زندگي هڪ خوبصورت خواب جيان آهي … هاشم شورو
سوال: نانءُ ولديت سميت؟
هاشم شورو: محمد هاشم شورو ولد خيسو خان شورو.
سوال: جنم جي تاريخ هنڌ؟
هاشم شورو: 5 جون 1955ع ۽ جنم جو هنڌ ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو.
سوال: ادبي نانءُ.
هاشم شورو: هاشم شورو.
سوال: تعليم، نوڪري، پيشو؟
هاشم شورو: تعليم ايم اي، سنڌي لٽريچر، ايم اي سوشيالاجي، آفيسر گريڊ 1 اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مان آڪٽوبر 2013ع ۾ ريٽائرڊ ڪيم.
سوال: لکڻ جي شروعات سال مهينو؟
هاشم شورو: 1974ع ۾ لکڻ شروع ڪيو (مهينو ياد ڪونهي) مسلسل 1986ع تائين لکندو ۽ پڙهندو رهيس، پر اسٽيٽ بينڪ ۾ نوڪريءَ دوران نه لکي سگهيس ۽ نه پڙهي سگهيس هڪ ته بينڪ جي نوڪري ٻيو ڪم ايترو هوندو هو جو رات جو جڏهن گهر ايندا هئاسين ته سڄو ڌيان بينڪ جي ڪم ۾ هوندو هئو، مطلب بينڪ جي نوڪري مون کان پڙهڻ لکڻ ڇڏائي ڇڏيو. جڏهن پهرين نوڪري جيڪا منهنجي ايريگيشن ڊپارٽمنٽ ۾ هُئي اتي منهنجو هڪ آفيسر انجنيئر هو رحيم خان جوکيو، تنهن مون کي ادِبي ڪتابن پڙهڻ ڏانهن مائل ڪيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
هاشم شورو: شروعات ۾ امر جليل ۽ ڪرشن چندر کي پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ انهن کان متاثر ٿيس ۽ آهيان.
سوال: ادبي استاد؟
هاشم شورو: منهنجو ادبي استاد علي بابا هو جنهن مان سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو هو، گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسين.
سوال: ڪهڙيون ڳالهيون توهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
هاشم شورو: هڪ اديب، تخليقڪار حساس هوندو آهي، هو معاشري ۾ ٿيل ظلم انياءُ کي ڏسندو آهي تَه هِن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ شروع ٿيندي آهي جيستائين هو ڪاغذ تي پنهنجي اندر جو اوٻر نه اوتيندو تيستائين هو بيچين رهندو آهي، ان کان سواءِ ڪا حسين صورت، خوبصورت موسم، وڻندر نظارو به لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
هاشم شورو: منهنجي پهرين تخليق جيڪو هڪ تاثر آهي جيڪو ڪٿي به نه ڇپيو، منهنجي ڪتاب سڀ رنگ سانول ۾ آهي. دراصل اول اول مون مختلف رسالن اخبارن ۾ پنهنجون لکڻيون موڪليون هيون پر ايڊيٽرن پنهنجا وسائڻ جي ڪري نه ڇپيون، ڪوشش ڪندو هوس ته ڪٿي به ڪنهن رسالي ۾ نه ڇپايان پوءِ به ڪجهه رسالن جَهڙوڪ هلچل، ملير، هلال پاڪستان، برسات ۾ ڇپيون آهن. پهرين تخليق هيءَ هئي. ”انسان ڪنهن سمي ڪهڙو نه بيوس ٿي ويندو آهي. مايوسين، نااميدن ۽ محرومين جا ڪارا واسينگ وڻ ويڙهيءَ جيان وجود کي وڪوڙي ويندا آهن. تنهن سمي من چاهيندو آهي ته هر احساس کان عاري ٿي بن ۾ بنواس ڪجي! پر ائين ٿيندو ناهي. پنهنجي ئي مجبورين جو صليب پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻڻو پوندو آهي ۽ جيئرو رهڻو پوندو آهي ائين ڇو ٿو ٿئي... ڇو ٿو ٿئي ائين. پر اهو ته جڳن کان ٿيندو رهيو آهي روايت بڻجي وئي آهي ته غريب سدائين پنهنجي مجبورين آڏو اميرن جي لتن ۾ رهيا آهن ۽ جڏهن به هنن ڪنڌ مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن لتن هيٺـان اچي مئا آهن.
سوال: ڪهڙين صنفن ۾ لکيو؟
هاشم شورو: منهنجي پسنديده صنف ڪهاڻي آهي، پر مون ڪهاڻي، مضمون، شاعري ۾ غزل، ٽيڙو، بيت، چوسٽا، هڪيٽو آزاد نظم نثري نظم وغيره لکيا آهن.
سوال: ڪهاڻين جو تعداد؟
هاشم شورو: 10 کن ڪهاڻيون
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
هاشم شورو: ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنف آهي.
سوال: ڪيتريون ڪهاڻيون ڇپيل؟
هاشم شورو: 8 ڪهاڻيون ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال؟
هاشم شورو: هڪ ئي ڪتاب ڇپيل آهي سڀ رنگ سانول.
سوال:تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو رد عمل ڇا هيو؟
هاشم شورو: خوش ٿيا.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
هاشم شورو: رحيم خان جوکيو، جيڪو پاڻ به وڏو تاريخ نويس ۽ سٺو ڪهاڻيڪار هو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: محبت هڪ عالمگير جذبو آهي، جنهن کي بيان ڪري نه ٿو سگهجي.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون؟
هاشم شورو: پسنديده شاعرن ۾ شاهه سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اسير ملاح ۽ ٻيا کوڙ آهن شاعرائن ۾ ج ع منگهاڻي، نسرين الطاف، سڪينه عثمان، نظير ناز، روبينه ابڙو، صنم نجيب، فرزانه شاهين، گلشن سنڌو، سيما عباسي، اندرا پوناوالا، گلشن لغاري، رخسانه پريت ۽ ٻيون کوڙ ساريون. اديبن ۾ علي بابا، امر جليل، نجم عباسي، شوڪت شورو، مدد علي سنڌي، اياز عالم ابڙو، سراج، علي رضا قاضي، الطاف شيخ، نسيم کرل، مٺل جسڪاڻي، گهڻا نالا آهن ڪنهن جو نالو وٺي، ڪنهن جو وٺجي. عورت اديبائن ۾ خير النساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه، ج ع منگهاڻي، مهتاب محبوب، پسنديده اديب عورتون آهن.
سوال: پسنديده شخصيت؟
هاشم شورو: ميڊم خير النساءَ جعفري.
سوال:پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پهر؟
جواب: شاهه جور سالو/گلاب/اڇو/بهار/ صبح.
سوال:زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو؟
هاشم شورو: جڏهن ڏاڏي گذاري وئي/محبوبه جي شادي جي رات/امڙ جي وفات.
سوال:اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
هاشم شورو: اڄ جي عورت عزت چاهي ٿي، تحفظ چاهي ٿي، محبت چاهي ٿي.
سوال:عورت توهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: عورت جو وڏو مقام آهي عورت توهان جي خدمت ڪرڻ واري ساٿي آهي، عورت پيار ڪندڙ ڀيڻ آهي، عورت جي قدمن ۾ جنت عورت ماءُ آهي.
سوال: اڄڪلهه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
هاشم شورو: بهتر ادب سرجي رهيو آهي آئون سمجهان ٿو ته سوشل ميڊيا جو ڪمال آهي جو عام ماڻهو وري ادب ڏانهن آيو آهي نه ته اسان جا ايڊيٽر حضرات ياري باشي ملهائيندا هئا ۽ تمام گهڻو ٽيلنٽ ضايع ٿيندو هو. پر هاڻي فيس بڪ هڪ اهڙو ميڊيم مليو آهي جو توهان وٽ اهو آپشن آهي ته توهان پنهنجي ڪچي ڦڪي شئي فيس بڪ تي پيش ڪري سگهو ٿا بهتر تنقيد سان هو به پالش ٿيندو ويندو آهي. جيستائين ادب جي سرجڻ جي ڳالهه آهي ته ايڏو معياري ته ڪونهي پر هڪ ڳالهه جيڪا ساڃاهه وند محسوس ڪري ٿو ته تنقيد جي نالي تي رڳو هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيون وڃن ٿيون هر ڪو پاڻ کي علامه، محقق، وڏو تنقيد نگار ۽ الائي ڇا ڇا سمجهي ٿو ۽ ٻئي کي جاهل ٺپ جاهل سمجهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان اختلاف ڪيو ته انهيءَ دانشور ۽ انهن جي واٺن جون گاريون به ٻڌڻيون پون ٿيون، ان ڪري سنجيده اديب، شاعر دانشور اهڙن بحثن کان پري هوندا آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليڪکائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي جيتري ٻين ٻولين ۾....؟
جواب: اسان جي سنڌي سماج ۾ تعليم جي گهٽتائي آهي ۽ هو ساڃاهه وند اديب کي ڪجهه سمجهيو ئي نٿو وڃي، ٻيو ته اسان وٽ اديب ۾ به جئليسي تمام گهڻي آهي، اسين پاڻ کان وڌ ڪنهن کي سٺو اديب سمجهون ئي نَه ٿا.
سوال: ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيم سان وابستگي؟
هاشم شورو: منهنجو شروع ۾ ينگ رائيٽرز گلڊ سان واسطو هئو ان جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان، پوءِ سنڌي ادبي سنگت سان واسطو ٿيو ۽ هڪ ڀيرو سيڪريٽري به رهي چڪو آهيان، ڳوٺ سڌار سنگت جو مان ڪوٽڙي ۾ صدر رهيو آهيان ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ڪوٽڙي جو صدر به.
سوال: تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
هاشم شورو: دراصل سنڌي ادبي سنگتن ۾ تنقيد جو وڏو ۽ اهم مقام آهي، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين کي سڏبو ئي تنقيدي گڏجاڻي هو، جڏهن اسين نوان نوان ادب ۾ آياسين 74-75 جو دور هوندو هو. ايڏي ته خوبصورت انداز ۾ تنقيد ٿيندي هئي جو ليکڪ کي احساس ٿي ويندو هو لکڻيءَ ۾ هي غلطيون آهن ۽ هو پنهنجي غلطيءَ کي سڌاري سنواري وڏا شاعر ليکڪ ٿيا. پر اڄ سائين تون مون کي حاجي چئو مان توکي غازي چوندس، ۽ نئين ماڻهوءَ تي پنهنجي علم جو اهڙو ته روب وجهندا جو همراهه ٻي گڏجاڻيءَ ۾ ايندو ئي ڪو نه، ان جو سبب آهي جو اسان وٽ سٺو ادب سرجڻ گهٽ ٿي ويو آهي.
سوال: زندگي، دل ۽ موت اوهان جي نظر ۾؟
هاشم شورو: زندگي هڪ خوبصورت خواب جيان آهي، جڏهن اک کلي ٿي ته خواب ختم. دل انساني جسم ۾ هڪ نازڪ ۽ سخت حصو هوندو آهي، جيڪو ٽٽي به جلد پوندو آهي ۽ سخت به ايڏو جو زندگي جي وڏن وڏن طوفانن جي مقابلو ڪندو آهي. موت هڪ حقيقت آهي جيڪو ڄائو آهي اُهو مرندو به.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سهيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا؟
هاشم شورو: منهنجو ايندڙ ڪتاب منهنجي آتم ڪٿا آهي ” هر شخص ڪهاڻي آ“.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
جواب: نفرت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو ناڪاري ڳالهين جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، جيئن محبت هڪ هاڪاري جذبو آهي.
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
هاشم شورو: مان هاڻي پنهنجي لاءِ ڇا چوان جيڪي مون سان مليا آهن، منهنجا دوست آهن، منهنجا آفيس ڪوليگ آهن يا منهنجي گهر وارا ئي ڪجهه بهتر ٻُڌائي سگهن ٿا.
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/ شيلڊون/سرٽيفڪيٽ؟
جواب: شروع ۾ ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو اُن جا ڪجهه سرٽيفڪيٽ هوندا، وري جڏهن اسٽيٽ بينڪ نوڪريءَ مان ريٽائر ٿِيمُ ته ٻَه شيلڊون مليون. باقي ادب جي حوالي سان ڪو به سرٽيفڪيٽ/ايوارڊ/ ۽ شيلڊ ڪا نه ملي، مون پاڻ به ڪوشش ڪو نه ڪئي.
سوال: ڪاوڙ ايندي آهي؟
هاشم شورو: ها بلڪل ايندي آهي.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
هاشم شورو: لکڻ وقت عجيب ڪيفيت هوندي آهي جنهن جو نالو نه هوندو آهي بس بيچيني اُڻ تُڻ هوندي آهي گهر جو ڪم ڪارڪو نه سجهندو آهي، ڪو ڊسٽرب ڪندو آهي ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي ڀلي هو سَهي ڇو نه هجي.
سوال: درد ڇا آهي؟
هاشم شورو: درد هر حساس ماڻهوءَ وٽ هوندو آهي اديب شاعر هونئن به سماج جا حساس فرد ٿين ٿا اهو درد ئي آهي جو هنن کان لکائي ٿو، اهو درد ئي آهي جو توهان پنهنجو تخلص درد رکيو.
سوال: اوهان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
جواب: مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، مڃان ٿو ته ڪچو ڦڪو لکيو آهي ان معيار جو نه لکي سگهيو آهيان. تنهن ڪري آئون پنهنجين لکڻين کان مطمئن ناهيان.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي ۽ انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن؟
هاشم شورو: ملازمت ڪندڙ عورت ويچاريءَ کي اسان جي سماج ۾ سٺي نگاهه سان ڪو نه ڏٺو ويندو هو هنن کي آواره ۽ بدچلن جهڙن ڪنن لفظن سان سڏيو ويندو هو، پر اڄ اها صورتحال ڪانهي هاڻي ماڻهوءَ جون ترجيحات بدلجي ويون آهن هاڻي هر ڪو مرد چاهي ٿو ته منهنجي زال نوڪريءَ واري هجي ته جيئن گهر ۾ ٻه پيسا اچن جيئن هو گهر جو گاڏو آسانيءَ سان هلائي سگهن.
سوال:اوهان جي شاعري ڪهڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
هاشم شورو: ڪنهن به فنڪار نه ڳائي آهي.
سوال: لکڻ اوهان جو شوق يا مجبوري؟
هاشم شورو: لکڻ منهنجو شوق آهي مجبوري ڪانهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
هاشم شورو: شهرت سڀني جيان مون کي به سٺي لڳندي آهي.
سوال: اوهان کي ڪنهن سان ڪا شڪايت؟
هاشم شورو: نه ادا مون کي ڪنهن سان ڪا شڪايت ناهي، مان شڪايت ڪري ئي نه سگهندو آهيان.
**
نوٽ: هاشم شورو 63 ورهين جي ڄمار ۾ 22 سيپٽمبر 2018ع تي ڪينسر جي مرض سَبب لاڏاڻو ڪري ويو.
(اپريل 2020ع ۾ ماهوار هزار داستان ۾ ڇپيل)