تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

نئين سنڌ لاءِ علي حسن چانڊيي جو سياسي سفر

علي حسن سان منهنجي ملاقات ايم آر ڊي جي ڏينهن ۾ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ 1983-84ع ۾ ٿي. 20 سالن جو نوجوان هو. ساول ئي اڃا هاڻي آئي هئس. انهن ڏينهن ۾ اسان جيل ۾ سنڌي ادبي سنگت جيل برانچ جو بنياد وڌو هو، جنهن جا ڪلاس منهنجي کوليءَ ۾ ٿيندا هئا. علي حسن انهن گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو. طبيعت ۾ خاموش هو، ممڪن آهي ته کوليءَ کان ٻاهر سندس سرگرميون ۽ سياسي گفتار ٻي هجي، مون هن کي گهٽ ڳالهائو نوجوان ڏٺو. هائو! هن ۾ هڪ لڪل ٽئلنٽ هو، ايم آرڊي دوران جڏهن اسان جيل ۾ ڊرامو ”باهيون بيراڳين جون“ اسٽيج ڪيو ته علي حسن ان ڊرامي ۾ هڪ سپاهيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. اهو ڊرامو تمام ڪامياب ٿيو هو. هڪ تمام وڏي بيرڪ ۾ 500 کان وڌيڪ قيدين اهو سياسي ڊرامو ڏٺو، جنهن ۾ سمورا اداڪار سياسي قيدي هئا. اهو ڊرامو منهنجي هڪ ڪهاڻي ”ٻُوساٽ“ تي ٻڌل هو جنهن جي ڊرامائي تشڪيل ۾ شبير شر منهنجي وڏي مدد ڪئي هئي. شبير شر ئي ان ڊرامي لاءِ سياسي قيدين مان ٽئلنٽ ڳولي ڪردارن جي چونڊ ڪئي، انهن کي اداڪاريءَ جي تربيت ڏني، ۽ خوب ريهرسل ڪرائي هئي.
ان کان پوءِ جڏهن جيل جون ڪاريون راتيون ختم ٿيون ته آئون پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ڏانهن هليو ويس ۽ علي حسن پنهنجي سياسي دنيا ڏانهن هليو ويو! هن دور جي سياسي دنيا ۾ رهڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. اها ڏکي واٽ آهي، جنهن تي هلڻ وارو سر جو سانگو لاهي هلي ٿو. ”ابو غريب“ رڳو آمريڪا وارن ڪونه ٺاهيا، اهي اسان جي ملڪ ۾ به آهن. اسان کوڙ نوجوان ڏٺا جيڪي هن واٽ ۾، اونداهين راتين ۾ بگهڙن جو کاڄ ٿيا. ڪن ڦاهيون کاڌيون، ڪن ڦُٽڪا، ڪن موتمار ٽارچر ڪيپمون ڏٺيون، ڪن گوليون کاڌيون، ڪن قيد! ڪنهن جي گهريلو زندگي اجاڙ ٿي وئي، ته ڪنهن جي جمع پونجي! انهن سڀني جانثارن لاءِ وڏو احترام اٿم!
پاڪستان ۾ سياست جو سفر 1983ع ۽ 1986ع کان اڳتي هليو ته ان ۾ بندوق شامل ٿي وئي. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي طبيعت آهي، آئون انهن ماڻهن کان پري رهندو آهيان، جن جي هٿن ۾ بندوق هجي! ڀلي ته کڻي هُو تترن جو شڪاري هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ بارود ۽ بندوقن جي وڏي پوک نسري چڪي آهي، ۽ ملڪ ۾ ايتريون بندوقون ۽ گوليون آهن، جيترا انسان به نه آهن. شايد هاڻي اسان جي سياسي اڳواڻن کي سڀ کان پهرين ان سوال تي ڪم ڪرڻو پوندو ته ملڪ مان بندوق جو ڪلچر ڪهڙيءَ طرح ٻُڙي سطح تي آڻجي! مڃون ٿا ته ظالم جي هٿ ۾ بندوق کان به ڳرا هٿيار آهن، پر ڇا مظلوم طبقو بندوق جو جواب بندوق سان ڏيندو؟ يا ڏيئي سگهندو؟ آئون سمجهان ٿو، هرگز نه! اسان جو رستو پُر امن ئي ٿي سگهي ٿو. عوام جو رستو پُر امن ئي هوندو آهي. ها! جڏهن وقت ايندو آهي ته اندر جو لاوا پاڻ ئي ڦاٽندو آهي، ۽ پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي، جيئن هر هنڌ ٿئي ٿو. خير!
علي حسن چانڊيو 22 جنوري 1963ع تي جنم ورتو، هي ايوب خان جي مارشل لا جا اهي سخت ڏينهن هئا جڏهن، آمريت جا چنبا پاڪستاني انسانن جي جسم ۾ پوريءَ طرح اندر تائين لٿل هئا. هر ڪنهن جو ساهه سُڪل هو، سياست سرڪاري وڏيرن جي پاڇي ۾ اوطاقن تائين محدود هئي. ٻيو ته ٺهيو مادرِ ملت به فوجي حاڪم جنرل ايوب خان جي آڏو بي وس هئي. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته وقت جو وڏو ڌاڙيل ٽوهه چانڊيو علي حسن چانڊيي جو سڳو چاچو هو. ٽوهه مفرور ڏوهاري قرار ڏنل هو، پوليس وارن ٽوهه جي بدلي ۾ سندس ڀاءُ علي شير چانڊيي (علي حسن جي پيءُ) کي يرغمال ڪري قيد رکيو هو. هنن جو اصل ڳوٺ نانگا چانڊيو آهي، اهو ڳوٺ نواب شاهه کان اتر ۾ ريلوي لائين سان 36 ڪلوميٽر پري دوڙ ۽ ٻانڌيءَ جي وچ ۾ آهي. اهي زمينون مِيرن جون هيون ۽ چانڊيا انهن جا هاري هئا. وقت وقت جي ڳالهه! علي شير چانڊيو پنج درجا پڙهيل هاري هو.
ٽوهه چانڊيو مفرور حالت ۾ اڪثر درياهه پار سن شهر ويجهو ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ رهندو هو. تڏهن اتي ستابو شاهه پاٿاريدار هو. اهو 1963ع جو ئي سال هو جڏهن ٽوهه چانڊيو مارجي ويو، پر اهو چوٻول به هليو ته ٽوهه کي نشو پياري مدهوش ڪيو ويو ۽ پوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن پوليس مقابلو ڏيکاري ٽوهه کي ماريو آهي!
ڌاڙيلن ۽ پوليس جي هن دنيا ۾ پريشان علي شير جي زال قاضي احمد ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ مائٽن وٽ پناهه ورتي هئي، اتي ئي علي حسن ڄائو. ٽوهه جي مارجڻ کان پوءِ علي شير آزاد ٿيو ۽ ڳوٺ نانگا چانڊيو ڇڏي ڪٽنب وٺي اچي دوڙ شهر ۾ رهيو، جتي علي حسن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين پڙهيو. پوءِ، سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان انٽر آرٽس ڪيائين. غربت کيس آرٽس طرف وٺي وئي هئي. اڳتي هلي ان غربت کائنس مزدوري به ڪرائي. غربت جي صورتحال ان وقت اڃا به ڳنڀير ٿي وئي جڏهن سندس والد رندن ۽ چانڊين جي وچ ۾ زمين جي تڪرار تان زندگي وڃائي ويٺو. علي شير پنهنجي ننڍڙي راڄ جو چڱو مڙس هو. انڪري رندن هٿان ٽارگيٽ ٿيو. جهيڙو برادرين جو، قتل علي شير ٿيو! اهي 1976ع جا ڏينهن هئا ۽ ڀٽي صاحب جي عوامي حڪومت لوڏن ۾ هئي. والد جو قتل هن ڪٽنب لاءِ غربت جي شروعات ثابت ٿيو. والده اڻپڙهيل هئي پر روزگار لاءِ سڀڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. هن هر قسم جو پورهيو ڪيو: ڪڻڪ جا لابارا، ڦُٽين جو چونڊو، رليون سبڻ، ڀرت ڀرڻ وغيرهه. ٻه وڏا ڀائر مزدوري ڪندا هئا. خود علي حسن به پورهيو ڪيو. ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ بار ڍويائين، رازن سان مدد ۾ بيٺو،’ساسو‘ ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، ۽ ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ گودام ڪيپر ٿي رهيو. پر سڀني مائٽن جو زور هو ته علي حسن پڙهائي جاري رکي.
هن 1978ع ۾ ميٽرڪ ڪئي. هاڻي ضياءُ الحق جي مارشل لا شروع ٿي چڪي هئي، ڀُٽي صاحب جي حڪومت ڊهي چڪي هئي، ڀُٽو گرفتار هو ۽ ڀٽي صاحب جي حق ۾ عوامي ڪاوڙ جو مظاهرو ٿي رهيو هو. علي حسن ڪاليج جي ان جوش ڀريي ماحول ۾ هوريان هوريان تحريڪ جو حصو ٿيڻ لڳو. کيس سياست ۾ ان وقت جي شاگرد تنظيم SNSF اتساهه ڏنو، ان وقت ڪاليج ۾ صفت رند SNSF جو اڳواڻ ۽ تمام باڪردار شخص هو. انڪري علي حسن اڳتي هلي پوريءَ طرح SNSF ۾ شامل ٿي ويو.
چوٿين اپريل 1979ع تي ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي وئي. عوامي رد عمل ۾ نواب شاهه ۾ نوجوانن هڪ جلوس ڪڍيو ۽ هڪ سرڪاري بس کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ان الزام ۾ علي حسن به گرفتار ٿيو. اهو رڳو الزام ڪونه هو، پر علي حسن ان واقعي ۾ شامل هو. ان ڪيس ۾ سوڍل رند کي هڪ سال سزا آئي. ٻيا نوجوان مصطفيٰ ڪورائي (جيڪو پوءِ شهيد ڀٽو گروپ سنڌ جي شاگرد وِنگ جو صدر ٿيو)، هڪ نوجوان عارف ۽ ٻيو بروهي هو. بس ساڙڻ واري واقعي ۾ علي حسن 15 ڏينهن ٿاڻي ۾ پوليس جي مار کائيندو رهيو پر ڏوهه نه باسيائين.
ان واقعي کان پوءِ سندس شاگرد سياست باقاعدي شروع ٿي وئي. 9ـ آگسٽ 1980ع تي نذير عباسي ٽارچر ڪيمپ ۾ شهيد ٿيو ته ان جي رد عمل ۾ نوابشاهه ۾ هڙتال۽ اسڪول بند ڪرايائين، ۽ وري 12ـ14 ڏينهن لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو. نذير سان سندس فقط هڪ مختصر ملاقات هئي، سا به نذير جي شهادت کان ٿورا ڏينهن اڳ. نذير عباسيءَ کان پوءِ هو امداد چانڊيي کان متاثر ٿيو هو. هي 1981ع جو دور هو، امداد تيSNSF جو بار هو جيڪا هاڻي DSF ٿي چڪي هئي. امداد چانڊيو ۽ سندس ويجها ساٿي محمد خان سولنگي ۽ شير محمد مڱريو جيڪي اڪثر روپوش هوندا هئا، اهي به 2 يا 3 اپريل تي حيدرآباد مان گرفتار ٿي ويا. هنن وٽان چوٿين اپريل جي حوالي سان مارشل لا جي خلاف پمفليٽ پڪڙيا ويا هئا. کين ست ست سال ۽ ڏهه ڏهه ڦٽڪا سزا ٻڌائي وئي. سندن غير موجودگيءَ ۾ علي حسن تي DSF جون ڪي ذميواريون اچي ويون، ۽ هو وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
ڄام ساقي ۽ نذير عباسيءَ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سنڀال جي ذميواري مير ٿيٻي تي هئي، علي حسن کي اتان ئي رهنمائي ملندي هئي. علي حسن هاڻي DSF سنڌ جو صدر هو.
1983ع ۾ ايم آر ڊي شروع ٿي ته DSF ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ ۾ جتي جتي به DSF جا پاڪيٽ هئا، انهن کي جمهوري تحريڪ جو حصو بڻايائين. ان وقت سندس ساٿين ۾ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، ڊاڪٽر طالب لاشاري، اظهر عباس (هاڻي مشهور صحافي)، ڊاڪٽر حميد سومرو، معشوق ملاح، اقبال ملاح، منظور ٿهيم ۽ ٻيا کوڙ نوجوان هئا. ان ئي موقعي تي هن جو پارٽيءَ سان پهريون اختلافي موقف سامهون آيو ڇو ته پارٽيءَ تحريڪ ۾ گرفتاريون ڏيڻ کان پاسو پئي ڪيو. پارٽيءَ جو موقف هو ته گرفتاريون ڏيئي اندر وڃڻ ڪا بهادري يا بهتر حڪمت عملي نه آهي، پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي پاڻ کي گرفتارين کان بچائي، تحريڪ کي صحيح رخ ۾ موڙين، ۽ عوام ۾ رهي عوام جي رهنمائي ڪن. پر علي حسن سيپٽمبر 1983ع ۾ هڪ ڏينهن حيدرآباد جي سول اسپتال وٽان نڪتل هڪ جلوس مان پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو. ان ئي رات کيس سينٽرل جيل اماڻيو ويو. ٻئي ڏينهن تي صبح سوير کيس سرسري سماعت واري فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
فوجي عدالت ۾ پڇيو ويو ته هن ڪهڙا نعرا پئي هنيا؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن ”ضيا تي لعنت، مارشل لا مرده باد ۽ جمهوريت زنده باد“ جا نعرا هنيا هئا. ميجر صاحب جڏهن علي حسن ڏانهن ڏٺو ته کيس سندس ننڍي عمر تي ترس آيو. کيس چيائين، ”جيڪڏهن تو ايئن چيو آهي ته ان جي سزا ملندءِ، پر جيڪڏهن انڪار ڪرين ته ڇڏي ڏيانءِ!“ پر، علي حسن انڪار نه ڪيو، چيائين،”انڪار نه ڪندس، مون ايئن چيو آهي!“ ميجر صاحب کيس واپس جيل اماڻي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اخبار مان پتو پيو ته کيس هڪ سال سزا ڏني وئي آهي. حيدرآباد جيل ۾ هو سرويچ سجاولي، پير مظهرالحق ۽ مولا بخش چانڊيي وارن سان گڏ هو. هُو ڇهه مهينا حيدرآباد جيل ۾ هو، پويان ڇهه مهينا کيس ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو، جتي هن جي ملاقات پروفيسر جمال نقوي، بدر ابڙي، سهيل سانگي، ڪمال وارثي، شبير شر، رفيق صفي، قاضي محمد بخش ڌامراهه، ممتاز ڀٽي، فتحياب علي خان سميت ڪراچي ۽ لاڙ جي علائقي مان گرفتار ٿيل بيشمار سياسي قيدين سان ٿي. اتي سندس سياسي تربيت ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جيل برانچ جي تنقيدي ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيو.
ڪراچي جيل ۾ علي حسن کي سائي ۽ بُڪيءَ جي تڪليف ٿي ته کيس مهينو کن سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. اتي هڪ ڪامريڊ ڇوڪريءَ ’نازنين‘ سان سندس ويجهڙائي ڏسڻ ۾ آئي. هوءَ وٽس مختلف سياسي ادبي ڪتاب ۽ روسي ناول کڻي ايندي هئي. هوءَ ٽريڊ يونين ورڪر عبدالغفار جي ڌيءَ هئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جيڪو لڳ ڀڳ سڄي عمر روپوش رهيو، اڪثر ان ڪٽنب وٽ اچي رهندو هو (اها ڳالهه علي حسن ٻڌائي) انهن جي رهائش لياقت آباد، عزيز آباد ۽ الڪرم اسڪوائر ۾ رهي.
علي حسن جيل ۾ ئي هو ته سندس مائٽن، هنجو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو، علي حسن انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته بقول سندس ”هوءَ بلڪل اڻپڙهيل هئي“. اها مـڱڻي جلد ئي ٽٽي وئي، ڇو ته علي حسن جي دل ڪنهن ٻئي جاءِ تي اٽڪي چڪي هئي. هن 1987ع ۾ نازنين سان شادي ڪئي. شاديءَ واري رات لياقت آباد ۾ شيلنگ ٿي رهي هئي. اها ايم ڪيو ايم جي ابتدا هئي. ان وقت مهاجر، پنجابي ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ شديد ٽڪراءُ ٿيو هو. ۽ ايم ڪيو ايم سڄي شهر ۾ منظم ٿي رهي هئي. هاڻي ٽي پٽ اٿس، جنهن مان هڪ لنڊن ۾ پڙهي رهيو آهي، ٻيا بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ سي. اي ڪري رهيا آهن.
1983ع ۾ مليل سزا کان پوءِ هو واپس سنڌ يونيورسٽي پهتو ته اتي سيمسٽر سسٽم جي بحاليءَ لاءِ شاگرد تنظيمن جي جدوجهد هلي رهي هئي. علي حسن کي گڏيل ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ ڪيو ويو. ٻه مهينا لڳاتار دڙڪن دهمانن مان گذريو، نيٺ سيمسٽر سسٽم بحال ٿيو.
1986ع ۾ ايم آر ڊي جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو ته هو وري هر هنڌ سرگرم نظر آيو. دوڙ ۾ هزارين ماڻهن جلوس ڪڍيو. جلوس جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو ته پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ فائرنگ ٿي. وڏي ڀڃ ڊاهه ٿي ۽ ريلوي اسٽيشن تي حملو ٿيو. ان واقعي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو شير زرداري شهيد ٿي پيو. ان رات اها خبر بي بي سي به ڏني هئي ته دوڙ ريلوي اسٽيشن تي حملو ٿيو آهي، ٽڪراءُ ٿيو آهي ۽ ماڻهو مارجي ويو آهي. ان ڪيس ۾ 40 ڄڻا گرفتار ٿيا، چالان ٿيا ۽ ضمانتن تي آزاد ٿيا. ان ڪيس ۾ علي حسن به ملوث ڪيو ويو. اهو ڪيس ۽ تاريخون ان وقت تائين هلنديون رهيون جيستائين 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه آئي. پوءِ ڪيس ختم ٿيو.
1988ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اندروني طور شديد اختلاف ٿيا. آئون اختلافن جي اصل بنيادن کان واقف نه آهيان، شايد ايئن به هو ته سنڌ مان اڀريل قيادت ۽ ڪيڊر کي بي آواز ڪيو ويو هو ۽ هاڻي قيادت پختونن وٽ هئي، جنهن سنڌي نوجوانن جي سوچ کي مطمئن نه پئي ڪيو. ان موقعي تي علي حسن به ٻين وانگر اعتراض اٿاريو ته پارٽي قومي سوال تي واضح نه آهي. سندس دليل هو ته ڪميونسٽ پارٽي سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٺهيل ”سنڌ قومي اتحاد“ ۾ ميمبر ته ٿي، پر بهارين جي سوال تي پوئتي هٽي وئي.
سنڌي نوجوان ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اندروني تضادن سبب سخت مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هو. ايئن علي حسن به حيران هو. سياسي ڪارڪن کي عوام سان رابطي لاءِ ڪو نه ڪو پليٽفارم ضرور گهرجي، ان مونجهه ۽ سياسي خلا جي حالت ۾ علي حسن به هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو هو
1988ع ۾ سنڌي مهاجر فسادن جو سلسلو هلي پيو، اهو سنڌ ۾ واقعن جو هڪ خراب تسلسل هو. نتيجي ۾ 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جا سنگين واقعا سامهون آيا. انهن واقعن ۾ اخباري رپورٽن موجب لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهو بي درديءَ سان قتل ٿيا. سڀ کان گهڻو نقصان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌي ماڻهن کي ٿيو. عام طور 30 سيپٽمبر وارو واقعو ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان منسوب ٿيو. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جيڪو بنيادي طرح سائين جي ايم سيد جي ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سان تعلق رکندڙ هو، پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکي هڪ جدا لهجو ۽ مؤقف اختيار ڪيو هو. علي حسن کي ان لهجي ۽ مؤقف ۾ ذهني اطمينان محسوس ٿيو.
ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان سندس ملاقات ڪيئن ٿي؟ علي حسن جو چوڻ آهي ته 1984-85ع ڌاري نذير عباسيءَ جي ورسيءَ واري تقريب ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر سان ٿي، هو اتي خاص مهمان جي حيثيت سان آيو هو. 1987ع ۾ ڊاڪٽر سان هن جي هڪ تفصيلي ڪچهري ٿي هئي جنهن ۾ عزيز ڪينجهرائي ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري به شامل ٿيا هئا. 1988ع وارن واقعن کان پوءِ علي حسن جو لاڙو ڊاڪٽر قادر مگسيءَ طرف ٿيو. هن کي ڊاڪٽر ۾ ڪهڙيون خوبيون نظر آيون؟ علي حسن ٽي خوبيون يا سبب ٻڌائي ٿو: 1ـ ان زماني ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظيمن جي غنڊه گردي هئي، ڊاڪٽر ان جي خلاف هو. 2 ـ تعليمي ادارن ۾ سڀني شاگرد تنظيمن کي سياست جو حق آهي، جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر سڀني کان مڃائي. 3 ـ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سائين جي ايم سيد سان قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه تي اختلاف رکيا، ان جي مؤقف جي پذيرائي ٿي. پوءِ ’جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي‘ ٺهي، ۽ علي حسن ان ۾ شامل ٿي ويو.
1995ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم تي ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن ٿيو، تڏهن شانتي نگر ۾ ترقي پسند هائوس تي به پوليس ۽ رينجر چڙهائي ڪئي. علي حسن به گرفتار ٿيو. سندس اکين تي لڳاتار 20 ڏينهن پٽي ٻڌل هئي، ۽ ڪنهن کي به پتو ڪونه هو ته هو ڪٿي آهي؟ پوءِ پتو پيو ته اهو هاڻوڪو گلزار هجري ٿاڻو هو، جيڪو سهراب ڳوٺ جي پٺاڻ قبضه مافيا کان ڇڏائي ڪئمپ ۾ بدلايو ويو هو. هي عبدالله شاهه جو دور هو. علي حسن جو خيال آهي ته اهو پيپلز پارٽي جي مخالفت جو نتيجو هو.
نيٺ، علي حسن ڇا ٿو چاهي؟ ۽ وٽس ڇوٽڪاري جو رستو ڪهڙو آهي؟ علي حسن جي خيال ۾ ”ڇڙواڳ ٽولا سنڌ جو مستقبل ٺاهي نٿا سگهن، منظم تنظيمون انقلابي جذبي سان ڪا تبديلي آڻي سگهن ٿيون.“ هن وقت علي حسن چانڊيو ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ جو وائيس چيئرمين ۽ نظرياتي شعبي جو سربراهه آهي.
سندس لکيل اخباري مقالن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۽ سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش يقينا سنڌ بابت جبري ڏاڍ خلاف شعور ڏيڻ آهي. سندس سياسي۽ لکڻ واري پورهئي سان يقينا قومي جاڳرتا ۾ سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ ضرور ٻه وکون اڳتي وڌندي.

بدر ابڙو
پهرين مئي 2010
ڪراچي