ پڻ مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. روزاني ”هلال پاڪستان“، روزاني ”عوامي آواز“، روزاني ”جاڳو“ اخبارن ۾ 1994ع کان ڪالم ڇپبا رهيا آهن. روزاني ”جاڳو“ ۾ 1994ع کان 1995ع تائين هفتيوار ڪالم به لکيا.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
جواب: ڪُل ڪهاڻيون 112 آهن، جن مان 70 کن شايع ٿيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1. ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (ڪهاڻيون) 2005ع، ”لاڙڪاڻو ـــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (تاريخ) 2005ع، ”ويل نه وسريام“ (شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا) 2007ع، ”لفظن جي خوشبو“ (شاعري) 2010ع، ”سنڌو ماٿر جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ (تحقيق ۽ تلخيص) 2012ع، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ (پي ايڇ. ڊي ٿيسز) 2016ع، ”پيهي پروڙيوم“ (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) 2017ع.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
ڊاڪٽر احسان دانش: 1.”شاهه لطيف جو سماجي شعور“ 2. ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد“ ــ هڪ گھڻ رخو اڀياس 3. ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آدرشي انسان جو تصور“ 4. ”سنڌي ڪهاڻي ـــ فن ۽ ارتقا“ 5. ”اُساٽ“ (ڪهاڻيون) 6. ”احساس جي ڪتڪائي“ (شاعري).
سوال : مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مون کي پنهنجي تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم جي مڃتا طور سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي معتبر ادارن طرفان ٽيهارو کن ايوارڊ مليا آهن، پر انهن سڀني ايوارڊن مان منهنجي لاءِ سڀ کان معتبر ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ آهي، جيڪو 2016ع ۾ ڀٽ شاهه تي حڪومتِ سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان مليو هو.
سوال : ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪنهن به سياسي تنظيم سان وابستگي نه آهي. البته علمي ادبي تنظيمن سان وابستگي آهي، جن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز، لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم وغيره شامل آهن.
سوال : شاعري اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعري روح جي رمز آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ به هڪ گداز من جي گھرج هجي ٿي. مون لاءِ شاعري ڪڏهن دل جو چين آهي ته ڪڏهن اندر جي تڙپ. انساني احساسن وانگر شاعريءَ جا به هزارين رنگ ۽ روپ آهن. منهنجي لاءِ شاعري اندر جي اظهار جو حسين ذريعو آهي. شاعريءَ ۾ اداس گھڙين جي نراسائي کي به سمائي سگھجي ٿو ته خوشيءَ جي بسنت رنگن جي بارش ۾ به ڀڄي سگھجي ٿو...... ان ڪري منهنجي لاءِ شاعري مَنَ جي آٿت آهي. هڪ شاعر سُک جي ڇايا ۽ ڇمر تي جھومي سگھي ٿو ۽ درد جي ڌن تي گنگنائي سگھي ٿو.
دردَ مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن (ا.د)
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مان سمجھان ٿو ڪوبه ليکڪ جبراً نه لکندو آهي. اها سندس چوائس ئي هوندي آهي. ان ڪري منهنجي لاءِ به لکڻ اختياري آهي، اهو نه رڳو منهنجو شوق آهي پر ان پٺيان هڪ مقصد پڻ آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعري لکڻ وقت لڳندو آهي ته اندر ۾ هڪ اُڃ آهي، جيڪا تيسيتائين نه ٿي اُجھي سگھي، جيسيتائين پوري طرح ان کي پني تي اتاري نه ٿو ڇڏيان. ڪهاڻي لکڻ وقت من ۾ هڪ طوفان متل هوندو آهي، جيڪو ڪهاڻي جي ڪلائميڪس تي وڃي ماٺو ٿيندو آهي. لطيف جي شاعريءَ تي لکڻ وقت ذهن ۽ دل تي سهسين ڪيفيتون لهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي خوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ منهنجي مٿان حيرتن جا نوان جهان نروار ٿيندا آهن....... باقي تحقيق ۽ تنقيد جو ڪم بلڪل مختلف آهي، تنهن ڪري ان لاءِ سنجيدگي ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو ڪم ڪندي مان هڪ اضطراب جو شڪار هوندو آهيان، تحقيق ۽ تنقيد مون کي الجھيل سُٽُ سلجھائڻ جو عمل محسوس ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهو ڪم ڪندي مان پاڻ کي ان ڪم ۾ غرق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: يقيناً سٺي لڳندي آهي. جڏهن ماڻهو سڃاڻيندا آهن ۽ عزتون ڏيندا آهن ته احساس ٿيندو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪجهه ته اهڙو ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اهو مانُ پيو ملي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/ فنڪارائن ڳائي آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: شاعريءَ جا ڪجھه اسم 90 واري ڏهاڪي ۾ پي. ٽي. وي جي موسيقي وارن پروگرامن ۾ هليا جن فنڪارن جا نالا به ياد ناهن. البته استاد انور علي سانگي، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، سليم رضا ڪنڀر، الياس سانگي وغيره منهنجو ڪلام ڳايو آهي.
سوال : پسنديده شاعر/ شاعرائون اديب / اديبائون؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جيڪڏهن رڳو سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي ڳالهه ڪجي ته شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، جمال ابڙو، نورالهُديٰ شاهه، امر جليل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، ماهتاب محبوب، روبينه ابڙو، رخسانه پريت وغيره. باقي بين الاقوامي ادب ۽ اردو لٽريچر مان به کوڙ نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: بابا سائين.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڪتاب: شاهه جو رسالو، گل: هر خوبصورت گل، رنگ: فيروزي، موسم: بهار، پهر: پرهه ڦٽي.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
ڊاڪٽر احسان دانش: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي ليڪچرار بڻجڻ.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ڏاڏي سائين جو انتقال..... ڇوته ڏاڏو سائين (آغا در محمد) منهنجو ويجھو دوست هيو، جنهن سان مان خوب روح رهاڻيون ڪندو هيس. ان جي وڇوڙي مون کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ مان سڏڪي پيو هيس.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: فطرت جي حسين تخليق، جيڪا هر روپ ۾ پيار ڪرڻ جي لائق آهي. خاص طور اسان جي سماج ۾ مجموعي طور ڏسبو ته عورت ڏاڍو ڀوڳيندي رهي ٿي، ان کي آٿت ۽ اعتماد ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها هر طرح سان عزت ۽ تعظيم جي لائق آهي.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جڏهن اسان اڄ جي عورت چئون ٿا ته سماج کي ٻه اڌ ڪري سوچڻو پوي ٿو. هڪ اُها عورت جيڪا واهڻي زندگي گذاري ٿي، جيڪا تعليم جي زيور سان مالا مال ناهي، جنهن جي زندگي گھاڻي جي ڏاند جهڙي ئي آهي...... اها عورت ته رڳو اهو ئي ٿي سوچي ته هن جي گھر جا مرد هن مان مطمئن ۽ خوش هجن، پوءِ کڻي کيس ڪهڙي به قرباني ڇونه ڏيڻي پوي، هن کي پنهنجن حقن جو شعور به ناهي، تنهن ڪري اها هر جبر برداشت ڪندي رهي ٿي، جيڪڏهن اها زال آهي ته ان جو ڪم رڳو ٻار پيدا ڪرڻ آهي، ڇوته ٻار پيدا ٿيندا ته گھر جو ڪارخانو هلندو، ڇوڪرا جوان ٿي هارپو ڪندا ۽ ڇوڪريون ٽوپ ۽ ڀرٿ ڀري، رليون ٽوپي گھر جو چرخو هلائڻ ۾ مددگار ٿينديون. ٻهراڙيءَ جي انهن عورتن جي چاهنا شايد اها ئي هوندي ته کين ڪڏهن بي گناهه ڪاري ڪري نه ماريو وڃي، سڱ چٽيءَ ۾ نه ڏنو وڃي، پوڙهي مرد سان نه پرڻايو وڃي....... مان سمجھان ٿو انهن جون اهي ۽ ڪجھه اهڙيون ئي خواهشون هونديون. رهيو سوال شهري ۽ پڙهيل ڳڙهيل عورتن جو ته منهنجي خيال ۾ اهي پنهنجن جائز حقن جو تحفظ ۽ حاصلات چاهين ٿيون. انهن مان وري جيڪي ورڪنگ وومين آهن ۽ وڌيڪ سُجاڳ آهن، اُهي عمل جي ميدان ۾ به اڳتي نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجو آواز بلند ڪن ٿيون.
سوال : اڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
ڊاڪٽر احسان دانش: جيڪڏهن اوهان جو سوال سنڌي ادب جي حوالي سان آهي ته مان سمجھان ٿو ته اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي رهيو آهي سو مڪس پليٽ وانگر آهي. يعني گڏيل سڏيل. جتي ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۽ سوشل ميڊيا ادب کي فروغ ڏنو آهي اُتي رسالن جي اڻاٺ ان کي پوئتي به ڌڪيو آهي، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌڙا ڌڙ ڪتابَ ڇپجي رهيا آهن. هڪ اندازي مطابق هڪ مهيني ۾ پنجاهه کان سٺ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، جيڪو هڪ وڏ انگ آهي، انهن مان معياري ادب جو ريشو گھڻو ته ناهي پر ائين نه ٿو چئي سگھجي ته سٺو ادب سرجڻ بند ٿي ويو آهي. اڄ جي دور ۾ ڪي اوريجنل تخليقڪار، محقق ۽ نقاد اهڙا به اڀريا آهن، جن پنهنجي پوئين پيڙهي جي سينئر اديبن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي، انهن وٽ نوان خيال ۽ انوکي تخليقي ائپروچ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي شعور موجود آهي. البته پيڙهي وڇوٽيءَ وارو سوال اڃا به قائم آهي، نوجوانن کي شڪايت آهي ته کين سينئر پڙهن ئي ڪونه ٿا...... هن وقت ڪارج ڀري شاعري به ٿي رهي آهي، سٺيون ڪهاڻيون به لکيون ٿيون وڃن ته تحقيق ۽ تنقيد جي دنيا ۾ به نوجوان اڳتي اچي رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته ناول جيڪا سنڌي ادب ۾ وڏي عرصي تائين زوال پذير صنف هئي ان تي اڄ ڪلهه گھڻو لکيو ٿو وڃي ۽ ويجھڙ ۾ ڪيترائي معياري ناول به سامهون آيا آهن. وقت جي ڇاڻيءَ سان ضرور گند گار به صاف ٿي ويندو آهي ۽ کوٽو کرو پڌرو ٿي پوندو آهي..... مان مقدار جي هجوم ۾ گم ٿيندڙ معيار کي ڏسان ٿو، تنهن ڪري مون کي مجموعي طور اڄوڪي سرجندڙ ادب مان مايوسي نه پئي ٿئي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: ان جا کوڙ سارا سبب آهن، پر آئون توهان کي هتي رڳو ٽي سبب ٻڌايان پيو. پهريون سبب اهو آهي ته اسان وٽ اڪثر سرڪاري ادارا جن جو ڪم ئي ٻولي ۽ ادب کي پروموٽ ڪرڻ آهي، سي پنهنجو ڪم ذميداريءَ سان نه پيا ڪن. ٻيو اسان جا اشاعتي ادارا سٺو ادب شايع ڪرڻ بدران پاپولر ادب شايع ڪرڻ جي حرص ۾ مبتلا آهن ۽ کين رڳو پنهنجي بزنس جو خيال آهي. سرڪاري اشاعتي ادارن ۾ ته پي آر جو عمل دخل آهي پر اسان جي نجي اشاعتي ادارن لاءِ به ليکڪ سوني مرغيءَ وانگر آهن، جن کان جھجھا ڏوڪڙ وٺي سندن ڪتابَ ڇپيا وڃن ٿا. جتي سڄي دنيا ۾ ليکڪن کي ڪتاب ڇپائڻ تي رائلٽي ملندي آهي اُتي اسان جو ليکڪ مفت ۾ ڪتابُ ڇپائڻ لاءِ به آتو آهي، جي ڪڏهن اتفاق سان ڪنهن پبلشر ڪنهن ليکڪ جي ڪتاب جي اهميت ۽ مارڪيٽ ويليو کي محسوس ڪندي سندس ڪو ڪتاب مفت ۾ شايع به ڪري وڌو هوندو ته ان پبلشر جي گھوڙا گھل لڳي پئي هوندي ۽ ڀلي ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ختم ٿي ويون هجنس پوءِ به ڪتاب جي ليکڪ کي چوندو ته ”سائين توهان جو ڪتاب ڇپائي مان پنهنجا پيسا پاڻيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن توهان جو ڪتاب ته کپي ئي نه ٿو.“ اهڙي طرح ٽيون سبب اهو به آهي ته اسان جون ادبي سنگتون، تنظيمون ۽ ذميدار ادارا به ڪنهن ليکڪ / ليکڪا کي پزيرائي ڏيڻ ۾ ڪنجوسي جو مظاهرو ڪن پيا. نتيجي ۾ اهڙا ليکڪ ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو رت ست ڏئي ادبي شاهپارا تخليق ڪن ٿا. سو معاملو اهو آهي ته مجموعي طور اسان جي ادارتي ۽ سماجي روش ئي اهڙي آهي، جنهن جي ڪري اديب کي گھربل مقام ۽ پزيرائي نه ٿي ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: اهو انتهائي اهم سوال آهي. جنهن جو تفصيلي جواب منهنجي ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ جي مقدمي ۾ به موجود آهي، جيڪو مون پاڻ ئي لکيو آهي. پر مختصر طور آئون هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته بدقسمتيءَ سان اسان وٽ تنقيد ۽ تنقيص ۾ فرق نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري ئي ادبي تنقيد جو اهو حال آهي. بيشڪ تنقيد جو هڪڙو ڪارج ڪنهن به تخليق جا نقص ظاهر ڪرڻ به آهي پر رڳو نقص ڪڍي تخليق جي محاسن يا خوبين کي نظر انداز ڪرڻ تنقيد جي فن جي منافي آهي. اصل ۾ تنقيد ڪنهن به تخليق جي ڪَٿَ جو معاملو آهي، جنهن لاءِ نقاد وٽ گھڻ رخو مطالعو هجڻ لازمي آهي. هڪ سُچيت نقاد هميشه استدلال جي آڱر پڪڙي تنقيد ڪندو آهي ۽ ان جي تنقيد تخليق تي هوندي آهي نه ڪي تخليقڪار تي. جڏهن ته اسان وٽ عام طور تخليق تي گھٽ ۽ تخليقڪار تي ٽوڪ ۽ چٿر گھڻي ڪئي ويندي آهي، ۽ جيڪو ماڻهو اها چٿر يا تبرو ڪرڻ جو ماهر هوندو آهي ان کي نقاد سڏيو ويندو آهي. سچ ته اهو اسان جي سماج جو وڏو الميو آهي. تنقيد ڪنهن به تخليق جي ڳوڙهي تجزيي، تبصري ۽ اڀياس جو نالو آهي، جنهن لاءِ ڪن مخصوص ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي. تنقيد باضابطه طور هڪ علم آهي ۽ ان جا پنهنجا پيراميٽر مقرر ٿيل آهن، جيئن شاعري يا ناول لکڻ لاءِ ڪي فني لوازمات ضروري هوندا آهن. رهيو سوال ته اسان وٽ تنقيد برداشت ڇونه ٿي ڪئي وڃي ته ان سلسلي ۾ آئون اهو چوندس ته تنقيد جي اوسر اتي ئي ٿيندي آهي جتي گھڻ پڙهيا ليکڪ ان جي آجيان ڪندا آهن. تنقيد جو اصل منصب ڪنهن به تخليق کي پالش ڪرڻ آهي، هڪ بهترين نقاد تخليق جي اهڙي علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي جو اها هيڪاندي نکري پوندي آهي، جيڪي دوست طنز ۽ ٽوڪ کي تنقيد سمجھي ويٺا آهن انهن لاءِ عرض آهي ته تنقيد ڪنهن به تخليق جي حقيقي پزيرائيءَ جو فن آهي، جنهن وسيلي ئي ادب ترقي ڪندو آهي ۽ تخليقڪارن کي تخليق جي نون رستن جي پروڙ پوندي آهي ۽ ادب ۾ نوان ٽرينڊ جنم وٺندا آهن، تنهن ڪري تنقيد کان بُڇان کائڻ ڪا ڏاهپ ناهي. توهان جيڪو لفظ برداشت وارو استعمال ڪيو آهي، مان سمجھان ٿو شايد توهان جو مطلب به اهو هوندو ته هتي گھڻو ڪري تنقيد ۾ ليکڪ جي تضحيڪ ٿيندي آهي، سو آئون اها ڳالهه اڳ به چئي آيس ته اصل ۾ تنقيد جو علم اهڙو رويو نه ٿو سيکاري، باقي فن جي بنياد تي جيڪڏهن ڪنهن تخليق ۾ جھجھا جھول آهن ۽ ڪو نقاد انهن جي نشاندهي ڪري ٿو ته اها ڪنهن به تخليقڪار لاءِ رنج ٿيڻ بدران خوش ٿيڻ جي ڳالهه آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان جي تنقيد مان جڏهن ليکڪ جي ذات نڪري ويندي ۽ سندس تخليق تي ئي ڳالهائڻ جي روش قائم ٿيندي ته آهستي آهستي تخليقڪارن ۾ برداشت به اچي ويندي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪجھه لکيو اَٿوَ انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: مڪمل طور ته مطمئن نه آهيان، ڇوته منهنجي نظر ۾ اطمينان موت جو ٻيو نالو آهي ۽ مان اڃا زنده آهيان. منهنجا ڪتابَ دير دير سان ڇپبا آهن، ان جو سبب به اها غير اطميناني آهي. مان پنهنجين تخليقن مان ڏاڍو ڏکيو مطمئن ٿيندو آهيان. منهنجو پهريون شعري مجموعو 22 سال شاعري ڪرڻ بعد ڇپيو، تيستائين مان پنهنجي اڌ شاعريءَ تان هٿ کڻي چڪو هيس. هن وقت به پنج ڪتاب ڪمپوز ٿيا پيا آهن پر ڇپائڻ لاءِ وري وري سوچيان پيو. مان ته هڪ ننڍڙو ليکڪ آهيان پر مان سمجھان ٿو ته ڪو به جينين رائيٽر پنهنجي تخليق مان ڪڏهن به مڪمل طور مطمئن نه ٿيندو آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: زندگي ـــ ڏينهنِ، مهيننِ، سالنِ ۽ صدينِ جي ڪَٿا جو نالو ناهي. ڪي ماڻهو هڪ لمحي ۾ به صديون جِي وٺندا آهن. زندگي، ڪرب ۽ نشاط جو سنگم آهي. خواهشن جو اڻ کُٽ سلسلو زندگيءَ جي آڪاس تي سدائين انڊلٺ جيان ڇانئيل رهي ٿو. هونءَ ته زندگيءَ جو تصور ساهن سان آهي، جنهن لمحي ساهه جي ڏوري ٽٽي ٿي ته ماڻهو موت جي آغوش ۾ سمهي ٿو پوي، پر ڪن ماڻهن جي زندگيءَ جي شروعات ئي سندن موت کان پوءِ ٿيندي آهي، اُهي امر ٿي ويندا آهن..... بي مقصد زندگي بي سمت مسافت جهڙي آهي، جنهن جي منزل جي به ڪا خبر نه هجي، ان ڪري زندگيءَ کي بامقصد گذارڻ کپي. منهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”بي سڪون خواب جو سچ“ ۾ هڪڙي ڪهاڻي آهي ”بي انت مسافت“ ان ۾ مون زندگيءَ جون انيڪ معنائون ۽ وصفون ٻڌايون آهن. هتي اُهي سڀ نه ٿو ٻڌائي سگھان.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: اڻ ٽر سچ، جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگھي. موت هونءَ ته زندگيءَ جي پُڄاڻي آهي پر ڪجھه ماڻهو موت کي مات ڏئي امر ٿي ويندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين چيو هو ته ”مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات....“ اصل ۾ اهي زندگيءَ جي حقيقت کي پروڙي وٺندا آهن ۽ اُهي پنهنجي زندگيءَ جي لمحن کي صدين وانگر گذاريندا آهن. تنهن ڪري موت به انهن کي ماري نه سگھندو آهي. شيخ اياز چيو هو ته ”موت ڪارو حبشي آ“ پر لطيف سائين وٽ موت جو تصور نهايت نرالو آهي. هو موت کان خوفزده ناهي پر ان جي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهي. ڀٽائي چوي ٿو: مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
سوال: درد ڇا آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: درد اصل ۾انسان جي سهپ جو امتحان آهي. ڪي ماڻهو سورَ جي هلڪي سَٽَ به سَهي نه سگھندا آهن ته ڪي وري سڄي ڄمار دک جي بَٺيءَ ۾ پڄرندي ڪُندن ٿي ويندا آهن. دُکُ ڪنهن کي ٽوڙيندو آهي ته ڪنهن کي سگهھ ڏيندو آهي. درد ۾ ڀلي ڪو ڪربَ ۽ اذيت محسوس ڪندو هجي پر ڪي ماڻهو دک جي جمال کي محسوس ڪري پنهنجي روح کي راحتون بخشيندا آهن. درد حياتيءَ جي حقيقت آهي. سچ اهو آهي ته درد کان سواءِ خوشيءَ ۾ به اها لذت محسوس نه ٿيندي آهي، ڇوته ’ڏُکُ سکن جي سونهن‘ آهي.... ڀٽائي جي لفظن ۾ درد رهنما آهي، اهو منزل جو گَس ڏسي ٿو: ”ڏيکاريس ڏُکن، گوندر گسُ پرين جو....“ رنج ۽ الم، درد ۽ حزن جون هزارين صورتون آهن. مان هتي چند لفظن ۾ ان احساس ۽ ڪيفيت کي ڪيئن بيان ڪريان. شايد ان سوال جو بهتر جواب منهنجو ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد ــــ هڪ گھڻ رخو مطالعو“ آهي، جيڪو جلد ئي اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: هڪ حسين احساس. جنهن کان سواءِ جيئڻ جو تصور ممڪن ئي ناهي. محبت زندگيءَ جو ساز آهي، جنهن کانسواءِ حياتي ٻُسي ۽ بي چسي آهي. جتي محبت نه هوندي آهي اُتي وحشت هوندي آهي. محبت انسان جو حقيقي تعارف آهي، اها انسان کي مڪمل ڪري ٿي ۽ ماڻهو ماڻهپي جي اعلى منزلن تائين پهچي ٿو. محبت خودي کان بي خوديءَ جو هنر سيکاري ٿي. محبت نه هجي ته هيءَ ڪائنات بي روح محسوس ٿئي. هن ڪائنات ۾ جيڪي به رنگ آهن اُهي محبت جي ڪري ئي ته آهن. مان ته سدائين استاد بخاري جي ان سٽ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ڪلفت ڪَٺي ڪرڻ کان محبت رَتي چڱي آ“
سوال: نفرت ڇا آهي؟
ڊاڪٽر احسان دانش: انسان جي اندر ۾ ويٺل انتهائي منفي جذبو، جيڪو سندس انسانيت واري رتبي کي گھٽائي ٿو. انسان کي انس ۽ محبت جو آئينه دار هجڻ کپي. اهو ئي سندس اصل منصب آهي. نفرت ماڻهپي کي اڏوهيءَ جيان چَٽيندي ويندي آهي ان ڪري ان مان سدائين نقصان ئي ٿيندو آهي. نفرت جي زهر کي وري به محبت جي ترياق سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري نفرت، چاوت، ڪُلفت ۽ ڪدورت کي ڪڏهن به من ۾ جاءِ نه ڏيڻ کپي. شاهه جي لفظن ۾: ’چاوت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن، تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو.‘
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر احسان دانش: هزارين خواهشن جي آماجگاهه. جنهن جو ڌڙڪڻ احساس جي شدت ۽ خوف جي ڪيفيتن کي نروار ڪندو آهي. اها ڌڙڪ ترتيب ۾ هجي ته سُڪون جو احساس ٿئي، جيڪڏهن بي ترتيب ٿي وڃي ته ڪئين وسوسن کي جنم ڏي. سائنسدانن لاءِ ته اها هڪ بلڊ پمپنگ اسٽيشن آهي پر شاعرن لاءِ انيڪ جذبن ۽ احساسن کي سانڍي رکڻ جي جاءِ آهي. محبت جا گُل به ته دل جي زمين تي ئي ڦٽندا آهن. ان ڪري دل پوتر آهي، تڏهن ئي ته صوفي چوندا آهن ته دل خدا جو گھر آهي. باهو چيو هو ته: ’مسجد ڍا دي، مندر ڍا دي، دل نه ڪسي دا ڍادي هو.‘
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: نرم مزاج ۽ سهپ رکندڙ.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
ڊاڪٽر احسان دانش: سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بي انصافي تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
ڊاڪٽر احسان دانش: فردن کان ته وقتاً فوقتاً شڪايتون هونديون آهن پر مون کي هن سماج کان به کوڙ ساريون شڪايتون آهن. مون کي هن سسٽم کان به کوڙ ساريون شڪايتون آهن. اسان شاعر ۽ اديب پُر امن سماج جا خواب ڏسندا آهيون، اهڙو سماج جتي خوشيون، خوبصورتيون ۽ آسانيون هجن، پر جڏهن اُهي خوابَ ٽٽندا آهن ته انهن جون ڪرچيون اکين ۾ چڀنديون آهن. اسان جا معصوم خواب شهيد ٿيندا آهن ته اسان تڙپي پوندا آهيون.
**