سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جو سوال؟
73ع جي آئين ۾ اڳوڻي اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست اختلافن جي وَرَ چڙهيل آهي.
پنجاب پنهنجن مفادن لاءِ پاپوليشن کي بنياد بنائي ورهاست ڪري رهيو آهي، جيڪي صوبا سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائين ٿا انهن کي سڀ کان گهٽ ايوارڊ ملي ٿو. وفاق الڳ کڻي ٿو پنجاب کي الڳ ملي ٿو اهو ملائي سمورو پيسو پنجاب تي خرچ ٿئي ٿو.11 يارنهن سئو بلين رپيا ڪمائي ڏيندڙ سنڌ موٽ ۾ 180 بلين رپيا خيرات جي صورت ۾ حاصل ڪري ٿي جنهن سبب قومن جي وچ ۾ قومي تضادن شدت اختيار ڪئي آهي. اين ايف سي ايوارڊ جي تفصيلن تي ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل ڏبا.
اسان بحث پئي ڪيو سين ته آئين جيڪو ملڪ جي عوام کي ۽ اُن ۾ رهندڙ قومن کي تحفظ ڏيڻ جو ذميوار آهي. 1940ع جي قرارداد ۾ قومن سان هي واعدو ڪيو ويو هو ته آزاد ٿيندڙ ملڪ جي رياستن کي خودمختيار حيثيت ڏني ويندي. وفاق پاڻ وٽ صرف دفاع، پر ڏيهي پاليسي، ڪرنسي ۽ مواصلات جا کاتا رکندو باقي سمورا کاتا قومن جي حوالي ڪيا ويندا ان لحاظ کان پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم ۽ سندس پارٽي جي راءِ موجب چئن کاتن کانسواءِ ڪجهه به پاڻ وٽ نه رکڻ گهرجي ها.
ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقي سمورا کاتا وحدتن جي مرضي منشا موجب هجن ها ته اڄ هن ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي اُها ائين نه هجي ها.
فيڊريشن جنهن اسپرٽ سان ڪم ڪري ۽ اُن جي جيڪا اهميت هجي ٿي سا هتي بلڪل مختلف آهي.
فيڊريشن ڪڏهن به وفاق جي حقيقي ڪردار مطابق عمل ناهي ڪيو پر اُن جي ابتڙ ملڪ جي آفيسر شاهي ۽ ٻن قومي نظرين تي ملڪ حاصل ڪرڻ وارن جي سوچ جي ڪري جبر ۽ زيادتين ۾ اضافو ٿيو آهي.
پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو جڏهن ته هن رياست ۾ رهندڙ قومون صدين کان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار وجود سان حڪمراني ڪنديون رهيون آهن. قومن جي راضپي کانسواءِ پاڪستان ڪونه ٺهي سگهي ها. انڪري وفاق کي پاڪستان ۾ موجود رياستن کي صوبا قرار ڏيڻ بجاءِ قومن جا تاريخي وطن قرار ڏيڻ گهرجن ۽ انهن جي حق حاڪميت تسليم ڪئي وڃي. قومن کي طئي ڪرڻ گهرجي ته هو وفاق کي رياست کي هلائڻ لاءِ وفاقي پول ۾ ڇاٿا ڏين نه ڪي وفاق طئي ڪري ته هو صوبن کي ڇا ٿا ڏين.
سنڌ قدرتي وسيلن ۾ مالا مال آهي هن ڌرتي تي تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا بيشمار معدني وسيلا موجود آهن، جنهن جي آئين موجب ۽ عالمي تهذيب يافته قومن جي فڪر موجب انهن وسيلن جو مالڪ اهو هجي ٿو جتي موجود آهن. پر وفاق اهي سمورا معدني وسيلا ڦري لٽي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي اسان کي معمولي رائلٽي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
لاکڙا ڪول مائينز مان نڪرندڙ ڪوئلي تي سنڌ کي صرف 60 رپيا في ٽن رائلٽي ملي ٿي سال ۾ 2 ٻه ملين ٽن ڪوئلو نڪري ٿو. ڌاريو واپاري في ٽن 3 هزارن کان پنجن هزارن تائين مارڪيٽ ڪري ٿو اهڙِي طريقي سان ڀڳڙن جون کلون به سنڌ کي نصيب نٿيون ٿين. نتيجي ۾ سنڌ سورن ۾ ۽ ڌاريو واپاري ارب پتي بڻجي ويو.
اهڙي ريت جيستائين وفاق جي پاليسين ۽ آئين ۾ تبديلي نٿي اچي اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته جمهوري پاڪستان، جمهوريت جي نالي ۾ ۽ 73ع جي آئين موجب صوين کي بنيادي حق ڏيندو، ۽ اهائي وفاق جي برابري آهي ته سمورن قومن کي بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن.
وفاق کي دُرست لائين تي هلائڻ لاءِ اهو سمجهڻو پوندو ته هي ملڪ هڪ قوم نه پر گهڻ قومي ملڪ آهي 73 ع جو آئين قومن جي حقن جو امين نه ٿي سگهيو آهي، صوبن بجاءِ قومي وحدتن جي بنياد تي نئين آئين ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن ۾ آئين جي نئين تشڪيل ڪري پاڪستان جي سمورن قومن جي وچ ۾ نئون سماجي ٺاهه ڪرايو وڃي. ۽ پوءِ قومون طئي ڪن ته پاڪستان وفاق هلائڻ ۽ ٽن کاتن کي هلائڻ لاءِ ڇا ڏجي،
باقي قومن جا جيڪي وسيلا ۽ انهن جي مالڪي مڪمل طرح سان قومن حوالي ڪئي وڃي انهن سان ڪابه هٿ چراند نه ڪئي وڃي. قومون جيڪي به ٽيڪس اُڳاڙين انهن جون هو خود مالڪ هجن هو سمورا وسيلا پنهنجي مرضي موجب پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪن. وفاق کي ڪنهن به صورت ۾ اُن ۾ مداخلت جو حق نه هجڻ گهرجي، قومون پنهنجن وسيلن ۽ ٽيڪسن مان صرف 25% سيڪڙو وفاق کي ڏين.
سنڌ صدين کان آزاد ۽ خود مختيار رياست طور رهي آهي تاريخ ۾ گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي قومي وجود برقرار رکيو . سنڌ جو معاشرو خوشحال ۽ تعليم يافته رهيو آهي. پرڏيهه کان ڪاروبار سانگي واپاري ايندا هئا، ڪيئي حملي آور به وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سانگي حملا ڪندا رهيا. عربن کان ويندي انگريزن تائين سنڌ جي وسيلن تي قبضي کانسواءِ ٻيو ڪو به مقصد نه هو. ڦرلٽ ڪري هليا ويندا هئا يا وري قابض ٿي ڊگهي عرصي تائين غلام بڻائي رکندا هئا، پر سنڌي قوم هڪ لمحي لاءِ به غافل ناهي رهي سڄي تاريخ ۾ جڏهن جڏهن موقعا مليا آهن پنهنجي وجود ۽ پنهنجن وسيلن کي بچائڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن، 1947ع کان اڳ انگريزن غلام بنايو ۽ هڪ نئين غلامي جي شڪل ۾ ڏنو ويو ۽ پوءِ 62 سالن کان هڪ قوم اڪثريت جي نالي ۾ ننڍين قومن سان ڏاڍائي ڪري رهي آهي، نا انصافين جي ڪري هڪ قوم جدوجهد ڪري خودمختيار رياست طور آزاد ٿي وئي.
اڄ جڏهن دنيا ۾ Reunification جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته يورپ پاڻ ۾ گڏجي ويو آهي، ايسٽ برلن ۽ ويسٽ برلن گڏ ٿي ويا. سائوٿ ۽ نارٿ ڪوريا گڏجڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته پوءِ هتي پاڪستان ننڍڙو ملڪ وري اُن جون ننڍڙيون قومون علحدگي لاءِ ڇو تحريڪ هلائي رهيون آهن. اهو سوال برابري جي اصولن تي ٻڌل آهي مٿين قومن جو ذڪر ۽ انهن وچ ۾ اتحاد برابري جي بنيادن جي ڪري ٿيو هڪ ٻئي جي قومي حدن، وسيلن جو احترام ڪرڻ سان، جبر ۽ ننڍي وڏي قوم جي تصور ۽ ڦرلٽ کان سواءِ ئي ممڪن ٿئي ٿو ته گڏجي هلجي. جنهن ملڪي وسيلن تي مالڪي جو حق اُن قوم جو نه هجي ۽ وڏي ڀاءُ ۽ وفاق جي نالي ۾ زبردستي وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي. آئين موجب ڏنل معمولي حق به کسيا وڃن، قدرت جو ڏنل سنڌ کي تيل، گئس، ڪوئلو قيمتي پٿر چائنا ڪلي، سمنڊ ذريعي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ مان مليل ٽيڪسن تي سنڌ کي ڪجهه به نه ملي ۽ سمورا ٽيڪس ۽ وسيلا پنجاب کڻي وڃي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هي پاڪستان وفاق جمهوري ۽ برابري جي بنياد تي هلي سگهندو.
سنڌ67% ستهٺ سيڪڙو وفاقي پول ۾ روينيو جمع ڪرائي ٿو، هي روينيو پنج ڪروڙ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ ڪافي هجي ٿو.
سنڌ جيڪا وفاق کي هلائي ٿي. ان جون سموريون ضرورتون پوريون ڪري ٿي اُها سنڌ غربت جي چڪي ۾ پيسجي پئي.
امير سنڌ جا ماڻهو غريب ٿي ويا آهن.
وفاق جبري طريقي سان خوشحال ۽ وسيلن سان مالامال قومن کي پاڻ سان ملائي رکڻ جي ڪوشش پيو ڪري جڏهن ته وفاق ۾ موجود محڪوم قومون لڳاتار مطالبو ڪري رهيون آهن ته
وفاق 40ع جي قرارداد تي عمل ڪندي وسيلن جي مالڪي سميت قومي حق حاڪميت قومن حوالي ڪئي وڃي ته جيئن برابري جي بنياد تي هي ملڪ هلي سگهي.
سنڌ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ٿي ته سنڌ مان نڪرندڙ معدني وسيلن تي حق صرف سنڌي قوم جو آهي. سنڌين کي رائلٽي ڏيڻ بجاءِ سمورن وسيلن جي مڪمل مالڪي جو حق کين ڏنو وڃي.
سنڌ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ٿي ناڻي جي ورڇ هڪ وڏي قوم جي مُفادن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ بجاءِ وسيلن جي بنياد ۽ غربت کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي پر وفاق هر صورت ۾ بضد آهي ته نه هي پاڪستان آهي ملڪ جي اندر جيڪو ڪجهه آهي اُهو اسانجو آهي ۽ اسانجي مرضي ته انهن کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ورهايون. سوال ڪرڻ ڪفر ۽ غداري جي زمري اچي ٿو پر هي طئي آهي ته سنڌ پنهنجي وسيلن تان مالڪي جي حق تان ڪڏهن دستبردار نه ٿيندي ۽ سنڌ جي سُڄاڻ ڌُرين کي ايندڙ اين ايف سي ايوراڊ جي منصفاڻي ورهاست لاءِ زبردست آواز اُٿارڻ گهرجي ته جيئن سنڌ پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪري سگهي.