مون جيڪو لکڻ چاهيو سو اڃا لکي ئي نه سگهي آهيان. شمس مارئي
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
شمس مارئي: شمس النساءِ، احسان علي ٽالپر.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
شمس مارئي: 15 جنوري 1971ع، مير محله جهڏو شهر.
سوال: ادبي نانءُ؟
شمس مارئي: شمس مارئي.
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو؟
شمس مارئي: ڊبل ايم اي، ايم ايڊ ۽ سنڌي ۾ ايم فل جاري. ليڪچرر سنڌي گورنمينٽ گرلس ڪاليج ٽنڊو جان محمد.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو؟
شمس مارئي: لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي ريڊيو حيدرآباد جي ادبي پروگرام ”اندر جو آواز“ کان، پوءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ به لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ادبي استاد؟
شمس مارئي: ادبي استاد گهر ۾ ئي موجود هئا، منهنجا وڏا يعني ناناڻا، توڙي ڏاڏاڻا ادبي ماڻهو هئا. منهنجو بابا هڪ وڏو سگهڙ هو. لوڪ ادب تي مهارت هيس. ڏور بيت ڳجهارتون مام ۽ لوڪ ڪهاڻيون الف اشباه جي قافيي وارو قصص الانبياءَ وٽن هو، جيڪو اڪثر زور سان پڙهندو هو ۽ اسين ٻڌندا هئاسين. شاه لطيف جو حافظ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. لطيف سائين جا بيت سر ۾ پڙهندو هو، لطيف سائين جو اچار بابا کان سکيم. ان کان علاوه منهنجي ناني جو ڀاءُ محمود فقير درويش پڻ اعليٰ پائي جو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس بنا نڪتن جي شاعري جيڪا نعت جي صورت ۾ آهي اها ڇپي به آهي.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
شمس مارئي: وقت ۽ حالتن کان، انساني روين کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو پر لکڻ جا ٻيا به کوڙ محرڪ هئا مثلن سنڌ ڌرتي ۽ لطيف سان پيار، سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ وغيره ڇوته اهو دور سنڌي مهاجر فسادن ۽ نفرتن جو دور هو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالهيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
شمس مارئي: کوڙ شيون هن ڪائنات ۾ آهن جيڪي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن هڪ ليکڪ حساس ٿئي ٿو ان کي هر ننڍي ۾ ننڍي ۽ وڏي ۾ وڏي ڳالهه لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. ڪڏهن چانڊوڪين سان چاهه ته ڪڏهن من ملول، معاشري ۾ ٿيندڙ بي انصافيون، نفرتون، محبتون، دوکا، سونهن، قدرت جا رنگ وغيره وغيره.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
شمس مارئي: پهرين تخليق جيجي زرينه بلوچ تي لکيل تاثر هو، جيڪو آپا سلطانه وقاصي ”هلال پاڪستان“ اخبار جي عورتن جي صفحي ۾ ڇاپيو هو سال ياد ناهي.
سوال: ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهيو؟
شمس مارئي: هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز اخبار ۽ هڪ ميرپور خاص مان نڪرندي هئي، هفتي وار نالو ياد نه ٿو اچي. ڪافي پراڻي ڳالهه آهي، انهن اخبارن ۾ ۽ عبرت مئگزين، سوجهرو، هزار داستان، سگهڙين سٿ رسالن ۾ به ڇپي آهيان.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
شمس مارئي: نثر ۾ ڪهاڻي ۽ تاثر مضمون جڏهن ته شاعري ۾ ٽيڙو نثري نظم بيت غزل وغيره پسنديده صنف ڪهاڻي آهي شاعري ۾ نظم ۽ ٽيڙو.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل؟
شمس مارئي: ڪهاڻيون ته کوڙ آهن، پر ڇپيل فقط ٽي آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
شمس مارئي: ڪتاب ناهي ڇپرايو.
سوال: پهرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
شمس مارئي: پهرين تخليق تي مائٽ خوش ٿيا هئا، اسان وٽ ادبي ماحول ته اڳي ئي هو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
شمس مارئي: منهنجي وڏي ڀيڻ آپا حسنه منهنجي هر لکڻي کي ساهه سان سانڍي رکيو ۽ اتساهه به ڏيندي هئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: شاعري اندر جي اوٻر يعني ٻاڦ ڪڍڻ جو ذريعو ٿي سمجهان.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: محبت اهو جذبو جيڪو جيئڻ جوڪارڻ بڻجي ٿو.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
شمس مارئي: شاعر ته لطيف سائين سڀ کان پهرين پوءِ اياز ۽ استاد بخاري، اياز گل، حسن درس، بخشڻ مهراڻوي ۽ کوڙ نالا آهن، اوهان (درد سولنگي) سميت. عورتن ۾ آپا سلطانه وقاصي، ميمڻ روشن تبسم، روبينه ابڙو، سيما عباسي، نسرين الطاف، جھان آرا سومرو، ماهين هيسباڻي کوڙ ساريون شاعرائون آهن سٺو لکن پيون. اديبن ۾ ڪيئي ڪتابن جو خالق رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي، موهن ڪلپنا ۽ وهي کاتي جا پنا لکندڙ هندستاني اديب لڇمڻ ڪومل، الطاف شيخ، نسيم کرل، غلام نبي مغل، رسول بخش پليجو، ڪرشن چندر، نسيم حجازي ۽ اڻ ڳڻيا نالا آهن. ليکڪائن ۾ امرتا پريتم، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، خير النساءَ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ بانو محبوب جوکيو.
سوال: پسنديده شخصيت؟
شمس مارئي: آخري نبي پاڪ جنهن جي آءٌ گنهگار امتياڻي آهيان، منهنجي پسنديده شخصيت آهي.
سوال: پسنديده ڪتاب/رنگ/موسم/پهر؟
شمسم مارئي: پسند جو ڪتاب قرآن مجيد ۽ شاهه لطيف جو رسالو، گل موتيو، گلاب، چنبيلي ۽ گوبي سڀ پسند آهن، رنگ اڇو سڀ کان وڌيڪ، موسم هر اها موسم جنهن ۾ دل ۽ روح خوش هجن هونئن سيارو ۽ اڀرندڙ سج وارو وقت.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي؟
شمس مارئي: جڏهن ماءُ بڻيس منهنجي ڌيءَ جو جنم.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
شمس مارئي: بابا جو وڇوڙو سڏڪو ۽ صدمو به ساڳيو.
سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
شمس مارئي: اڄ جي عورت جيڪو چاهي ٿي اهو لکڻ سٺو نه ٿو لڳي.
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: عورت خدائي تحفو آهي.
سوال: اڄ ڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوهان جي راءِ؟
شمس مارئي: اڄ ڪلهه جي ادب ۾ چوري وڌيڪ آهي هونئن لکڻ وارا لکن بهترين پيا، جيئن ضراب حيدر ۽ طارق قريشي جون لاجواب ڪهاڻيون آهن، زيب سنڌي به بهترين ڪهاڻيون پيو لکي، شاعرن ۾ انور ساگر ڪانڌڙو، علي محمد درد، استاد راهي سومرو، مشتاق مهر بهترين شاعري ڪن پيا. نوجوان سرمد کوسو ۽ کوڙ شاعر اديب سٺو لکن پيا.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
شمس مارئي: سنڌي زبان ۾ لکڻ وارن کي ان ڪري پذيرائي نه ٿي ملي جو ترجمي ڪرڻ وارا اسان وٽ ناهن جي سنڌي ادب موجوده دور ۾ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ته عالمي پذيرائي ملي سگهي ٿي.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
شمس مارئي: تنقيد ادب کي سنوارڻ ۽ اديب کي پنهنجي غلطين کي سڌارڻ جو نالو آهي، اسان وٽ تنقيد براءِ تنقيد ٿئي ٿي جيڪا ليکڪ جي تخليق کان وڌيڪ سندس ذات تي هوندي آهي ان ڪري برداشت نه ٿي ٿئي.
سوال: ادبي/سياسي/ سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
شمس مارئي: سياسي تنظيم ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ ۾ شروع کان رهيس ۽ 1995ع تائين رهيس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ سنڌي شاگردياڻين جي تنظيم جي مرڪزي ڪميٽي ۾ رهيس. ادبي ڪنهن به تنظيم ۾ نه رهيس.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: زندگي هڪ سفر آهي.
سوال:موت اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: موت جو مزو چکڻ وارا موٽيا ناهن، ڪيئن خبر پوي ته ڇاهي؟
سوال: نفرت ڇا آهي؟
شمس مارئي: نفرت انسان جي اندر جو احساس آهي جيڪو غليظ سوچ جي ماڻهن ۽ ڪڌن سماجي قانونن خلاف جنم وٺي ٿو.
سوال: دل اوهان جي نظر ۾؟
شمس مارئي: دل انسان جي جياپي لاءِ الله جو تحفو آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
شمس مارئي: ڪا خبر ناهي ڪاتب تقدير ايندڙ لمحن ۾ ڇا لکيو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
شمس مارئي: طبيعت ۾ کري آهيان، اندر ۽ ٻاهر هڪ ان ڪري گهٽ ماڻهن کي وڻان، سچ چوڻو هوندو اٿم ته پاڻ تان به نه مڙان.
سوال: ڪهڙين ڳالهين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
شمس مارئي: ڪوڙ هڻندڙ دوکي باز ۽ منهن ۾ موسيٰ اندر جي ابليس ماڻهن تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
شمس مارئي: پنهنجي تعليمي سرگرمين ۾ ته ڪافي سرٽيفڪيٽ مليا آهن ۽ ادي اختر بلوچ سٺي ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي پنجاهه رپيا انعام ڏنو هو، باقي ٻيو ڪجهه نه .
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
شمس مارئي: لکڻ وقت جيڪا ڪيفيت هوندي آهي اها پنهنجي وجود جي احساس کان عاري ڪريو ڇڏي جيسين لکڻي مڪمل ٿئي.
سوال: درد ڇا آهي؟
شمس مارئي: درد اها اذيت آهي، جنهن جو لفظن ۾ بيان ناممڪن.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
شمس مارئي: مون جيڪو لکڻ چاهيو آهي سو اڃا لکي سگهي ئي ناهيان.
سوال: اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
شمس مارئي: بيدل مسرور منهنجا بيت جيڪي پليجي صاحب کيس ڏنا هئا، حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪانفرس کان پوءِ ڪل سنڌ مشاعري جي شروعات ۾ قومي گيت پيش ڪندي سر ۾ ڳايا هئا. 1990ع ۾.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
شمس مارئي: ملازمت ڪندڙ عورت تي ڊبل ذميواري اچيو وڃي ٿي، نوڪري به ڪري ۽ گهر ٻار به سنڀالي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
شمس مارئي: موجوده دور ۾ ته ليکڪائن کي مشڪلاتون ناهن پر جڏهن اسان يا اسان کان به اڳ سنڌي عورتن لکڻ شروع ڪيو هو ته انهن لاءِ وڏيون مشڪلاتون هيون، عورت کي ليکڪا سمجهندا ئي نه هئا، مون جڏهن لکيو ريڊيو جي ادبي پروگرامن ۾ ته منهنجي شهر جي مشهور شاعر ايوب کوسي چيو ته جهڏي مان ڪابه شمس مارئي ناهي، اهي جيڪي به عورتون آهن، اهي بخشڻ مهراڻوي ڪوڙا نالا ڏئي ٿو، پر وقت ثابت ڪيو هڪ ڏينهن سامهون وڃي بيٺي مانس ته آءٌ آهيان ”شمس مارئي“ ته کلي پيو. حل اهو ئي آهي ته ڏات پاڻ مڃرائيندي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
شمس مارئي: لکڻ مون کي وراثت ۾ مليل ڏات آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
شمس مارئي: شهرت ناهي وڻندي، ماڻهو منهن تي مٺا ۽ واهه واهه ڪندا، پويان گلائون ڪندا پر سچل چواڻي:
مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
شمس مارئي: ڪائي شڪايت ناهي.
**