سرڪاري ادارن ۾ ياري، دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلَي … مٺل جسڪاڻي
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
مٺل جِسڪاڻي: محمد مٺل جسڪاڻي ولد محمد عمر جسڪاڻي
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ؟
مٺل جِسڪاڻي: 15 جنوري 1961ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، يونين ڪائونسل حاجي ساوڻ خان گوپانگ (ماضي ۾ اسان جي ديهه يو سي موسي کٽياڻ ۾ هئي)، تعلقو ۽ ضلعو حيدرآباد آهي.
سوال: ادبي نانءُ ؟
مٺل جِسڪاڻي: مٺل جسڪاڻي (شروعات ۾ مختلف تخلص به رهيا)
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
مٺل جِسڪاڻي: پرائمري کان ايم. ايس. سي ايگريڪلچر آنرس (پلانٽ پيٿالاجي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڪالوني ۽ آفيس علائقي ۾ موجود پرائمري ۽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيم. تعليم مڪمل ڪري، 1984ع ۾ پهرين يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيس، اتان پوءِ 1989ع ۾ سنڌ حڪومت جي زرعي تحقيق سنڌ ۾ ۽ 1996ع کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهيان، جڏهن ته ملازمت دوران مختلف اضافي ذميواريون به ملنديون رهيون اٿم، جن سان پڻ نڀائيندو رهيو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي خيال ۾ لکڻ جي شروعات مون نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1975ع ۾ ڪئي، پر اهو لکي لڪائڻ وارو دور هو، ان کان پوءِ شايد 1980ع کان سنڌس ادبي سنگت ۾ شرڪت ڪندي، پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندو هئس، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي شروعات گهڻو ڪري 1983ع کان ٿي ۽ اهو سلسلو ادبي حوالي سان وچ ۾ ڊگهي ساهي کان پوءِ ٻيهر شروع آهي، جن سالن ۾ ادبي حوالي سان نه لکيم، انهن سالن ۾ زرعي مضمون ۽ زرعي تحقيقي مقالا تمام گهڻا لکيم. ان حد تائين به ته منهنجي زرعي ليکڪ طور سڃاڻپ ادبي حوالي تي حاوي رهي آهي.
سوال: ادبي استاد؟
مٺل جِسڪاڻي: باقاعدي سکيا ته ڪنهن کان به نه ورتي اٿم، پر شروع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ پر اديب ۽ دانشور طور سڃاڻپ رکندڙ سائين حيدر علي لغاري ۽ استاد سان گڏوگڏ صحافي طور سڃاڻپ ماڻيندڙ سائين لائق سنڌي جي صحبت ۾ رهندي، مون گهڻو ڪجهه سکيو. ان سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ مستقل شرڪت ۽ مطالعي سان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيم. سکي سگهيس يا نه، اهو منهنجي پڙهندڙن کي اندازو هوندو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
مٺل جِسڪاڻي: شاعري مون کي پرائمري کان وڻندي هئي، هاءِ اسڪول ۾، نائين ڪلاس ۾، هڪ ڏينهن اوچتو اسان جو هيڊ ماستر، جنهن جي اڳتي هلي خبر پئي ته ناميارو اديب ۽ دانشور هو، اهو آيو، ان اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ٻڌائي، بيتن متعلق سمجهايو، ته مون به بيت لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي مختلف شاعرنِ جي شاعري جا مجموعا پڙهي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪيم. لکڻ جي شروعات ۾ شاعري ڏانهن گهڻو ڌيان هو، پوءِ نثر ڏانهن لاڙو ٿيو. شاعري ۾ علم عروض، ماترائون ۽ خبر ناهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون پابنديون، ان ڪري دل کٽي ٿي پئي، پر ڪڏهن ڪڏهن بحر ۽ وزن، علم عروض کان آجي شاعري به ٿي ويندي آهي. مضمون تمام گهڻا لکيا ٿم، ڪهاڻيون به لڳ ڀڳ پنجاهه ته ٿي ئي وينديون. مختلف شخصيتن تي تاثر، يا وري پروفائيل انٽرويو به ڪيم. مختلف ادبي ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، تعارف به لکيم.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
مٺل جِسڪاڻي: ماحول، عام ماحول ۽ موسم، سماجي مسئلا ڌيان ڇڪائيندا آهن، پاڻهي پاڻهي ذهن ۾ خبر نه آهي ڪهڙي تبديلي ايندي آهي، ڪا شڪتي آهي، جيڪا لکرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان، تمام ضروري ڪم اڌ ۾ بند، آڌي رات جو ننڊ مان جاڳي، اوچتو پنو هٿ ۾، قلم جي لک لکان... بس، لکجي ويندو آهي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
مٺل جِسڪاڻي: تاريخ، مهينو ۽ سال ياد نه آهي، پر منهنجي خيال ۾ 1983ع کان پهرين هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار ادبي ۽ زرعي صفحي ۾، پوءِ هلال جي ميگزين ۾، هفتيوار برسات ميگزين به مشهور رهيو آهي، ان ۾ به، پر مختلف سال، مختلف اخبارن ۾ گهڻو ڇپيس، جيڪي ترتيبوار هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، آفتاب ۽ عبرت ۾ تمام گهڻو ڇپيو آهيان، هونئن نه ته مهراڻ، تعمير سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ ڇپجندو رهيو آهيان. رسالن ڏانهن ڌيان گهٽ رهيو آهي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: گذريل سوال ۾ جواب ڏئي چڪو آهيان، پر زرعي مواد زرعي رسالن ۽ اخبارن ۾، گهڻو سنڌي، ان کان پوءِ انگريزي ۾ ۽ پوءِ اردو ۾ پڻ چڱو مواد ڇپيل آهي، ڇپبو رهي ٿو.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ شاعري وڻي ٿي، ڪجهه عرصي کان نثري نظم گهڻو لکيو اٿم، ماضي ۾ غزل ۽ وايون لکڻ جي ڪوشش ڪيم. گهڻو اڳ لکيل ادبي مواد خبر نه آهي ڇو ضايع ڪري ڇڏيم يا ضايع ٿي ويو، پر 1980ع کان پوءِ لکيل مواد گهڻي ڀاڱي هٿيڪو به آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ شايع به ٿيل آهي. اڻ ڇپيل مواد تمام گهٽ هوندو.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي خيال ۾ لڳ پنجاهه ڪهاڻيون لکيون هوندم، اڪثر ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪتاب، ڪي سنها ته ڪي ٿلها، ڪي ننڍا ته ڪي وڏا، ويهه ايڪيهه هوندا، پر ادبي ڳاڻيٽي ۾ هڪ سفرنامو ”سفر بخير“ 2016ع ۾ ڇپيو، هڪ ٻيو سفرنامو به ترتيب ڏئي ڇڏيو اٿم، ممڪن آهي ته هن سال اچي وڃي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجا مائٽ اڻ پڙهيل، انهن کي پهرين ته خبر ئي نه پئي، پر جڏهن ڪٿان کُڙڪ پين ته شاعري ڪندو آهيان، ته والدهه روئي پئي، والد سختي سان منع ڪئي، هنن جي چوڻ موجب گهڻو پڙهندس ۽ لکندس ته چريو ٿي ويندس! ان ڪري گهڻو نه پڙهڻ ۽ نه لکڻ باوجود، جيڪو سياڻو آهيان، اها منهنجي پڙهندڙن کي وڌيڪ خبر آهي.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪنهن به نه. اديب ۽ شاعر ويچارا هر ٻئي اديب ۽ شاعر کان ڇرڪندا آهن، ته متان وڌيڪ مشهور ٿي وڃي، پبلشر ڌنڌي جي پٺيان هوندا آهن، همٿ افزائي ڪٿان ٿي ٿئي؟ سرڪاري ادارن ۾ ياري دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلي. پنهنجا پيسا جنهن وٽ هوندا، اهو ڪتاب ڇپرائيندو. منهنجو سفرنامو منهنجي فرزند اظهار مٺل جسڪاڻي جي خواهش سبب شايع ٿيو، نه ته آئون پنهنجي پيسن سان ڪتاب ڇپرائڻ جي قطعي حق ۾ نه آهيان. آئون اهو به پسند نه ٿو ڪريان، ته منهنجو ڪتاب ڪو اهڙو چپرائي، جيڪو مون کي خوار ڪري، پاڻ ڏوڪڙ ڪمائي، ڇو ته مون جيڪو لکيو آهي، اهو سرڪاري ۽ نجي لائبررين ۾ رکي، پڙهندڙن کي مهيا ڪرڻ جهڙو آهي ۽ پبلشرس لاءِ ٻڌو اٿم، ته اهي انتهائي غلط طريقي سان ڪتاب زوري خريد ڪرائڻ جو ماحول جوڙيندا آهن، جنهن جو ليکڪ تي تمام گهڻو خراب اثر پوي ٿو.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ تمام ٿورڙن لفظن ۾، تمام گهڻي وڏي ڳالهه، تمام موثر انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. رڌم ۽ موسيقي جي ڪري روح جي غذا به ٿي پوندي آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾؟
مٺل جِسڪاڻي: ”محبت ناهي ملڪ ۾...“، اها ٻيءَ ڳالهه آهي، نه ته محبت ئي ته سڀ ڪجهه آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون؟
مٺل جِسڪاڻي: بنهه ئي روايتي ۽ انتهائي غير اهم سوال! پڙهڻ وقت جيڪا ڪيفيت هوندي، پڙهجندڙ ان نسبت سان قبول پوندو آهي. ڪنهن مهل پڙهندي ته تمام مشهور شاعر يا شاعره به نه وڻندي آهي، ڪنهن وقت ته بلڪل نئون، سيکڙاٽ شاعر يا شاعره جو خيال اندر جي اونهائيءَ تائين پهچي ويندو آهي. لطيف، سچل، اياز کي جيڪو نه پڙهندو آهي، اهو به پسنديدهه شاعر طور ڳڻائي ڇڏيندو آهي، جنهن کي شاعري جي خبر ئي نه هوندي آهي، اهو به حسن درس تي واهه واهه ڪري ويندو آهي يا وري ونگار وهندي، حسن جي بهترين شاعري کي به ٽڪي جي شاعري ڪري پيش ڪندو آهي. مون کان اهڙي جواب جي توقع نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي پسند، ناپسند جو معيار، منهنجي پڙهڻ وقت، منهنجي ذهني سالميت، صلاحيت، سمجهه جي پهچ تي دارو مدار رکي ٿي.
سوال: پسنديده شخصيت؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي خبر آهي ته منهنجو والد گهڻن کي نه وڻندو هو، پر مون کي تمام گهڻو وڻندو هو. والدهه سان ڪنهن جو به مقابلو ڪونهي. استاد ۽ اديب جي حيثيت ۾ سائين حيدر علي لغاري، منهنجي زندگي ۾ مثالي شخصيت رهي آهي. ڪجهه ٻيا مهربان استاد ۽ دوست به پسنديدهه شخصيتن ۾ شامل آهن، نالا کڻي ڪن کي خوش ڪرڻ ۽ ڪن جا نالا نه کڻي سوال پيدا ڪرڻ سٺو نه ٿو سمجهان. مون کي ته منهنجو ڀاءُ علي به تمام گهڻو وڻندو آهي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪتاب، گُل ۽ رنگ سڀ وڻندڙ هوندا آهن، ڪنهن مهل ڪهڙو ته ڪنهن وقت ڪهڙو وڌيڪ وڻي، موسم مون کي نه گهڻي گرم، نه ئي گهڻي ٿڌي وڻندي آهي. سهپ ۽ سک ڏيڻ جهڙي موسم هجي. پهر ته صبح وارو به لاجواب هوندو آهي، شام وارو به موهيندڙ ٿيندو آهي، چٽي چانڊوڪي به واهه جي هوندي آهي، پر جيڪڏهن انهن کي ڪو زهر نه ڪري ته...
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
مٺل جِسڪاڻي: تمام گهڻو ڏکيو سوال آهي، آئون ٿوري مان به گهڻو خوش ٿي ويندڙ طبيعت جو آهيان، مهرباني ۽ خوشي جو ڪٿڻ، ڪَڇڻ ممڪن نه آهي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
مٺل جِسڪاڻي: اُف! ڪڏهن ننڍڙي ڳالهه به روئاريو ڇڏي، ڪڏهن وڏي ممڻ باوجود به، نه لهر نه لوڏو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟
مٺل جِسڪاڻي: مجموعي طور عورتن جي واجب تربيت ڪا نه ٿي ٿئي، ان ڪري اڪثر عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. تمام ٿورين عورتن کي پڙهڻ، اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، ته مجموعي ماحول اڻ پڙهيل ۽ اڻ سڌريل هجڻ ڪري، لکيل پڙهيل، ترقي پسند سوچ رکندڙ عورت به آزار ۾ آهي. بظاهر حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ بردبار عورت به خوف ۽ غير يقيني واري ڪيفيت جو شڪار آهي. عورتون ويچاريون خواهش ئي ڪري سگهن ٿيون، مرداڻي سماج ۾ کين اميدون گهٽ هونديون، مُطمئن نه هونديون، ته چاهينديون ڇا؟
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: سمورن جاندارن ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورت، متاثر ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿي...
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ ؟
مٺل جِسڪاڻي: لکجي، سرجي به تمام گهڻو پيو، ڇپجي به گهڻو پيو، سوشل ميڊيا وسيلي منظر تي به گهڻو اچي پيو، پر چونڊ، انتخاب جو ڪم سست آهي، جيڪو ٿيڻ گهرجي. مقدار ججهو آهي، معيار لاءِ پَرڻ ڪونهي. ڇنڊي، ڇاڻي، ڇانٽي ڪري، معياري ڪتاب آڻڻ گهرجن، پر ائين به نه، جيئن ماضي توڙي حال ۾ پڻ، سنگت ساٿ کي خوش ڪندي چونڊ مضمون، چونڊ ڪهاڻيون، چونڊ شاعري شايع ڪئي وئي، تيئن به نه ڪرڻ گهرجي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجي نظر ۾ مکيه سبب ليکڪ ۽ شاعر پاڻ آهن. اهي ئي ڪنهن کي سمجهڻ، قبولڻ جو ڪم ڪندڙ هوندا آهن، پر پاڻ وٽ، خاص طور تي سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾، پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ جي خواهش ۾، ٻئي تي بيجا تنقيد ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي. اڳ ۾ چند اخبارن ۽ رسالن ۾، ڪنهن جي تعريف يا ڪنهن جي گلا غيبت ٿيندي هئي، هاڻ تعريف ۽ مڃتا وارو پاسو ڳولڻو پوي ٿو، ٻئي جي حيثيت کي متاثر ڪرڻ لاءِ شخصي طور توڙي ٽولا ڪري، ڪنهن جي پويان پوڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان ڪري عام پڙهندڙ منجهيل رهي ٿو، اهو فيصلو نه ڪري سگهندو آهي، ته ڪنهن کي پڙهجي؟ وڏو آزار ڪتابن جون قيمتون آهن. اڪثريت کي رعايتي اگهه تي ڪتاب نه ٿا ملن. ڪتاب تي قيمت ٽيڻي، چوڻي به لکيل هوندي آهي. ان ڪري مهانگا ڪتاب خريد به ڪير ڪري؟ ڪتاب جو پبلشر ليکڪ جي کل لاهي ٿو، ڪتاب وڪڻڻ وارو دڪاندار ماحول کان واقف هجڻ ڪري، پبلشر سان ٺڳي ڪري ٿو. ڪتاب وڪڻي به گهڻا نه مڃيندا آهن، ته ڪو ڪتاب وڪرو ٿيو! نه ڪتاب واپس ڪندا، نه ڪتاب جي قيمت ادا ڪندا آهن. ڪتاب وڪڻڻ مستقل ڪرت ڪندڙ به پاڻ وٽ ڳولڻا پوندا... انهن سان وري پگهار تي ڪم ڪندڙ ٺڳي ڪري ويندا آهن! عجيب قسم جو ماحول آهي. اهڙي ماحول ۾ پذيرائي جي ڪهڙي اميد ڪجي؟
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟:
مٺل جِسڪاڻي: تعليمي نصاب طور تنقيد جون مختلف وصفون آهن، تنقيد جا مختلف دور ۽ اصول رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ تنقيد پڙهندڙ جي راءِ آهي. اها راءِ پڙهندڙ جي سمجهه جي عڪاسي ڪري ٿي. گهٽ پڙهيل جي راءِ کي به تنقيد سمجهيو وڃي ٿو، ته گهڻو پڙهيل، گهڻو سمجهيل جي راءِ کي به تنقيد چيو وڃي ٿو، جيڪا پاڻ وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر، ان ۾ به ياري دوستي... ٻين ٻولين ۾ ائين نه آهي. حق سچ جي اهميت هجڻ گهرجي، پر پاڻ وٽ مشهور نقاد طور سڃاڻپ رکندڙ به وٽ تي رسو ڀڃي ويندا آهن! ڪڏهن لکندي، ته ڪڏهن ڳالهائيندي، ونگار وهڻ سٺو عمل نه آهي، پر اهو به سچ آهي، ته حق سچ تسليم ڪندڙ پاڻ وٽ ليکڪ، اديب، شاعر، محقق هاڻي آهن به، ته گهڻا؟ اهو به وڏو سوال آهي.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي ؟
مٺل جِسڪاڻي: جڏهن شاگرد هئس، جڏهن تنظيمي ماحول کان اڻ واقف هئس، تڏهن ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ڪجهه عرصو انهن سان گڏ اٿيس ويٺس، ته سندن نيڪ نيتون سامهون اچي ويون، پوءِ ڇڊو ۽ پوءِ ججها سال اڻ لاڳاپيل رهيس، هاڻي زماني کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. سياست ۾ شروع کان ئي دلچسپي نه رهي آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي ڌر سان وابستگي به نه رهي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ؟
مٺل جِسڪاڻي: هر ساهوارو، پنهنجي مرضي کانسواءِ پيدا ٿيندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ جيئندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ مري ويندو آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
مٺل جِسڪاڻي: حياتي جو ڏيئو اجهامڻو آهي، ڪنهن جي به تڪليف جو باعث نه هجڻ گهرجي، پر ماڻهو بي وس آهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪم علمي آهي، بي سمجهائي آهي، مفاد لاءِ اڍنگي جنگ آهي. تمام ڪني آهي.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ ؟
مٺل جِسڪاڻي: يار... مسئلو اهو آهي ته ٿوري گهڻي سائنس پڙهي اٿم، ٿوري گهڻي اها به ڄاڻ اٿم... شاعراڻي دل ۽ سائنسي دل ۾ وڏو فرق آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
مٺل جِسڪاڻي: منهنجو ڪو به ڪتاب، منهنجي مرضي سان نه اڳ ۾ آيو آهي، نه ئي مستقبل ۾ اچڻو آهي. هڪ سفرنامو تيار پيو آهي، شاعري سموري ڪمپوز ٿي پئي آهي، جنهن مان ڇانٽي ڪرڻي پوندي، اڪثر ڪهاڻيون ڪمپوز ٿيون پيون آهن، مختلف شخصتن تي تاثر ۽ پروفائيل انٽرويو مان ڪي چند ڇڏي، باقي سڀ ڪمپوز آهن، مختلف ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، رايا به اڪثر ڪمپوز ٿيا پيا آهن، اهي سڀ هڪ ٿلهي متاري ڪتاب جيتري مواد تي مشتمل آهن، هڪ زرعي ڪتاب به ذري گهٽ مڪمل پيو آهي، پر لڳي ٿو، جڏهن ڪمپيوٽر خراب ٿيندو، ته معاملو گڙٻڙ ٿي ويندو.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن. مون کي نه ڪو ٻيو سمجهي سگهيو آهي، نه ئي پاڻ کي سمجهي سگهيو آهيان. آئون گهڻو ڪري ٻين جي مرضي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته جيئن ناقابل قبول نه ٿيان، پر شايد ڪوششن باوجود، گهڻائي مون مان خوش ناهي، گهڻائي مون سان خوش ناهي... آئون ائين ٿو سمجهان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪوڙ، بي ايماني، ٺڳي، ڪمچوري چيڙائيندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ؟
مٺل جِسڪاڻي: زرعي حوالي سان ڪجهه ادارن ۽ ڪجهه تنظيمن پاران ڏهاڪو کن تعريفي سندون، مڃتا سرٽيفڪيٽ، شيلڊون ۽ ايوارڊ مليا اٿم، ڏيندڙن جي مهرباني.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: جيڪو محسوس ڪندو آهيان، اهو شايد اڳ ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته مون کي بي سبب مختلف سوچون ذهن ۾ ولوڙو پيدا ڪنديون آهن ۽ خبر نه پوندي آهي، ته اها ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا ڪيترا ئي دفعا نه لکڻ جي فيصلي باوجود لکرائيندي آهي.
سوال: درد ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي جسماني ۽ روحاني ڏک، سور، درد جو اندازو آهي، اذيتناڪ آهي، خوفائتو آهي، منجهائيندڙ، نڪمو ڪري ڇڏيندڙ، روئاريندڙ هوندو آهي. هڪ ڏينهن سهڻ کان وڌي ويندو، ته درد جي شڪايت نه رهندي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
مٺل جِسڪاڻي: ها، آئون لکڻ وقت ضروري احتياط ڪندو آهيان، ان ڪري پڇتاءُ نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن لکڻ جي نتيجي ۾، ڪي ڳچي ۾ پئجي ويندا آهن، ڪجهه ڏينهن تڪليف ۾ گذاريندو آهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: مون اهڙي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، نه ته چار روپيه سيڙهائي ائين ڪري وٺان ها.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
مٺل جِسڪاڻي: عورت ته عورت ئي هوندي آهي. گهر ۾ گذاريندڙ عورت جو دائرو گهٽ، ملازمت ڪندڙ عورت جو مدار وڌيڪ هوندو آهي. جنهن به عورت جو ججهن مردن سان واسطو، واهپو، رابطو، ڪم ڪار پوندو آهي، ان سان مسئلا گهڻا ٿين ٿا. عورتن ۽ مردن جي بهتر تربيت، جيڪا ٿيڻ گهرجي، اها نه ٿي رهي آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: خابرو ذريعن ۽ ذاتي واسطن، ڳجهه کي ڳجهه رهڻ ئي نه ڏنو آهي، ان ڪري هن سوال جو پهريون حصو اهم نه آهي، حل لاءِ به تربيت جي ضرورت لاءِ اڳ ۾ چئي چڪو آهيان.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
مٺل جِسڪاڻي: ڪو شوق ڪونهي، ڪا مجبوري ڪانهي، زرعي موضوعن تي ان ڪري لکندو آهيان، ته جيئن منهنجو علم، منهنجو تجربو، ٻين تائين پهچي، اهي ان مان فائدو حاصل ڪن. زراعت کانسواءِ وارو مواد، سماجي اثرن جي اپٽار محسوس ڪندو آهي، منهنجون اڪثر تحريرون عمل جو ردعمل هونديون آهن. اهڙيون تحريرون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هونديون آهن، ان ڪري مالڪن تائين پهچائڻ لاءِ، جيڪو لکندو آهيان، اهو ڇپجندو آهي. ڪم جو نه هجي، نه ڇپجي، نه ڇپجي ته پوءِ شايد آئون لکندس به ڪو نه.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
مٺل جِسڪاڻي: دعا ڪريو، شهرت پلئه پوي، ته جواب ڏيڻ جهڙو ٿيان. آئون ته اڃا پنهنجو نالو ۽ ذات به پاڻ ئي ٻڌائيندو آهيان. جنهن جو ثبوت اوهان جو پهريون سوال به ڪافي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
مٺل جِسڪاڻي: مون کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ڪانهي. پنهنجو جهڙو ماحول آهي، جهڙو معاشرو آهي، جهڙو سماج آهي، اهڙو ئي آهي، ان مان ڪهڙي شڪايت؟
**
(جنوري 2020ع ۾ ماهوار سنڌ راڻي حيدرآباد ۾ ڇپيل)