خوشفهمي جي گهيري مان نڪري اچو!
ڇاڪاڻ جو صدين کان سنڌ جي سماج تي جاگيردارن جو قبضو رهيو آهي. سنڌ جا مسڪين پورهيت ماڻهو انهن جي قبضي هيٺ رهيل آهن. انهن جي مرضي کان سواءِ اُهي ساهه به نٿا کڻن. رياست انهن وڏيرن جي حامي رهندي اچي ۽ وڏيرا به رياست جي هر ظلم ۽ ڏاڍ سان سهمت رهيا آهن. ان ڪري جائز يا ناجائز طريقي سان غريبن جو اليڪشن ۾ پاڻ مُرادو کٽي اچڻ بنهه مُشڪل آهي. ان ڪري دنيا ۾ غريبن جي حڪمراني پاڻ مُرادو ٿيڻ بجاءِ ڏهاڪن جون جدوجهدون، قربانيون ڏيڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگهيون آهن.ڏاڍي مُڙس جي خلاف چونڊن ۾ بيهڻ سو به ڪنهن سياسي پارٽي جي پليٽ فارم ۽ جهنڊي ۽ مدد کان سواءِ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟
مائي جوري جمالي جو مثال ڏنو پيو وڃي. ٺيڪ آهي ته هڪ هارياڻي وڏيري جي مقابلي ۾ بيهي رهي ۽ هارجي وئي. هُن جو بيهڻ وڏي همت جي ڳالهه آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته اُن پٺيان سياسي پارٽي هئي، ڪمزور ئي سهي، جنهن رياست ۾ فوج، سول ڪاموراشاهي ۽ جاگيردارن جي ٽرائيڪا ڪم ڪندي هجي، سمورن معاشي وسيلن تي انهن جو قبضو هجي. سياست ۾ مداخلت هجي اُتي تبديلي سادي طريقي سان ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي. قاضي صاحب دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال نه ڏئي سگهندو ته سياسي ۽ انقلابي ياريفارمسٽ قوتن جي پٺ ڀرائي ۽ رهنمائي کانسواءِ ڪا تبديلي اچي سگهي هجي.
شعور تبديلي جو مُحرڪ بڻجي ٿو، جنهن سماج ۾ ڦرلٽ هجي ٿي، مسڪين ماڻهو جو جيئڻ محال بڻجي وڃي، ٿورڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا زندگي جون سموريون نعمتون حاصل ڪندا هجن ۽ اڪثريت عوام جي بکن ۾ پاهه هجي، جن جا ٻچا تعليم کان محروم هجن، غلامي جي آخري ۽ غليظ شڪل ۾ رهندا هجن، اُتي تبديليون اينديون آهن، سي به پاڻمرادو نه انهن ذلت جي ماريل ماڻهن کي ڪا انقلابي پارٽي هجي ٿي، ڪو فڪر ۽ فلسفو هجي ٿو، جنهن جي روشني ۾ ماڻهن کي منظم ڪجي. انهن کي شعور سان سگهارو بڻائجي. انهن کي هڪ انقلابي سگهه ملي ٿي، هو بيهي رهن ٿا وڙهن ٿا، مرن ٿا، مارين ٿا ۽ پوءِ تبديلي رونما ٿئي ٿي. 1960ع ۾ 21 مارچ جي ڏينهن تي ڌرتي ڌڻين ڪاري چمڙي وارن جي جلوس تي قابض گورن گوليون هلايون هيون، جنهن ۾ ٨ عورتن ۽ ١٠ معصوم ٻارن سميت 78 ماڻهو شهيد ٿيا،. سي ڇو ماريا ويا. پنهنجي ڌرتي تي غيرن جي ڏاڍ جي خلاف پُرامن احتجاج جي ڪري ماريا ويا. ڳالهه اتي نٿي رڪجي. سوين ڪاراجيل واڙيا ويا. لڳاتار ويڙهه جي نتيجي ۾ ڪارن کي پنهنجي مرضي جو ووٽ جو حق مليو ۽ پنهنجي مرضي جو اڳواڻ چونڊڻ حڪومت جوڙڻ جو حق نصيب ٿيو. پاڪستان جي رياست ۾ سنڌ غلامي جي شڪل ۾ آهي. اسين آفريڪا جي ڪارن کان ڪيئن مختلف آهيون. ڇا سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جي حاڪميت آهي؟ سنڌ جو وڏيرو ڪالهه انگريزن سان بيهي پنهنجا مفاد حاصل ڪندو رهيو هو، سو اڄ فوج ۽ اسٽيبلشمنٽ سان بيهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيو آهي. جتي به وڏيرن جي گروهه کي خطرو هجي ٿو، اُتي اُهي ٻٽ بڻجيو وڃن. سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ۽ انقلابي اڳواڻ چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. ڪاميابيون نه ملڻ جو ڪارڻ ڇا آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سندن قرباني ڏنل آهي. سندن تنظيم آهي، ڪارڪن آهن، سندن سنڌي قوم جي حقن لاءِ زبردست پورهيو ٿيل آهي. پوءِ به ناڪامي؟ ڪارڻ هي آهي ته تبديلي آڻيندڙ ڌرين جون دشمن قوتون اڃان سوڌو سگهاريون آهن. انهن وٽ وسيلا آهن، بقول امر جليل جي ته بودلا جاگيردار جا پٽ پوٽا ۽ ڏوهٽا اڃان سوڌو اقتدار ۾ رهندا اچن. جڏهن ته تبديلي آڻيندڙ قوتون ڪمزور سندن تنظيم ڪمزور، هيٺين سطح تائين عوام تائين پهچ اڃان نه ٿي سگهي آهي، وسيلا نه هئڻ برابر آهن. اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ناهي، هو سنڌ جي سماج ۾ غريبن ۽ پيڙهيل ماڻهن کي اقتدار جو مالڪ بڻائڻ چاهين ٿا. اهوئي بنيادي تضاد آهي، جيڪو ڊگهي تاريخ ۾ هلندو اچي ظالم ۽ مظلوم حاڪم ۽ محڪوم فرد ۽ قومن جو ٽڪراءُ جيڪو نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻو آهي. ڪاميابي وري به انقلابي قوتن سماج کي تبديل ڪندڙ قوتن جي ٿيندي. چين، روس، ويٽنام، ڪيوبا، وينز ويلا، هاڻ نيپال جون تبديليون رت جا درياهه پار ڪري حاصل ڪيون ويون آهن. عام ۽ سادي اُڀريل تضادن تي عوام کي گڏ ڪرڻ سولو ڪم آهي. جيڪو صرف عارضي طرح سان نظر اچي ٿو. پر جيڪو نانءُ آهي تبديلي جو سو چيندا صلاحون ڏئي سادا مثال پيش ڪري تبديلي آڻي سگهجي،سا خام خيالي آهي ۽ ماڻهن کي سياست کان الڳ ڪرڻ ۽ ريفارم وارن طريقن کي اپنائڻ جا گس ٻڌائڻ سنڌ سان، انقلاب سان دشمني کان سواءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ ۾ تبديلي بلڪل ممڪن آهي. هيٺين سطح تائين پهچڻ تمام سٺي ۽ اعليٰ پائي جي منظم انقلابي تنظيم، آئڊيالاجي واضع هجڻ ۽ رياست سان ٽڪراءَ جون تياريون ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
تاريخ ۾ انقلاب يا تبديلين جي روشني ۾ عوام جي صحيح طريقي سان رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ماڻهن کيCourage ڪجي، انهن کي همت ڏيارجي ته ظلم ۽ جبر ۽ وڏيري ڪلچر کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي. پر ساڳي وقت هي صلاح ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪا تبديلي چاهيو ٿا ته تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ قومي انقلابي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃو، هڪ ٿي وڃو. ڪنهن هڪ پارٽي کي پنهنجو ويساهه ڏيو. منظم ٿيو، نظرئي سان مسلح ٿيو ۽ پوءِ طبقاتي ننڍ وڏائي کي ختم ڪريو. پورهيت راڄ قائم ڪريو. ڦرلٽ جو نظام برباد ڪريو. پر جڏهن اوهين پنهنجي ٽي وي چئنل ۽ پاپولر اخبار جو سهارو وٺي غير منطقي، غير سائنسي ڳالهيون ڪري ماڻهن کي راهه ڏيڻ بجاءِ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائڻ، انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻ رياست جو پرزو بڻجي، انهن لاءِ استعمال ٿي عوام کي خوشفهمين ۾ وجهڻ خطري جي گهنٽي آهي. پنهنجا عوام تائين رسائي جا غلط ذريعا استعمال نه ڪريو. ننڍين ۽ سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ نه هجڻ وارا ناٽڪ رچائي عوام کي دڳ ڀلائڻ بند ڪريو. اوهين پنهنجي پيشي جا ماهر آهيو. ڪمايو ۽ کائو، خوش گذاريو.
تبديلي سياسي پارٽيون ۽ انقلابي فڪر ئي آڻي سگهن ٿيون. ڇو ته جدلياتي اصول موجب سرمائيدار پنهنجو دشمن پنهنجي ڪُک مان پئدا ڪيو مزدور. اهڙي ريت هن وڏيرڪي سماج ۾ وڏيري تهذيب جي خاتمي لاءِ سندن ڪُک مان ئي تبديلي جو اُهڃاڻ هاري پورهيت پئدا ٿيو آهي ۽ باشعور وچولو طبقو جيڪو تبديلي رونما ڪندو. ايندڙ چونڊن ۾ يقينن تبديلي نظر ايندي، اسين 21 صدي ۾ داخل ٿيا آهيون، صدين جي ظلم ۽ ڏاڍ سان جيڪو شعور پئدا ٿيو آهي. اُهو ٻرانگهون ڀري پنهنجي منزل ڏانهن وڌيو آهي. مستقبل ۾ شعور ۽ محڪومن جي ڪاميابي جا نغارا آهن. پر سنڌ جي عوام کي بي پاڙي وَل وانگر غير سياسي غير نظرياتي فڪر رکندڙ سفيد پوش خوشحال گهراڻي جي چوڻ تي راءِ قائم ڪرڻ بجاءِ مشن جو حقيقي طرح سان جائزو وٺي. انقلابي پارٽي سان گڏجن ڇو ته سياست ئي تبديليءَ جو حقيقي محرڪ آهي.