مون لکڻ جو هُنر اَندر جي اُڌمن ۽ ڪيفيتُن منجهان سِکيو ….. تحسيم تبسم سومرو
سوال: نالو ۽ ولديت؟
تحسيم: تحسيم، جاويد فاروق سومرو.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
تحسيم: جنم جي تاريخ 11 مارچ، ضلعو ٺٽو/هاڻوڪو سجاول تعلقو ميرپور بٺورو شهر دڙو، ڳوٺ حاجي ناٿو سومرو. منهجنجو جنم سانوڻ جي بي مندائتي برساتن جي گجگوڙ ۾ ٿيو، جنهن ڏينهن مون هن خوبصورت خوبصورت دنيا ۾ اک کولي ته ان وقت برسات ڪنهن شاعر جي مدهوشيءَ جيان واڪا ڪري وسي رهي هئي، هر طرف مٺڙي ۽ دل کي ڇهندڙ هوا گُهلي رهي هئي.
سوال: ادبي نانءُ؟
تحسيم: ”تبسم“ (تبسم جي لفظي معنيٰ مسڪراهٽ، راحت)
سوال: تعليم؟
تحسيم: گريجوئٽ:Law Graduate
سوال: نوڪري؟
تحسيم: وڪالت، ٽيچنگ
سوال: لکڻ جي شروعات، سال ۽ مهينو؟
تحسيم: مون لکڻ جي شروعات پنجين ڪلاس ۾ ڪئي هئي سال ۽ مهينو ياد ڪونهي.
سوال: ادبي استاد؟
تحسيم: ڪو به نه... مون لکڻ جو هنر اندر جي اُڌمن ۽ ڪيفيتن منجهان سکيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
تحسيم: سماجي بي حسيءَ ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم کي ڏسي منهنجي دل جُهري پوندي هئي، پوءِ ان وقت اندر جا جيڪي اُڌما هوندا هئا، جيڪي سوچون ذهن جي عڪس تي ڀٽڪنديون هيون، انهن کي قلم جي طاقت سان ورقن تي اتاريندي هيس، ائين لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
تحسيم: منهنجو پهريون آرٽيڪل هڪ اخبار ۾ سال 2009ع ۾ ڇپيو.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا؟
تحسيم: سنڌ ايڪسپريس، ان کان پوءِ ڪوشش اخبار ۾ منهنجا آرٽيڪل ڇپيا.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
تحسيم: مون شاعري، مضمون نويسي جي صنف ۾ لکيو آهي. منهنجي پسنديده صنف آرٽيڪل لکڻ ۽ بحث مباحثو ڪرڻ آهي.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل؟
تحسيم: هڪ سچي ڪهاڻي لکي ان کي ڪتاب جي شڪل ۾ مڪمل ڪيو اٿم، ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. انشاءَ الله تعاليٰ تمام جلد ڪتابُ پڙهندڙن جي هٿ ۾ هوندو.
سوال: ڇپيل ڪتاب، نالا ۽ سال؟
تحسيم: هن وقت مارڪيٽ ۾ منهنجا 2 ڪتاب موجود آهن. (1) ”پاڪستان جو قانوني سرشتو“، 2 ”هزارين رنگ“.
سوال: پهرئين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هو؟
جواب:نه تنقيدي نه حوصلا افزائي وارو نارمل.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم:شاعري روح جو سرور آهي، منهنجي نظر ۾ شاعر باڪمال ۽ جرئت وارو انسان آهي، جيڪو ڏک، سک، محبت جي مٺڙين ادائن کي لفظن جو روپ ڏئي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ محبت کان سواءِ هن ڪائنات جي سونهن اڻپوري ۽ بي رنگ آهي، محبت کان سواءِ انسان ائين آهي، جيئن ساهه کان سواءِ بي جان جسم، صرف چم ۽ هڏا، مون کي هر انسان ساڻ محبت آهي، ڇو ته هر دل خدا جو گهر ۽ هر دل محبت جو آستانو آهي، آئون فقير جي خالي ڪشتي جيان هر وقت محبت لاءِ ماندي آهيان. منهنجي پهرين ۽ هميشه قائم رهڻ واري محبت منهنجو والد صاحب آهي، مان پنهنجي والد صاحب سان بي پناهه محبت ڪندي آهيان. محبت جا هزارين روپ ۽ رنگ آهن، محبت هر روپ ۽ رنگ ۾ نرالي آهي، پر جنهن جي محبت، شفقت حقيقي ۽ دائمي آهي، اُها آهي پيءُ جي محبت ۽ شفقت، جنهن کي تبسم چيو محبت ئي محبت.
سوال: پسنديده شاعر؟
تحسيم: شيخ اياز، شاهه لطيف، امداد حسيني ۽ غلام حسين رنگريز.
سوال: پسنديده شاعرائون؟
تحسيم: پروين شاڪر.
سوال: پسنديده اديب؟
تحسيم: امر جليل، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد.
سوال: پسنديده شخصيت؟
تحسيم: حضور اڪرم صه.
سوال: پسنديده گل؟
تحسيم: گلاب جو گل.
سوال: پسنديده رنگ؟
تحسيم: اڇو، ڪارو.
سوال: پسنديده موسم؟
تحسيم: بهار جي موسم.
سوال: پسنديده پهر؟
تحسيم: رات جي آخري سانت.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
تحسيم: 2009ع سال جڏهن مون LLB ۾ داخلا ورتي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو، صدمو؟
تحسيم: زندگي نالو ئي ڏکن جي سيج جو آهي ۽ ڏک انساني پاڇي جيان اسان ساڻ گڏوگڏ هلندا آهن، زندگيءَ جي مرحلي ۾ وقت بوقت ڏکن جو سج اڀرندو رهندو آهي، نه وسرندڙ ڏک بابا جي بيماري سال 2011ع ۾ جڏهن بابا آغا خان اسپتال ۾ ايمرجنسي روم ۾ داخل هو، اڄ به جڏهن اُهي لمحا ياد ايندا آهن ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي ويندي آهيان.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
تحسيم: روز اول کان اڄ ڏينهن تائين عورت هميشه عزت چاهي آهي! عورت عزت جي بکي آهي ۽ هوءَ هر وقت عزت جي ئي طلبگار رهي آهي، ان سان گڏوگڏ اڄ جي عورت آزادي به چاهي ٿي.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي ان جو سبب ڇا آهي؟
تحسيم: ليکڪن ۽ ليکڪائن کي پذيرائي نه ملڻ جو سبب ماڻهو جو ڪتابن سان گهٽ چاهه آهي، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هاڻ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهو ملندا، جيڪي ڪتابن سان چاهه رکندا هوندا، اسان جي سماج ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گهٽ آهي، جنهن جي ڪري ليکڪن کي پذيرائي ۽ اتساهه نه ٿو ملي.
سوال: تنقيد ڇا آهي، اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ تنقيد، سُڌاري ۽ اصلاح ڪرڻ جو ذريعو آهي، تنقيد مان ئي اسان گهڻو ڪجهه سکندا آهيون ۽ پنهنجي غلطين کي سڌاريندا آهيون. اسان وٽ تنقيد ان ڪري برداشت نه ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ تنقيد براءِ اصلاح نه ڪئي ويندي آهي، اسان وٽ تنقيد مايوس ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. جنهن جي ڪري تنقيد کي برداشت نه ٿو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪير به مايوس ٿيڻ نه چاهيندو آهي.
سوال: ادبي، سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
تحسيم: نه ادبي، نه سياسي باقي سماجي ساڊو (Saado) آرگنائزيشن سان وابستگي آهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ ڊرامو آهي، جنهن منجهه هر رنگ شامل آهي، ڪڏهن آسمان تي گرجندڙ تيز برساتن ۽ چمڪندڙ کنوڻ جيان ڏکن جا لمحا ته ڪڏهن بهار جي موسم جيان گهلندڙ خوبصورت هوائون. آخر ۾ بيوفائي جيڪا هن جي منزل آهي. ٻين لفظن ۾ زندگي بيوفا آهي.
سوال: موت اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ موت انسان جي اصل منزل آهي، موت اسان جي ڪاميابيءَ جي آخري منزل آهي، جنهن منزل تي هر ڪنهن کي هلڻو آهي. الله سائين ان منزل جي ڪاميابي کي ماڻڻ لاءِ اسان کي ثمر کڻي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ نفرت، ڪاوڙ ۽ بي حسيءَ جو اظهار آهي. جيڪو انسان هروڀرو اجائي ڳالهين کي سوچي ڪري پوءِ هُو نفرت جو اظهار ڪندو آهي. باقي انساني فطرت ۾ نفرت جو ڪو به مادو شامل نه آهي، ڇاڪاڻ ته انسان صرف پيار ۽ مٺڙي محبت جو مائل رهيو آهي، انساني معاشري ۾ محبتن جا ميلا مچيل هوندا آهن.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
تحسيم: دل آهي ته جهان آهي، دل بنا ڪجهه به نه آهي، دل اهو عضوو آهي، جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو، دل بنا اسان مرده جسم آهيون، ڇو ته اها دل ئي ته آهي، جيڪا اسان کي محبت ڪرڻ سيکاري ٿي.
سوال: ايندڙ ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
تحسيم: مارڪيٽ ۾ تمام جلد منهنجو ڪتاب ”تنهنجي فرض کان پوءِ“ اچڻ وارو آهي.
سوال: سهيڙيل ڪتابن جا نالا؟
تحسيم: ”هاسٽل جون يادگيريون“.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
تحسيم: طبيعتن آئون فقير مزاج آهيان، فقير جي ڦاٽل گودڙيءَ جيان ڳنڍيل آهيان ۽ تمام گهڻي خوش مزاج هر وقت محبت ڏيندي آهيان ۽ موٽ ۾ محبت جي طلبگار هوندي آهيان. محبت لاءِ ايتري ماندي آهيان جو نفرت کي به محبت سمجهندي آهيان.
سوال: ڪهڙي ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي آهي؟
تحسيم: جيڪڏهن ڪير ڪنهن تي تنقيد ڪري، ڪير ڪنهن جي گلا ڪري يا ڪير ڪنهن جي همت کي ٽوڙي ته پوءِ تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا؟
تحسيم: سٺي موٽ ملي آهي، هر سال LLB ۾ پوزيشن هولڊر جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن، پاڪستان جو قانوني سرشتو ڪتاب لکڻ تي Excellence سرٽيفڪيٽ مليو، انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پاران سرٽيفڪيٽ مليو.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
تحسيم: لکڻ جي وقت عجيب ڪيفيت طاري هوندي آهي، ائين محسوس ڪندي آهيان ته آئون انسانن جي بستي کان دور آسمان جي کليل هوائن ۾ رقص ڪري رهي آهيان، جتي صرف آئون ۽ منهنجو قلم آهي، پوءِ ذهن جي عڪس تي جيڪي نقش اڀرندا آهن، انهن کي لفظن جو روپ ڏيندي آهيان.
سوال: درد ڇا آهي؟
تحسيم: منهنجي نظر ۾ درد جيئڻ جي سڃاڻپ آهي، درد کان سواءِ انسان اَڌورو آهي، جي زندگيءَ جي راهن ۾ درد نه ملن ته پوءِ جيئڻ جو مقصد ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهبو، درد انسان کي طاقتور بڻائيندا آهن، درد ٽٽل همت ۾ به جيئڻ جو حوصلو ڏيندا آهن، انسان ۽ درد هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.
سوال: اوهين جيڪو ڪجهه لکو ٿيون، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
تحسيم: ٿورو گهڻو مطمئن آهيان، ڇاڪاڻ ته ادب هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن مان ڪير به مطمئن نه ٿو ٿي سگهي، باقي پڙهندڙن تي آهي، ادبي پورهيو آهي، ان کي آئون دل و جان سان نڀائيندي رهنديس، ڇاڪاڻ ته لکڻ منهنجو شوق ۽ جنون آهي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟
تحسيم:اسان جي معاشري ۾ مرد ۽ عورت ۾ Understanding ناهي رهي، جنهن جي ڪري عورت چاهيندي آهي ته پئسا ڪمائڻ لاءِ هوءَ نوڪري ڪري، اڄ جي عورت شعور لاءِ نه پر پئسا ڪمائڻ لاءِ نوڪري ڪري ٿي. اسان جي معاشري ۾ حوا ڄائي نوڪري ڪري يا گهر ۾ هجي، ان کي انيڪ المين ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملازمت ڪندڙ عورت کي گهر ۾ اُها عزت نه ملندي آهي، جيڪا ملڻ گهرجي، ان کان علاوه Time جو وڏو مسئلو رهندو آهي، گهر Disturb ٿيندو آهي، ملازمت ڪندڙ عورت ٻار کي به Time نه ڏئي سگهندي آهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون؟
تحسيم: اسان جي معاشري ۾ عورت کي هر Field ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ڇاڪاڻ ته اڄ به هن معاشري هوا ڄائي جي حقن کي تسليم نه ڪيو آهي، چوڻ لاءِ ته عرب معاشري جون ريتون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن، پر اهي اڄ به موجود آهن. ادب جي Field ۾ عورت لاءِ مشڪلاتون آهن، ادب جي Field ۾ عورت جي لکڻين کي Publish نه ٿو ڪيو وڃي يا عورت Publication تائين پنهنجو مواد پهچائي نه ٿي سگهي، مختلف مسئلن جي ڪري.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي مجبوري؟
تحسيم: لکڻ منهنجو شوق آهي، لکڻ کان سواءِ آئون اڌوري آهيان.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
تحسيم: شهرت سُٺي لڳندي آهي، پر ڊپ به ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته شهرت جي نشي ۾ انسان مغرُور ٿي ويندو آهي، مغروري غرور ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي، آئون فقير طبيعت آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان ڪا شڪايت؟
تحسيم: ڪنهن سان به نه، شڪايت ڪرڻ ڪمزوري جي علامت آهي، ڪمزور ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ۽ آئون ڪمزور ناهيان.
**