حسن جي بي رُخي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي …. صوفي خادم فقير
سوال: نالو والديت سميت؟
صوفي: صوفي غلام مصطفيٰ ولد محمد صفر مڱڻيجو.
سوال: جنم جي تاريخ/جنم جو هنڌ؟
صوفي:28 نومبر 1961ع ڳوٺ يار محمد مڱڻيجو لڳ دادو.
سوال:ادبي نالو؟
صوفي: ”خادم فقير“.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
صوفي: ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس، ايم ايڊ/پرائمري ٽيچر.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
صوفي: اپريل 1979ع.
سوال: ادبي استاد؟
صوفي: حضرت علامه مخدوم احمد مجتبيٰ غالب رح ملڪاڻي.
سوال:ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
صوفي: مجازي محبت کان.
سوال:ڪهڙيون شيون/ڳالهيون لکڻ لاءِ اُتساهينديون هيون؟
صوفي: حسن جي بي رُخي لکڻ تي مجبور ڪندي هئي.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
صوفي:پهرين تخليق محترم حافظ احسن چنا جي هفتيوار اخبار ۾ ڇپي اُتي تڏهن عبدالوحيد قريشيءَ ”شاعر“ پڻ سندن پريس ۾ ڪم ڪندو هو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
صوفي: روزنامه هلال پاڪستان، روزنامه ڪوشش، هزار داستان ۽ ٽه ماهي تخيل رسالي ۾ تحريرون ۽ شاعري ڇپجي چڪي آهي.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ توهان لکيو آهي؟
صوفي: نثر ۾ مضمون ۽ مقالا ۽ شاعري بيت ۽ ڪافي ۾ ٿيل آهي ۽ هڪ سنڌي ۾ ڪهاڻي ۽ هڪ اردو ۾ ڪهاڻي، ڪجهه خط.
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
صوفي: منهنجي پسنديده صنف ڪافي آهي، ڪافي صنف ۾ شاعري ڪندو به آهيان ۽ ڳائيندو به آهيان.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ڪيترو ڇپيل آهي؟
صوفي: ڇپيل ڪا به ناهي باقي ڪهاڻي هڪ اردوءَ ۾ ”ميري ڪهاني“ وائيس آف آمريڪا ريڊيو تي موڪلي هيم اُها ڪهاڻي فون تي منهنجي زبانان رڪارڊ ڪري پروگرام ۾ نشر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته هڪ ڪهاڻي سنڌي ۾ اڻ ڇپيل به آهي.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو تعداد؟
صوفي: ڪافين جو ڪتاب ”مَخزنِ عشق“ آيل آهي، جنهن ۾ ڪافين جو تعداد 141 ۽ بيتن جو تعداد 91 شامل آهي.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
صوفي: پهرين تخليق ڇپجڻ جي منهنجي رشتيدارن کي ڪل ئي ڪا نه پئي، ڇاڪاڻ ته هنن منهنجو شاعر يا اديب ٿيڻ ئي نه پئي گهريو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
صوفي: حضرت عشق ۽ ان سان گڏ سُپتيا دوست.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: شاعري شعور وارو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اُهو شعور ڳجهو خزانو آهي جيڪو ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کي به عطا ٿي ويندو آهي. ٻيا وري اُهي شاعر آهن جيڪي لاشعوريءَ ۾ بُرهاني ڪيفيت سان شاعري ڪندا آهن ان شاعريءَ کي ڏات به چئبو آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: محبت هڪ اهڙو روڳ آهي جيڪو انسان جي دل کي ائين گهيري ۽ وڪوڙي ويندو آهي جيئن وڻ ويڙهي جنهن کي پاڙ به نه هوندي آهي پر سائي وڻ کي به سُڪائي ڇڏيندي آهي ائين محبت انسان کي بيوس بڻائي ڇڏيندي آهي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون/اديب؟
صوفي: منهنجا پسنديده شاعر ٻه آهن هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻيو فقير ولي محمد لغاري/اديبن ۾ مير عبدالرسول مير.
سوال: پسنديده شخصيت؟
صوفي: حضرت علامه احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي.
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/ رنگ/موسم/پَهر.
صوفي: ڪتاب ”حيُ بن يقضان“ ترجمو ٿيل غلام حسين جلباڻي جو ”ڪاميابي“ /نرگس/سفيد/سيارو/صُبح صادق ٿيڻ وارو.
سوال:زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
صوفي: زندگيءَ جي پهرين مهرباني ۽ خوشي 1992ع ۾ عمره ۾ روضي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي چائنٺ چمڻ نصيب ٿي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو.
صوفي: والده ماجده جو هِن دنيا مان مون کان جدا ٿي وڃڻ.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
صوفي: اڄ جي عورت پنهنجي گهر جو سُک ٿي چاهي پوءِ اُها شهرن جي هجي يا ڳوٺن جي. جنهن جي بطن مان پير، پيغمبر، ولي ۽ قلندر پيدا ٿيا آهن. عورت جي صفات کي هڪ پئماني ۾ نه ٿو ماپي سگهجي. عورت جا ڪيئي روپ آهن. عورت ڪڏهن ذليخان، ڪڏهن ليليٰ، ڪڏهن سسئي ته ڪڏهن سهڻي ۽ مارئيءَ جي روپ ۾ به نرالي ٿي گذري آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
صوفي: شڪر آهي سنڌي ٻوليءَ جو ادب روان دوان آهي. هن دور ۾ اردو ادب جي باري ۾ اديبن کان دانهون نڪري ٿيون وڃن ته اردو ادب گهوٽالي ۾ آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ واڌارو آهي گهٽيو ناهي. رهي ڳالهه ادب ۾ ڪشش ڪيتري آهي. اُها اڳئين دور جي ادب کان گهٽ آهي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي ان جو سبب ڇا آهي؟
صوفي: ليکڪ/ليکڪائن کي پذيرائي ڏيندا آهن يا ڏياريندا آهن ادارا، ۽ ادارا اسان وٽ سفارشي بڻجي ويا آهن. جنهن ڪري انهي منصبن تي اُهي ماڻهو ڇانيل آهن جيڪي پنهنجا نوازي ڪيون ويٺا آهن ۽ اُن ڪري ادب جي پرکا ۽ پئماني ماپڻ وارا اڳيان بيوس لڳا ويٺا آهن. پوءِ انصاف ڪير ڪري.
سوال: تنقيد ڇا اها اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
صوفي: تنقيد آهي ڪاريگري، اُها ڪاريگري جيڪا ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري. جيئن واڍو ڪاٺ کي گهڙي ٻيڙي تيار ڪندو آهي. اڄ جي دور ۾ تنقيد جا ڪلاس به گهٽجي ويا آهن. ٻيو تنقيد براءِ تنقيد جو آزار پيدا ٿي پيو آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو ٻئي تي تنقيد ڪري ٿو پر خود برداشت نه ٿو ڪري.
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
صوفي: سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ٻه دفعا جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو آهيان. سياسي ماڻهن سان وابستگي آهي باقي سياست کان پري، سماجي تنظيمن ۾ مون پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي ماڻهن کي گڏ ڪري وليج، ڊويلپمنٽ، آرگنائزيشن، تنظيم جوڙي جنهن جي ڊُڪ ڊوڙ سان اسان جي پاسي روڊ رستا، اسڪولن جون بلڊنگون ۽ بجلي جون سهولتون ۽ هڪ ٻه ڊسپينسريون به حڪومت کان حاصل ڪري ورتوسين.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: زندگي ٻن شين جي ميلاپ سان جڙي آهي. هڪ آهي روح ۽ ٻيو آهي نفس اِها ئي امانت آهي. روح ۽ نفس هڪ ٻئي جا مخالف گڏائي زندگي بڻائي وئي آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: روح جي نفس کان جدا ٿيڻ کي جسم جو موت چئبو آهي.
سوال:نفرت ڇا آهي؟
صوفي: جيڪڏهن خلاف اصول ۽ خلاف طبيعت حالتون نمودار ٿينديون آهن ته هر انسان جي اندر ۾ نفرت جنم وٺندي آهي.
سوال:دل اوهان جي نظر ۾؟
صوفي: حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته انسان دل کي فقط گوشت جو ٽڪرو ٿو سمجهي پر دل هڪ عالم اڪبر آهي. آئون به ان قول موجب دل کي سمجهان ٿو.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب/انهن جا نالا؟
صوفي: (1) ڏاتار مون ڏيهه جا، (2) عشق جو آواز، (3) شاهه لطيف.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
صوفي: صوفي مزاج واري طبيعت آهي.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اَٿَوَ؟
صوفي: جڏهن سچ کي لڪايو ويندو آهي ۽ ڪوڙ جي پذيرائي ڪئي ويندي آهي. ان وقت ڪاوڙ لڳندي آهي.
سوال: مليل مڃتا ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ.
صوفي: اڃا ڪِين جي ڪُني ۾ پيا آهيون.
سوال:لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
صوفي: لکڻ وقت ايترو مَحُو ٿي ويندو آهيان جو پاسي ۾ ننڍڙي ٻار کي به ويهڻ نه ڏيندو آهيان متان خيال ٽٽي پوي.
سوال: درد ڇا آهي؟
صوفي: درد ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪڙو درد طبعي هوندو آهي جنهن جو علاج ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو درد جدائي جو هوندو آهي. جنهن جو علاج سواءِ ديدار جي ٻيو ٿيندو ئي ڪونهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو لکيو اَٿَو اُنهيءَ مان مطمئن آهيو؟
صوفي: آئون تصوراتي خيالن جو پوئلڳ ناهيان جو اڳتي هلي پڇتاءُ ٿئيم. جيڪو ڪافين جو ڪتاب ”مخزن عشق“ آهي. اُهو به منهنجي اندر جي ڪيفيتن جو نچوڙ آهي. اڃا به جيڪو لکان پيو ان ۾ منهنجو مشاهدو شامل آهي. تنهن ڪري آئون پاڻ کي مطمئن سمجهان ٿو. پر دل ايترو گهڻو لکڻ چاهي ٿي جنهن جو پورائو نه ڪري سگهيو آهيان ۽ نه ئي پورائو ٿي سگهندو. پَرَ مير عبدالرسول مير جي چواڻي موجب ٿورا ڪڻا به ٿالهيءَ ۾ چڱا.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
صوفي: صوفي راڳي اختيار علي خشڪ ۽ صوفي راڳي اعجاز علي خاصخيلي.
سوال: لکڻ توهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
صوفي: نه شوق نه مجبوري، بس خيال جو ڪم آهي خيال جڙيو ته ڪجهه لکيو نه ته هروڀرو پنا ڪارا ڪو نه ڪيان.
سوال: شهرت توهان کي ڪيئن لڳندي آهي.؟
صوفي: شهرت هڪ نفسياتي بيماري آهي ان کان بچڻ گهرجي.
سوال: اوهان کي ڪنهن ڪا شڪايت؟
صوفي: عشق جي دنيا ۾ شڪوه شڪايت جي اجازت ئي ڪانهي.
**