ڀلي حقيقي زندگيءَ ۾ ايماندار نه ھجان پر لکڻ وقت ايماندار ٿي ويندو آھيان. علي رضا قاضي
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
علي رضا قاضي: منهنجو نالو قاضي رضا علي سهتو آهي.
بابا جو نالو قاضي دين محمد سهتو آهي.
سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟
علي رضا قاضي: جنم ساهتيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ دليپوٽا ۾ چوڏهن اپريل، 1976ع ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ؟
علي رضا قاضي: ادبي لکڻين ۾ علي رضا قاضي لکندو آھيان.
سوال: تعليم/ نوڪري/پيشو؟
علي رضا قاضي: سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي.ايڇ.ڊي ڪريان پيو.
سال 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچررشپ ملي. هن وقت منهنجي مقرري غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ آهي.
سوال: لکڻ جي شروعات ( سال ۽ مھينو)؟
علي رضا قاضي: 1996ع ۾ ڪاوش مئگزين ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، مختلف ننڍڙيون ڳالهيون لکڻ کان پوءِ 2008ع ۾ ’ملو اڱر‘ جي نالي سان مختصر- مختصر ڪهاڻي لکي، جيڪا ڪنڊيارو ڪاليج مئگزين ’ساهتيءَ‘ ۾ ڇپي.
سوال: - ادبي استاد؟
علي رضا قاضي: منهنجو بابا ئي منهنجو ادبي استاد هو، جنهن هر گهڙي لکڻين ۾ مدد ڪئي.
سوال:- ڪھڙيون ڳالھيون اوھان کي لکڻ لاءِ اتساھينديون آھن؟
علي رضا قاضي: سماج جي هر غير معمولي ڳالهه مون کي لکڻ لاءِ اتساهيندي آهي.
سوال:- ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آھيو؟
علي رضا قاضي: روزانه ڪاوش، تعمير سنڌ، سنڌ، هلچل، عوامي آواز، پاڪ، سنڌ ٽائيمز، شام، سائين، ڪنڊيارو ٽائيمز، ڪوشش، پنهنجي اخبار ۽ سوڀ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي مواد شائع ٿيندو رهيو آهي. رسالن، مئگزينن ۽ جرنلن ۾ ساهتي ڪاليج مئگزين ۽ ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ٻولي، ڪلاچي، سامي ۽ تنوير جرنلن ۾ تحقيقي مواد ڇپيو آهي. تحقيقي پيپر، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن.
سوال: اوھان جي پسند جي صنف ڪھڙي آھي؟
علي رضا قاضي: مختصر- مختصر ڪهاڻي، منهنجي پسنديده صنف آهي.
ٽي سئو کان مٿي مختصر- مختصر، سئو لفظي، پنجاهه لفظي، 55 لفظي ۽ مختصر ڪهاڻيون لکيون آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انھن جا سال؟
علي رضا قاضي: هن وقت تائين چار ڪتاب لکيا آهن.
پهريون ڪتاب ساهتيءَ جو اڻملهه هيرو (ڊاڪٽر رانجهن پهنور) هو، جيڪو ڳوٺ گل محمد پهنور پبليڪيشن ضلع نوشهروفيروز طرفان مارچ 2008ع ۾ شائع ڪرايو ويو.
ٻيون ڪتاب ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر (تاريخي دستاويز) آهي، جيڪو علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز ٺاروشاه طرفان مارچ 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
ٽيون ڪتاب معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون) هو، جيڪو پڻ علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز ٺاروشاه پاران اپريل 2016ع ۾ شائع ڪرايو ويو.
چوٿون ڪتاب ٺاروشاه جو بابوصاحبُ آهي (سوانح عمري) جيڪو پڻ علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرز پاران آڪٽوبر 2016ع ۾ ڇپايو ويو.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا ھيو؟
علي رضا قاضي: اسان جو خاندان علمي ۽ ادبي گهراڻو رهيو آهي، ان ڪري شاعري ڪرڻ ڪهاڻيون لکڻ ڪا نئين يا عجيب ڳالهه نه آهي.
سوال:- ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوھان جي حوصله افزائي ڪنھن ڪئي؟
علي رضا قاضي: منهنجو بابا سدائين منهنجو ڀرجهلو ۽ همٿ ڏياريندڙ رهيو. عمر الدين بيدار، جيڪو منهنجو چاچو آهي، سو پڻ حوصلو ڏياريندو رهندو هو.
سوال: شاعري اوھان جي نظر م؟
علي رضا قاضي: شاعري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ ئي مطمئن نه ٿيس. البت شاعري پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. شاعري، منهنجي نظر ۾ روح کي سڪون ڏيندڙ اهي لفظ آهن، جيڪي شاعر پنهنجي ڪاريگريءَ سان جوڙين ٿا.
سوال: اوھان جا پسنديدہ شاعر ۽ اديب؟
علي رضا قاضي: شاعري ۾ استاد بخاري ۽ اياز گل وڻندا آهن. ڪهاڻي کيتر ۾ نسيم کرل ۽ جمال ابڙي ۽ کي گهڻو پڙهيو آهي.
سوال: پسنديدہ شخصيت؟
علي رضا قاضي: ڊاڪٽر الطاف جوکيو، منهنجو محسن منهنجو استاد ۽ پسنديده شخصيت آهي.
سوال: پسنديدہ ڪتاب/ گل/رنگ/موسم/پھر؟
علي رضا قاضي: ٽالسٽاءِ جو ناول ’وار اينڊ پيس‘ تمام گهڻو پسند آهي.
گلن ۾ گلاب وڻندو آهي. طبيعت ۾ اداسائي جي ڪري خزان وڻندي آهي. سيپٽمبر کان نومبر تائين جا مهينا پسند آهن.
سوال: زندگيءَ جي پھرين خوشي؟
علي رضا قاضي: زندگيءَ جي پهرين خوشي ان وقت ملي جڏهن بابا پينٽ شرٽ وٺي ڏني هئي. ڏاڍو سٺو لڳو هو.
سوال: زندگيءَ جو پھريون ڏک / صدمو /سڏڪو؟
علي رضا قاضي : پنهنجي سؤٽ ۽ ڀيڻويي ادا اڪبر جي بي وقتي موت تمام گهڻو صدمو رسايو هو.
سوال: اڄ جي عورت ڇاٿي چاھي؟
علي رضا قاضي: عورت جي باري ۾ ڇا چوان. ٽالسٽاءِ جي چيل ڳالهه وڻندي آهي ته ”مان عورت جي باري ۾ ان وقت ٻڌائيندس جڏهن مون کي قبر ۾ لاٿو ويندو!“
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آھي؟
علي رضا قاضي: سنڌي سماج ۾ خواندگيءَ جي شرح ڪهڙي آهي جو ماڻهو ادب پڙهندا سمجهندا ۽ لکڻ وارن جي پذيرائي ڪندا. هي پوئتي پيل سماجن جو الميو آهي، جيڪو تسيتائين جاري رهندو، جيسيتائين اسان وٽ تعليم جو نظام ٺيڪ نه ٿو ٿئي.
سوال: تنقيد ڇا آھي، اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
علي رضا قاضي: تنقيد مان اسان وٽ مراد تنقيص ورتو ويندو آهي، مطلب ڪنهن به لکڻي مان نقص ڪڍڻ، جڏهن ته تنقيد مان مطلب تخليق جي ٻنهي پاسن يعني مثبت ۽ منفي کي اجاگر ڪرڻو هوندو آهي. جيسيتائين اها ڳالهه نه سمجهي سگهنداسين نه تنقيد ڪري سگهبي نه ئي برداشت ڪنداسين.
سوال:- ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
علي رضا قاضي: ڪنهن به سياسي پارٽي/ تنظيم سان وابستگي ناهي. ان جا سبب سماج ۾ ايترا ته چٽا آهن، جو هاڻي ان موضِوع تي ڳالهائڻ لاءِ به دل نه ٿي چوي.
سوال: زندگي ۽ موت اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: زندگي، بس ساهه کڻڻ جو نالو آهي. ساهه کڻون پيا زنده آهيون، جنهن ڏينهن بند ٿيو مري وينداسين.
سوال: نفرت اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: جتي محبت ناهي، اتي نفرت ئي هوندي. خال هر حالت ۾ پر ٿيڻو آهي.
سوال: دل اوھان جي نظر ۾؟
علي رضا قاضي: دل، منهنجي نظر ۾ ان انساني ڪيفيت جو نالو آهي، جتي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
سوال: توھان طبيعتن ڪيئن آھيو؟
علي رضا قاضي: مان طبيعتن موڊي آهيان. ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. نتيجي ۾ نه دوستيون نڀائي ڄاڻان نه مٽن مائٽن کي پسند. ان طبيعت جي ڪري زندگيءَ جا پويان 20 سال اڪيلائي پڻ ڀوڳي اٿم.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿوَ؟
علي رضا قاضي: ڪاوڙ جو تعلق ڪيفيت سان آهي، ڪڏهن ته گهڻو ڪجهه برداشت ڪري وڃان، ڪڏهن معمولي ڳالهه تان به سالن جا رشتا ڊاهي ڇڏيان. اهڙي ڪا خاص ڳالهه ناهي، جنهن جي نالي چئي سگهجي ته هن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي.
سوال: مليل مڃتا / ايوارڊ/ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
علي رضا قاضي: هن وقت تائين ڪو به مڃتا ايوارڊ ناهي مليو. ان جو سبب منهنجو غير سماجي هجڻ به آهي. هي سڀ ڪجهه مان سمجهان ٿو ڏيڻ وٺڻ جو معاملو آهي. جنهن ۾ مان نڪورو ڄٽ آهيان.
سوال: لکڻ وقت اوھان جي ڪيفيت ڇا ھوندي آھي؟
علي رضا قاضي: ڀلي حقيقي حياتيءَ ۾ مان ايماندار نه هجان پر لکڻ وقت ايماندار ٿي ويندو آهيان. ڪردارن سان انصاف ڪرڻ منهنجي پهرين اوليت هوندي آهي، جنهن جي ڪري پنهنجي لکڻين مان جيڪي گهڻو ڪري ڪهاڻين جي صورت هونديون آهن مطمئن هوندو آهيان.
سوال: لکڻ اوھان جو شوق آھي يا مجبوري؟
علي رضا قاضي: لکڻ لاءِ هي ڳالهه چوندس ته لکڻ منهنجو شوق آهي. لکڻ کان سواءِ مان اڻپورو آهيان.
سوال: شھرت اوھان کي ڪيئن لڳندي آھي؟
علي رضا قاضي: مان چاهيان ٿو ته مشهور هجان، ماڻهو مون کي سڃاڻن پر جڏهن شهرت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ڏاڍو لڄارو ٿي ويندو آهيان. خاص ڪري جڏهن به ڪو سامهون تعريف ڪندو آهي ته دل چوندي آهي ته ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي وڃان.
سوال: اوھان کي ڪنھن کان ڪا شڪايت؟
علي رضا قاضي: شڪايتون ته گهڻيون آهن، پر انهن جو اظهار ناهيان ڪندو. ڇاڪاڻ ته جنهن جي شڪايت ڪجي ٿي ته اهو آسمان تي چڙهيو وڃي. پاڻ اڃا اڌورا ماڻهو آهيون، پنهنجن پڙهندڙن لاءِ نيڪ تمنائون ضرور آهن، جيڪي مون کي پڙهي برداشت ڪن ٿا.
**