سنڌ جي حاڪميت وارو سوال، سنڌ، متحد قومي موومينٽ، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ خدشا
سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ تي جنگيون هميشه مڙهيون ويون آهن، پر اها پاڻ ڪڏهن به اڳرائي پسند يا جارحيت پسند نه رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي صدين کان امن ۽ پيار واري سڃاڻپ رهي آهي. تاريخ اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته جيڪي به مختلف قومن ۽ نسلن جا گروهه هتي آيا ۽ سنڌين ۾ ضم ٿي ويا، سي اوتري عزت ۽ احترام حاصل ڪن ٿا. جيتري هتان جا قديم لوڪ، پر جيڪي سنڌ ۽ سنڌين سان مستقل ٽڪراءُ ۾ رهيا، تن جو اڄ سنڌ ۾ ڪوبه نالو ۽ نشان ناهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن خطي ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي تبديلي آئي اها هندستان جي مختلف علائقن مان مختلف قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ هئي. جيڪي هتي ”مهاجر“ جي شناخت سان اچي آباد ٿيا.
ان تاريخي سچائيءَ کان اڄ ڪنهن کي به انڪار ناهي ته جڏهن مهاجر سنڌ ۾ آيا هئا ته جيترو آڌر ڀاءُ ۽ سهڪار سنڌين ڪيو هو اهو پاڪستان جي ٻين صوبن ڏانهن ويل مهاجرن سان بلڪل ئي نه ٿيو هيو.
سنڌين ته پنهنجا گهر، ملڪيتون ۽ زمينون سندن حوالي ڪيون هيون. تنهن ڪري ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته انهن کي فوري طور تي سنڌ جي مفادن سان سلهاڙجي هن ڌرتي جو حصو ٿين ها پر هنن الڳ مهاجر سڃاڻپ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي. 1968ع جي ڏهاڪي ۾ مهاجر، پنجابي، پختون اتحاد جي پليٽ فارم تان مهاجرن جي نسل پرست سوچ کي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ 1971ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو ته اهي سڌو سنئون سنڌين جي ٽڪراءَ ۾ اچي ويا.
1971ع جا ٻوليءَ وارا جهڳڙا ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين تي ٿيل خوني حملا ۽ سندن مال ملڪيت جي لٽ مار جا قصا اڃا به تازا آهن.
ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اها ”مهاجر سياست“ ڪنهن حد تائين پس منظر ۾ هلي ويئي. پر ان عرصي ۾ به مهاجرن پاڻ کي سنڌين ۽ انهن جي سيڪيولر ۽ قومي حقن واري سياست سان جوڙڻ بدران مذهبي انتهاپسند تنظيمن خاص طورتي جماعت اسلاميءَ سان جوڙي رکيو. جڏهن ڀٽي جي خلاف پي اين اي جي ڊالر برانڊ تحريڪ هلي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو. ان ۾ به اڳيان اڳيان مهاجرن جي اڪثريت ئي هئي.
ڀٽو حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ مارشل لا جي نفاذ کان فوري پوءِ 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي ويئي. اي پي ايم ايس او جي ٺهڻ جي سنڌ جي قومپرستن ان ڪري آجيان ڪئي هئي ته ان شروع ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ پنجاب جي جبر، ڏاڍ ۽ سنڌ جي ٿيندڙ استحصال جي خاتمي جي ڳالهه پئي ڪئي.
80ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هو ڪجهه وڌيڪ واضح ٿيندي پنجاب جي بالادستيءَ خلاف ڳالهائڻ لڳا. سندن ان پنجاب مخالفت کي سنڌي قومپرستن سمجهيو ته هاڻي هو سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙي سنڌ ۾ هڪ مضبوط قومي تحريڪ کي جنم ڏيندا ۽ سنڌ جي قومي آجپي جي لاءِ پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪندا. جيڪو هو اڳ نه ڪري سگهيا هئا.
سنڌ جي قومپرستن سندن ماضيءَ جي ڪردار کي وساري سندن ڀرپور حمايت ڪئي. ان حمايت جي نتيجي ۾ هنن خاص طورتي سائين جي ايم سيد جي مدد سان پاڻ کي سنڌ ۾ آرگنائيز ڪري ورتو. ٿوري ئي عرصي گذرڻ کانپوءِ سندن مکيه ٽارگيٽ سنڌي بڻيا. انهن 1984ع ۾ مهاجر قومي موومنٽ ٺاهي سنڌين سان باقاعده جنگ شروع ڪري ڏني.
ڪراچيءَ ۾ لکيل پڙهيل سنڌي آفيسرن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو. ”سنڌيو، ڪراچي خالي ڪريو“ جهڙا نعره هنيا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين کي ننڌڻڪو سمجهي ماريو پئي ويو. سندن مال ملڪيت لٽي ويئي. سنڌي نياڻين سان زيادتيون ڪيون ويون. ايستائين جو معصوم سحرش کي به نه بخشيو ويو. پر سنڌين مڙسيءَ سان ان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو ۽ کين محسوس ڪرايو ته هن ڌرتيءَ جا رهواسي امن پسند ضرور آهن، پر هو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ننگن جي حفاظت ڪري ڄاڻن ٿا.
اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم، 1997ع ۾ ”مهاجر“ مان ”متحده“ بڻجي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي حقن جي ڳالهه ۽ پنجاب تي سخت تنقيد ڪري رهي آهي ته اسين ان جو 15 سالن جو پراڻو ڪردار، موقف ۽ پاليسي ڪيئن ٿا وساري سگهون.
اڄ ايم ڪيو ايم سنڌ جي حقن جي چئمپين بڻجي سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن ۽ سنڌ جي قوم پرستن تي تنقيد ڪري اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اها ئي سنڌ جي نمائنده تنظيم آهي ۽ اها ئي سنڌ کي پنهنجا حق وٺرائي ڏئي سگهندي.
سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”جيڪو آزمايل کي آزمائي، سو ڌوڙ منهن ۾ پائي“ ايم ڪيو ايم ڀل پنهنجو ظاهري لهجو تبديل ڪيو هجي، پنهنجا ظاهري نعره تبديل ڪيا هجن ۽ پاڻ کي مڊل ڪلاس جي امن پسند ۽ سنڌ جي اجتماعي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم ظاهر ڪندي هجي، پر ان جي لڪل ايجنڊا تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ ماڻهن وٽ ڪي به ٻه رايا ناهن.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ڪاررواين سنڌ ۾ قومي ۽ جمهوري تحريڪ کي ڪمزور ڪيو ۽ سنڌين کي سندن اصل مسئلن کي هٽائي هڪ ٻي جنگ ۾ منجهائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي، هتان جي تاريخ جي سمورن شاگردن کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم جي اها دهشتگردي ۽ نسل پرست سياست اسٽيبلشمنٽ جي اشاري تحت ئي ٿي هئي.
نه صرف اهو، پر انهن 1988ع وارين عام چونڊن کانسواءِ هڪٻئي پٺيان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز شريف سان گڏجي سنڌ ۾ گڏيل حڪومتون ٺاهي به ان انهن سان وفاداري نه ڪئي ۽ ساڻن ويساهه گهاتي ڪئي. 1998ع تائين جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) سان اتحاد ڪرڻ تائين اهي اسٽيبلشمنٽ جو حصو ٿي ڪراچي سميت سموري سنڌ جو امن تاراج ڪندا رهيا.
1997ع ۾ جڏهن انهن پنهنجي قوت کي سڪڙجندو محسوس ڪيو ته انهن متحده قومي موومينٽ ٺاهي سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان تنظيم جو اڳواڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به پائڻ لڳو. ايم ڪيو، ايم جي سياست جي ان حيرت انگيز تبديليءَ سڄاڻ حلقن کي ڪو خاص متاثر نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هو ايم ڪيو ايم جي سياسي چالاڪين کان واقف هئا.
جسقم سان اتحاد جي ذريعي انهن هڪ نئين چال کيڏندي پاڻ کي سنڌي ماڻهن جو خيرخواهه ظاهر ڪري پاڻ کي سموري سنڌ ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي بيانن ۽ تقريرن جي حد تائين ته سنڌي قومپرستن کان به ٻه وکون اڳتي وڌندي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ لڳا، پر عملي طورتي اُتي ئي بيٺا رهيا، جتي اڳ بيٺا هئا. سنڌ جي انتهائي اهم مسئلن ڪالا باغ ڊئم، ٿل ڪينال ۽ پاڻيءَ جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم ڪا فيصلائتي جدوجهد نه ڪئي ۽ نه وري سنڌين جي جدوجهد ۾ ڪا خاص شرڪت ڪئي. ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻن جلسن ۾ شرڪت ڪري انهن دراصل اسٽيبلشمنٽ وٽ پنهنجو اسڪور ٺاهڻ پئي گهريو. انهن جسقم سان اتحاد ڪري هڪ ئي وقت درحقيقت ٻه شڪار ڪرڻ پئي گهُريا سموري سنڌ ۾ پنهنجي تنظيم کي منظم ڪرڻ ۽ تنظيم کي سياسي ويڳاڻپ مان ٻاهر ڪڍڻو هيو، جنهن ۾ اها 1995ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ نصيرالله بابر جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل رينجرس آپريشن ۾ هلي ويئي هئي ۽ ٻيو ته اسٽبليشمنٽ جي ڪنهن حد تائين ناراض حلقي کي اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته کين وري ان انداز ۾ پنهنجو بڻايو وڃي، جيئن اهي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هئا. ايم ڪيو ايم پنهنجي اڃا نئين سياسي حڪمت عمليءَ تحت سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تنظيم جو حصو بڻائڻ شروع ڪيو پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم جا اهي سنڌي حصو بڻيا، جيڪي چور، ڌاڙيل ۽ بشني هئا. سنڌي اديبن ۽ دانشورن مان به انهن ماڻهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪي پڌري پٽ اسٽيبلشمينٽ جو حصو رهيا آهن. هن وقت اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم انهن تڪن تي سنڌين کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جتي ايم ڪيو ايم جا چند هزار ووٽ آهن ۽ جتي انهن جي کٽڻ جا ڪي به امڪان ناهن، پر صرف اهو ظاهر ڪرڻو آهي ته اها سموري سنڌ جي پارٽي آهي ۽ سنڌين کي به ٽڪيٽون ڏنيون اٿس. انهن مان جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ کٽي آيو ته اهو به اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان ڇاڪاڻ ته هاڻي ايم ڪيو ايم وري اسٽيبلشمينٽ وٽ پاڻ کي ڌوئي صاف ڪرائي چڪي آهي. اهوئي نتيجو آهي، جو ان جا لڳ ڀڳ سمورا گرفتار اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم (آفاق گروپ) جي ڪجهه گرفتار ڪارڪنن جو اهو پڻ بيان اخبارن ۾ ڇپيو هيو ته طاقتور ڌريون مٿن دٻاءُ وجهي رهيون آهن ته مهاجر قومي موومنٽ کي ختم ڪريو ۽ متحده ۾ شامل ٿي وڃو.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي قوم جو حصو ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن عام اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو هڪ تاريخي ۽ فطري عمل تحت سنڌي قوم جو حصو ٿي رهيا هئا ته اسٽيبلشمنٽ ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ تضاد پئدا ڪرايا ۽ هڪ فطري ٻڌي، سگهه کي تضادن ۾ ورهائي ڇڏيو.