شخصيتون ۽ خاڪا

قَدرُ منجهہ ڪِنار

علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو هي جامع ڪتاب، پروفائيل انٽرويوز تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ سينيئر توڙي جونيئر 63 قلمڪارن جا خيال شامل آهن، جيڪي ذاتي انٽرويوز، ايميل. فون، واٽس ايپ يا ميسينجر ذريعي ڪيل آھن. ھنن مان گهڻا انٽرويويز مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪتاب گهٽ سھيڙجن ٿا، جن ۾ هيڪاندي معلومات آهي. هن ڪتاب جي صورت ۾ جيئن علي محمد هيترين شخصيتن کي يڪجا ڪري تاريخ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهڙو ڪم ٿورڙن ماڻھن جي حصي ۾ اچي ٿو.

Title Cover of book قَدرُ منجهہ ڪِنار

عشق کان وڌيڪ ٻيو استادُ ڪيرُ؟ … وفا صالح راڄپر

عشق کان وڌيڪ ٻيو استادُ ڪيرُ؟ … وفا صالح راڄپر

سوال: نانءُ ولديت سميت؟
وفا صالح: محمد صالح راڄپر ولد محمد عثمان راڄپر
سوال: جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ.؟
وفا صالح: منهنجو جنم لاڙڪاڻي ضلعي ۾، مهين جو دڙو ڀرسان واقع وڏي وهڻي ڳوٺ ۾ 16 نومبر 1975ع ڌاري پورهيت محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ ٿيو.
سوال: ادبي نانءُ ؟
وفا صالح: ”وفا“ صالح راڄپر
سوال: تعليم/نوڪري/پيشو.؟
وفا صالح: منهنجي تعليم ٻارهن 12 درجا آهي. غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيس. مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهيان.
سوال: لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو.؟
وفا صالح: 1999ع کان
سوال: ادبي استاد..؟
وفا صالح: عشق کان وڌيڪ ٻيو استاد ڪير ٿي سگهي ٿو؟ عشق جي چوٽ لڳڻ کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
وفا صالح: لبنان جي مشهور ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو.
سوال: ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
وفا صالح: جڏهن به ڪو واقعو پيش ايندو آهي يا جڏهن معاشري ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏسندو آهيان ته اهي شيون مون کي لکڻ لاءِ هر وقت اتساهينديون رهنديون آهن.
سوال: پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟
وفا صالح: پهرين تخليق 1999ع ۾ نظم جي صورت ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي “پورب” ۾ ڇپي.
سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهيو؟
وفا صالح: سنڌ جي هر ننڍي وڏي اخبار ۽ رسالي ۾ڇپيو آهيان.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
وفا صالح: شاعريءَ ۾ سڀني صنفن تي ٿورو گهڻو لکيو آهي پر نثري نظم منهنجي پسنديده صنف آهي. نثر ۾ ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنف آهي ۽ ڪهاڻيءَ کي مان پنهنجي محبوبه سڏيندو آهيان.
سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون ڇپيل آهن؟
وفا صالح: مون تمام ٿورو پر معياري لکيو آهي. هيل تائين مون 50 جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون هونديون ۽ اهي سڀ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
سوال: ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال......؟
وفا صالح: منهنجا هن وقت تائين 3 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
1. ”دردن ڦولاريا ڦول“ نثري نظمن جو ڪتاب 2015ع ۾.
2. ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ ڪهاڻين جو مجموعو 2017ع ۾.
3. ”مون ساريندي سپرين“ مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب 2018ع ۾.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
وفا صالح: پهرين تخليق ڇپجڻ تي مون کان وڌيڪ منهنجا رشتيدار خوش ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي ڳوٺ توڙي رشتيدارن ۾ واحد ماڻهو هيس جيڪو ليکڪ بڻجي هنن جي سامهون آيو. منهنجا رشتيدار مون سان اديب هجڻ جي ڪري تمام گهڻو پيار ڪندا آهن ۽ عزت ڏيندا آهن.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟
وفا صالح: منهنجو پنهنجو سوٽ سائين نذير حسين راڄپر ۽ منهنجو ويجهو رشتيدار مرحوم وارث راڄپر. ٻئي مطالعي جا شوقين هئا ، ٻنهي وٽ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو. مون جڏهن ادب ۾ پير پاتو ۽ لکڻ شروع ڪيو ته هنن ٻنهي نه رڳو منهنجي حوصلا افزائي ڪئي پر مون ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق ۽ عادت پڻ پيدا ڪئي. هنن ٻنهي مطالعي جي حوالي سان پنهنجي لائبرري ڄڻ منهنجي حوالي ڪري ڇڏي هئي.
سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾....؟
وفا صالح: منهنجي نظر ۾ شاعِري ڏکن ، دردن ۽ خوشين جي اظهار جو نانءُ آهي.
سوال: محبت اوهان جي نظر۾ ..؟
وفا صالح: منهنجي نظر ۾ محبت عظيم ۽ مقدس رشتو آهي ، محبت ئي ته آهي جيڪا ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ۽ حساسپڻو پيدا ڪري ٿي. محبت ئي ته ماڻهوءَ کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ٿي ، جيڪڏهن محبت نه هجي ها ته جيئڻ ڏاڍو اڻانگو ٿي پوي ها.
سوال: پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون..؟
وفا صالح: سڀ سٺو لکندڙ شاعر/شاعرائون اديب/اديبائون منهنجي پسند جا آهن.
سوال: پسنديده شخصيت..؟
وفا صالح: رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد
سوال: پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر..؟
وفا صالح: پسنديده ڪتاب؛ شاهه جو رسالو. گل؛ رابيل. رنگ؛ آسماني. موسم؛ سيارو. پهر؛ شام جو.
سوال: زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي..؟
وفا صالح: زندگي مهربان آهي تڏهن ته جيئون پيا. پهرين خوشي جنهن کي مان دل ئي دل ۾ چاهيندو رهيس، هن پاڻ مون سان محبت جو اظهار ڪيو، اها زندگيءَ جي پهرين خوشي هئي.
سوال: زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو...؟
وفا صالح: زندگيءَ ۾ رڳو ڏک، سڏڪا، صدما پلئه پيا آهن
سوال: عورت اوهان جي نظر ۾؟
وفا صالح: عورت منهنجي نظر ۾ عظيم آهي پوءِ اها ماءُ جي روپ ۾ هجي، ڀيڻ جي روپ ۾ هجي، ڌيءُ جي روپ ۾ هجي يا وري محبوبه يا زال جي روپ ۾ هجي. زاهد شيخ جي هڪ شعر جي سٽ آهي؛
”ماءُ به عورت، ڀيڻ به عورت، عورت محل جي راڻي“
سوال: اَڄڪلھه جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ..؟
وفا صالح: اَڄُڪلهه ادب سٺو ۽ معياري سرجي رهيو آهي پر افسوس اهو آهي ته اسان وٽ سٺا پڙهندڙ ڪونه آهن.
سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟
وفا صالح: جيڪو به ليکڪ يا ليکڪه سٺو ۽ معياري لکي ٿو ان کي پذيرائي ملي آهي ۽ ملي پئي، پر جيتري پذيرائي ملڻ گهرجي اها نه ملي سگهي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اسان ليکڪ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ ڪنهن به سٺي ليکڪ جي تعريف ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون، جنهن کي ٻين لفظن ۾ ساڙ چئبو آهي. اسان سڀ جيڪڏهن اها ساڙ جي عينڪ لاهي ڇڏيون ته اهو سنڌي ادب جي لاءِ بهتر ٿيندو.
سوال: تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
وفا صالح: تنقيد خُود هڪ علم آهي پر اسان وٽ سَهِي تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي، تنقيد ۾ يا ته ياري باشي ۽ اقربا پروري ٿي هلائي وڃي يا وري ساڙ ۽ دشمنيءَ ۾ ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ٿو ڪيو وڃي. اسان وٽ ڪابه صحتمند تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي ڀلا پوءِ ياري باشي ۽ پنهنجا نوازيءَ تي ٻڌل اهڙي تنقيد ڪير برداشت ڪندو؟
سوال: ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي..؟
وفا صالح: سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻيءَ جو ڪائونسلر هجڻ کان علاوه ٻي ڪنهن به تنظيم سان هن وقت وابستگي ڪونهي.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾..؟
وفا صالح: زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي. زندگي هڪ دفعو ملندي آهي، ان کي سٺي ۽ سهڻي نموني گذارجي. اياز چيو ته ”سَوَ درد هيا ، سو دک هيا زندگي پوءِ به پياري هئي“
سوال: موت اوهان جي نظر ۾.؟
وفا صالح: موت زندگيءَ کان بهتر آهي ، ڇاڪاڻ ته موت اذيت ، تڪليف ۽ ڪرڀ ڏيندڙ ناهي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
وفا صالح: مون زندگيءَ ۾ رڳو پيار ڪيو آهي ، موٽ ۾ مون کي به پيار ئي پيار مليو آهي. پنهنجي نفرت سان لڳي ئي ڪانه، ته ڪيئن ٻڌايان نفرت ڇاهي؟
سوال: دل اوهان جي نظر ۾ .؟
وفا صالح: ڌڙڪڻ کان علاوه به دل جو وڏو ڪم آهي. پيار جي پوک ۽ رازن تي سَتُرُ به ته رکندي آهي.
سوال: ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا..؟
وفا صالح: منهنجا چار ٻيا ڪتاب تمام جلد پڙهندڙن جي سامهون هوندا.
1. ”درد جو صليب“ ڪهاڻيون
2. ”اکين جا اڃارا خواب“ نثري نظم
3. ”اندر جنين اڌ“ ڪالم ۽ مضمون
4. ”هيل چونڊينديس نموريون“ اڀياس
سوال: توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟
وفا صالح: فقيري طبيعت جا مالڪ آهيون ۽ انتهائي حساس پڻ ، ايترو جو ڪنهن جي کهري لهجي تي ڀتر جيان ڀري پوندو آهيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
وفا صالح: ڪوڙ ۽ منافقت تي
سوال: مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ.؟
وفا صالح: مختلف ادارن ۽ تنظيمن طرفان پنج ايوارڊ ، ڪيتريون ئي شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
سوال: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
وفا صالح: لکڻ وقت لکڻ واري ئي ڪيفيت هوندي آهي ، دل چوندي آهي پيو لکجي.
سوال: درد ڇا آهي؟
وفا صالح: ڪنهن چيو آهي ته “ابتو به لکيم ، سبتو به لکيم درد پوءِ به درد رهيو” جن ماڻهن انتها درجي جا درد سٺا آهن انهن کي اوتري ئي ڏاهپ ان درد جي ڪري ئي ملي آهي. درد ڏاهپ جو ڏاتار آهي.
سوال: اوهين جيڪو لکو ٿا يا جيڪو ڪُجهه لکيو اٿو انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
وفا صالح: بلڪل مطمئن آهيان. ماڻهو ڪا لکڻي لکندو ئي تڏهن آهي جڏهن ان مان مطمئن هوندو آهي.
سوال: اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟
وفا صالح: عاشق نظاماڻي.
سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
وفا صالح: ملازمت ڪندڙ عورتن کي مرداڻي معاشري ۾ انيڪ تڪليفن کي منهن ٿو ڏيڻو پوي. هر اداري ۾ بگهڙ ويٺا آهن ، عورت محفوظ ناهي. هراسمينٽ ، اغوا ۽ خودڪشين جا ڪيس جام ٿين ٿا پر تنهن هوندي به عورت کي مضبوط ٿيڻو پوندو ، هن وٽ ايتري قوت آهي جو اهڙن معاملن کي منهن ڏئي سگهي.
سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟
وفا صالح: ليکڪائن کي ڪنهن به ريت ڪو مسئلو پيش نه ٿو اچي، هنن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته بولڊ هجڻ لازمي آهي جو هو مرداڻي معاشري جي ڪڌن ڪردارن سان منهن ڏئي سگهن، جي نه ته پوءِ لکن ئي ڇا لاءِ ٿيون؟
سوال: لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟
وفا صالح: لکڻ منهنجو نه شوق آهي نه مجبوري. لکڻ سان منهنجو عشق آهي.
سوال: شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟
وفا صالح: گهڻي شهرت ليکاريءَ لاءِ زهر آهي. پاڻ ڪڏهن شهرت جي پويان ڊڪ نه ڀري آهي ۽ نه ئي وري ان جا قائل آهيون.
سوال: اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟
وفا صالح: ڪنهن کان به نه.
**