جاگيرداري: سماج کي سُڌرڻ نه ڏيندي
جاگيرداري جمهوريت ۾ رُڪاوٽ آهي جيڪا جمهوريت رياست ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن جي ڪنهن حدتائين ڏاڍ جو سبب بڻجي ٿي اڪثريت اقليت جو خيال رکي ٿي. مذهبي ٽڪراءَ کان پرهيز ڪندي سيڪيولر فڪر تحت هر ماڻهوءَ کي مذهبي آزادي ملي ٿي، ووٽ جي اهميت ۽ اُن جي طاقت اُڀري ٿي دهشت ۽ دٻدٻي جو دور ختم ٿيڻ ڏانهن وڃي ٿو.
ان ڳالهه سان اتفاق آهي ته جمهوريت ئي اڄ جو سڀ کان وڏو سچ آهي پر اهو ضرور آهي ته جيسين جاگيرداري ۽ سرمائيداري طبقن جو خاتمو ممڪن نٿو ٿئي سماج ۾ بهتر ۽ بنيادي تبديلي ناممڪن آهي.
هندستان ۽ پاڪستان هڪ رات جي فرق سان آزاد ملڪن جي حيثيت ۾ نمودار ٿيا. هندستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي، جاگيرداري جي خاتمي سان مشروط ٿي آهي، هندستان نهرو جي دور ۾ ئي هندستان جي جاگيرداري جو خاتمو ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ سرمائيداري ان جي جاءِ والاري ۽ جمهوريت مستحڪم ٿي هندستان جي آزاد ملڪ طور سامهون ٿي اچڻ کان پوءِ جيڪي نسلي ۽ مذهبي ٽڪراءَ ٿيا آهن، جنهن ۾ هزارين مسلم توڙي هندو يا عيسائي ماريا ويا آهن، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڏا ڪيس ٿيا آهن پر هڪ لمحي لاءِ به فوج اتان جي اقتدار جو حصو ناهي بڻي.
پاڪستان جي 62 سالن جي تاريخ ۾ آرمي جي اقتدار کي ڇڏي باقي رهيل وقت جي حڪمرانن جي پارٽين جو بنياد جاگيرداري فڪر ۽ فلسفي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي طبقي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون پاس ڪندا رهن ٿا. نالي ماتر ته زرعي سڌارن جي ڳالهه ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ خاندان رڳو گهٽ ۾ گهٽ 50 ايڪڙ ۽ وڌ ۾ وڌ 150 ايڪڙ زمين جو مالڪ ٿي سگهي ٿو پر عملي طور تي سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به هزارين ايڪڙن جا مالڪ موجود آهن. جيڪي هارين کي غلام بڻائي ويٺا آهن، اليڪشن ۾ جاگيردار دوست پارٽيون اڪثريت ۾ وڏيرن کي ٽڪيٽ جاري ڪن ٿيون ۽ اُهي جڏهن ايم پي اي ۽ ايم اين اي بڻجي اقتدار جو حصو بڻجن ٿا. پارليماني تاريخ گواهه آهي ته اهي وڏيرا اسيمبلين ۾ آرام ڪندي ڏٺا ويا. کين سماج ۾ بک بدحالي، تعليم جي تباهي جهڙا بنيادي مسئلا ياد نٿا رهن، هو رڳو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا هجن ٿا. نتيجي ۾ عوام سان ڪمٽمينٽ نه هئڻ ڪري معاشرو ترقي بجاءِ تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي جتي جاگيرداري ختم ٿي آهي اُتي معاشرن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن.
ملڪ جو اڪثريتي عوام ۽ سنڌ جي ته وڏي اڪثريت ان ڳالهه مان مطمئن هجي ٿي ته پيپلزپارٽي يا نواز ليگ ئي عوام کي بنيادي حق فراهم ڪري سگهندا. هو روزگار ڏيندا، هو تعليم ڏيندا، هو صحت جا مسئلا حل ڪندا پر ايئن ناهي جيڪي ماڻهو عوام ڏانهن جوابدار هجن ٿا ۽ جن کي اهو احساس هجي ٿو ته سندن احتساب ٿيندو ۽ وري عوام ڏانهن وڃڻو آهي اتي تبديليءَ جا امڪان هجن ٿا، پر هن ملڪ ۾ ان جي ابتڙ پارلياماني سياست ڪندڙ وڏيرن جي اڪثريت تي هي فلسفو حاوي رهي ٿو ته عوام اسان جي ماتحت آهي، اُهي غريب هجن ٿا انهن جي ڪابه مرضي ناهي هوندي، اُهي ته رڳو رڍون ۽ ٻڪريون آهن جن کي جيڏانهن به هڪليو هلنديون ۽ اُهي گهڻي حد تائين درست آهن. ڇاڪاڻ جو جاگيردار معاشري ۾ هي ڪوشش هوندي آهي ته عوام شعور کان وانجهيل رهي، انهن کي تعليم کان پري رکو، انهن کي جڏو بڻايون ته جيئن کين حقن کان واقفيت نه هجي تبديليءَ لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪن ۽ پوءِ انهن تي راڄ ڪندا رهو، اڄ هندستان يا ٻين سڌريل ۽ ترقي يافته رياستن ۾ تعليم جي هئڻ ڪري شعور جي هئڻ ڪري اقتدار ۾ ويٺل هر ماڻهو عوام ڏانهن جوابدار هجي ٿو.
جيڪڏهن ڪو وزير اسڪينڊل جي ڪري وزارت تان هٿ کڻي ٿو، تڏهن به هو پاڻ کي ڏوهاري تصور ڪندي اقتدار کان پاسيرو ٿئي ٿو، پر هن پياري پاڪستان ۾ وزيرن تي بدترين ڪرپشن جا الزام ثابت ٿين ٿا پوءِ به کين پريشاني نٿي ٿئي. عالمي ادارا پنهنجين رپورٽن ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، سٺي حڪومت نه هئڻ جا الزام لڳي رهيا آهن، ان جو مطلب ته 62 سالن ۾ اسان جون پارليماني پارٽين ۾ ڪابه مثبت تبديلي ناهي آئي ۽ اُن جو ڪارڻ اهو ساڳيو بحث آهي ته اقتدار ۾ ويٺل اڪثريت ماڻهن جي وڏيرڪي نظام سان سلهاڙيل آهي ۽ هو پنهنجي فلسفي ۾ مطمئن نظر اچن ٿا ته سڀ ٺيڪ آهي هي جيڪي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ذريعي اربين ڊالر قرض وٺي ملڪ هلائن ٿا، ڪي موٽروي، انڊرپاس ٻه چار ميگا پراجيڪٽ جوڙين ٿا ته هي خوش آهن ته اسين ترقي ڪري رهيا آهيون، هي ملڪ قرضن کان سواءِ نٿو هلي سگهي. پر جيترا وسيلا آهن، جيڪر انهن ۾ ڪرپشن جو عنصر ختم ٿئي ته ڪوبه ماڻهو بک ۽ پريشاني جي سبب خودڪشي نه ڪندو.
اسان جو سماج تعليم کان محروم ٿيندو وڃي ٿو، سٺي تعليم صرف اميرن جا ٻار حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي سماج جو صرف 2 سيڪڙو هجي ٿو، اڪثريت غربت جي سبب ڪري تعليم کان محروم آهي.
سنڌ جي تعليم وارو وزير پير مظهر الحق فرمائي ٿو ته تقريبن ساڍا ست هزار اسڪول رڳو وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ آهن ڇا اهو انڪري آهي جو سنڌ جو وڏيرو نٿو چاهي ته تعليم عام ٿئي ۽ سنڌ جي اها عوامي پارٽي به نٿي چاهي ته علائقي ۾ اثر رسوخ رکندڙ وڏيرو اسان جي پارٽي ڇڏي وڃي نتيجي طور اهي وڏيرا من ماني ڪن ٿا. اسڪول بند آهن تعليم وارو وزير چاهيندي به اسڪول وڏيري جي قبضي کان خالي نٿو ڪرائي سگهي.
ٻهراڙين ۾ قبيلائي جهيڙا جاگيرداري ڪلچر جو حصو آهن هڪ ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪرائي علائقي جي ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عدالتن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عدالتن ۾ ڏوهارين کي سزا جي بجاءِ وڏيرن جي جرڳن ۾ کين قتلن جو رليف ملي ٿو ۽ وري نوان ڏوهه ڪن ٿا. اُهي سمورا وڏيرا جاگيردار فڪر جي پارٽين جا ميمبر هجن ٿا. انهن جي علائقن ۾ جيڪڏهن تعليم عام هوندي ماڻهن جي شعور ۾ اضافو ٿيندو ته عوام صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ رکي سگهي ٿو، وڏيرن جي غلامي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان امن بحال ٿي سگهي ۽ خوشحالي به ان سان سلهاڙيل آهي، سنڌ جي وڏيرن جيڪي ڪروڙ پتي هجن ٿا اهي پنهنجن علائقن ۾ صنعت لڳائڻ جا مخالف هجن ٿا نه پاڻ اهڙو ڪم ڪندا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کي اهو ڪرڻ ڏيندا ۽ نه وري رياست اهڙي ڪوشش ڪندي، ڇاڪاڻ جو ڪارخاني لڳڻ سان به ماڻهو وڏيرڪي ڪلچر مان ٻاهر اچي ٿو، هو گهڻي حد تائين آزاد هجي ٿو. هو صنعتي سائنس سان لاڳاپي ۾ اچڻ ڪري هن جي شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو علائقي ۾ ڪنهن وڏيري جي غلاميءَ بجاءِ پنهنجو عقل ۽ ڏاهپ استعمال ڪندي مستقبل جو فيصلو ڪري ٿو ۽ صنعتي انقلاب سان جاگيرداري جو خاتمو ٿئي ٿو، سماج ترقي ڏانهن وڌي ٿو. عوام جي سوچ جي سفر ۾ تيزي اچي ٿي، سڄو ڏينهن ٻارين ٻچين وڏيري جي اوطاق تي چڪر هڻڻ بجاءِ هو پنهنجي مستقبل جا سفر طئي ڪري ٿو، ووٽ پنهنجي مرضيءَ سان ڏئي ٿو، چونڊيل نمائندن کان پڇڻ جو حق رکي ٿو. روزگار وٺي ٿو، تعليم ۽ صحت پنهنجو بنيادي حق سمجهي ٿو، ان ڪري سنڌ ۾ سمورين براين جو وڌ کان وڌ ذميوار جاگيردار طبقو ۽ ان جو فڪر آهي. جنهن خوبصورت سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرائي ڇڏيو آهي، پرامن سنڌ کي دهشت جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي حاڪميت ڌارين حوالي ٿي وئي آهي، سنڌ جي باشعور عوام کي موهن جي دڙي واري خوبصورت ۽ ترقي يافته سنڌ بڻائڻ لاءِ جاگيرداري ڪلچر خلاف گهڻ رخي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جاگيرداري جي خاتمي سان مشروط آهي.