سنڌي سماج ڪٿي بيٺو آهي؟
ڪالهه جو سنڌي سماج
صدين کان اسين پنهنجن وڏڙن کان پهاڪن ذريعي سنڌي سماج جون بهترين رسمون رواج ٻڌندا اچون ٿا ۽ انهن کان ٻڌندڙ ڳالهيون تاريخ جو حصو آهن ته سنڌ هر لحاظ سان خوشحال ۽ مالا مال هئي. تيل، گئس ڪوئلي جا ذخيرا جيڪي لکين سالن کان هن ئي سنڌ جي زمين ۾ دفن آهن پر صديون اڳ ان جي پروڙ نه هئي ۽ نه وري اهي وسيلا سنڌ جي خوشحالي جو سبب هئا. سنڌي مالوند هئا. محنتي هئا. سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ڪار سان واسطو رکندا هئا. واندڪائي جي مهل ڪي چڱا ڪم ڪندا هئا. هوٽلن تي ويهي چانهه پيئڻ ۽ پوءِ سڄو ڏينهن ويهي ڪنهن جي گِلا خوري ڪونه ڪندا هئا ته شهري سماج گهٽ هو. بنيادي سهولتن کان ماڻهو محروم هو. تعليم عام نه هئي، پر پوءِ به اُن دور جا پڙهيل (شعوري) طرح سان اڄ جي پي ايڇ ڊي کان وڌيڪ ذهين هوندا هئا. عقل مند هوندا هئا. سندن ڏاهپ پري پري تائين مشهور هوندي هئي.
ٻهراڙين ۾ زبردست منظم اوطاق ڪلچر هوندو هو. جتي شام جو سمورن ڪمن جي واندڪائي کان پوءِ ڳوٺ وارا حال احوال اوريندا هئا. ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي جا ڏک سور ٻڌبا هئا. حال سارو هڪ ٻئي جي مدد ڪبي هئي. ڏور بيت، ڳجهارتون، راڳ رنگ، رات جي محفلن جو حصو هوندو هو. ڳوٺ جو بزرگ سمورن نوجوانن لاءِ رهنمائي وارو ڪردار هوندو هو. ننڍا وڏن جي عزت ڪندا هئا. غير ضروري بحث مُباحثي کان پاسو ڪندا هئا. ڳوٺ جي شادي ۽ غمي ۾ سڄو ڳوٺ راڄ مددگار هوندو هو. هٿ هٿ ڪري ڪنهن به غريب جو ڳهو چاڙهي ڇڏيندا هئا. خوشين جي موقعن تي رانديون ٿينديون هيون. ونجهه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي، مَلهه، گهوڙن جي ريس، ڏاندن جي ڊوڙ، سنڌي وڏا پٽڪا ٻڌي، ٽوپيون پائي، اچي محفلون سجائيندا هئا. واهه واهه هوندي هئي. ڪيترن ڏينهن تائين پئي تبصرا ٿيندا هئا. ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ راڄوڻي ڪندا هئا. ڪوشش هوندي هئي ته رُٺل دلين کي پرچائجي. پري پري تائين چوري ڌاڙي جو تصور نه هوندو هو. انفرا اسٽر ڪچر جديد نه هئڻ ڪري سفري سهولتن جي کوٽ ڪري ماڻهو جي خوشي ۽ ڏک ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوهين ڏور پيرين پنڌ ڪري وڃبو هو. مهمان نوازي تمام گهڻي مشهور رهي آهي. سنڌي ماڻهو ڀلي غريب هجي پر سندس مهمان نوازي سندس مانَ ۽ مرتبي کي وڌائندي رهي آهي.
ٻهراڙي جي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ اُستاد جو ڪردار به تاريخي رهيو آهي. هو رڳو ٻارن کي نصاب نه پڙهائيندو هو، پر سنڌ جي تاريخ کان واقف ڪرڻ، ۽ سنڌي تهذيب جي چڱاين کان پڻ کيس روشناس ڪندو هو. هڪ سٺو انسان پئدا ڪرڻ لاءِ هو جتن ڪندو هو. مطلب ته سنڌ جي شاندار ڪلچر ۾ ڊگهي تاريخ جو حصو رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو رات هجي يا ڏينهن سندن لاءِ امن جو مسئلو نه هوندو هو. چوري، ڌاڙو سنڌ جي تهذيب جو حصو نه هو. ننڍڙي ڳالهه تان ماڻهو قتل ڪرڻ اسان جي تهذيب جو حصو نه هو. سنڌ جي نياڻين کي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏسندڙ سماج کيس ڪاري ڪري ڪونه ماريندو هو. مطلب ته جتي اقتصادي خوشحالي هجي، امن هجي، اُن معاشري کي سڌريل معاشري سان ڀيٽ ڏبي آهي. سنڌ جا شهر روزانو پاڻي ۽ خوشبو جي پاڻي سان ڌوپبا هئا. گهرن جا دروازا کليل هوندا هئا. گارڊ، بندوق بازن، جو تصور نه هوندو هو. پري پري تائين ڏوهن جو تصور به نه هوندو هو. بُک ۽ بدحالي نظر نه ايندي هئي. غربت ضرور هئي امير ۽ غريب جو تصور ته بلڪل هو پر ان حد تائين نه جو سنڌ جي ڪا نياڻي بُکن ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿئي. يا وري سڄو خاندان مُشڪلاتن جا ٻه ويلا ماني نه هئڻ ڪري زهر کائي هميشه لاءِ موڪلائي وڃن. ڪالهه جي سنڌ ۾ امن هو، پيار هو، رهنمائي هئي، قيادت هئي، پنهنجائپ هئي، خوشيون هُيون. عزت ۽ وقار هو. هڪ ٻئي جي مدد هئي. علم ۽ ادب هو، ٻڌي هئي. ڪمٽمنٽ هئي.
اڄوڪي سنڌ
مختصر طور تي عام رواجي طرح سان اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪالهه واري سنڌ ڇا هئي ۽ اڄوڪي سنڌ ڪيئن آهي.
سڄي سنڌ ۾ اوطاق ڪلچر جو خاتمو اچي ويو آهي، ٻهراڙيءَ ۾ ڳوٺاڻو بزرگ پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو آهي، ڪچهرين مان رهنمائي ختم ٿي وئي آهي. ڏور بيت ۽ ڳجهارتون موڪلائي ويون. ٻهراڙي ۾ رانديون ڪونه ٿين ٻيلهاڙا ختم ٿي ويا. شادين غمين ۾ اچڻ وڃڻ گهٽجي ويو آهي. ڳوٺ جو اُستاد مددگار ۽ رهنمائي ڪندڙ ڪردار بجاءِ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. اُهو هاڻ رڳو وڏيري جو ڪمدار بڻيل آهي. چوريون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويا آهن. ماڻهن پنهنجي گهرن کي وڏا لوڙها ۽ وڏيون ديوارون ڏيڻ تي مجبور آهن. هٿيار خريد ڪرڻ سندن لاءِ لازمي آهي. ڳوٺ ڳوٺ، چونڪ چونڪ ۽ شهر ۾ ڊش ۽ ڪئبل سسٽم ماڻهن لاءِ تفريح جو سبب آهن.
سام لاءِ سر قربان ڪندڙ سنڌي سماج ۾ اُن ست قرآنن جي برابر نياڻي کي بنا سبب جي ڳڀا ڳڀا ڪيو پيو وڃي، ڪاري جا مٿس الزام هڻي سندس عزت ۽ وقار مجروح ڪيو پيو وڃي. اڻ سڌريل غير تهذيب يافته سماج ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. قاتل کي وري غيرت مند بهادر ۽ سورهيه ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. لطيف سائين ته سورهيه ڪردار سهڻي، سسئي کي قرار ڏنو آهي.
راڄ برادريون پاڻ ۾ وڙهن ٿيون، بي گناهه ماڻهو مرن ٿا. ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ ته هاڻ بارود جي بوءِ هر هنڌ جاءِ ورتي آهي. گلن جي خوشبو عطر عنبير نظر نٿا اچن. هر ڳوٺ پاڙو ۽ راڄ الڳ رياست بڻيل آهي. خوشحال سنڌ جا ماڻهو غريب ترين ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن. صدين کان آباد ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن. سج لٿي کان پوءِ ماڻهو گهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن خطي جي وڏي منڊي شڪارپور جا شهري گهر کان ڏينهن جو به ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهن. شڪارپور جتان افغان بلوچ ايراني هندستاني ڪاروبار ڪندا هئا. اهو اڄ دهشت ۽ وحشت جي ور چڙهي ويو آهي. ماڻهن جو صفا ساهه مُٺ ۾ رهي ٿو.
سنڌي سماج ۾ نشي نالي ڪا شي نه هوندي هئي. اڄ سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ هر قسم جو نشو ڪاهي پيو آهي، جيئن ڌاري قوم جا حملي آور حملو ڪري قومن کي تهسس نهس ڪري ڇڏيندا هئا. پر انهن جنگين ۾ ماڻهو ٿڏي تي جسماني طور مري ويندا هئا. پر هاڻ هن نئين جنگ ۾ ماڻهو ظاهري طور تي زندهه هجي ٿو، پر سندس ذهن، عقل، شعور صفا مري چُڪو آهي. سندس جسم خالي بوتو رهجي وڃي ٿو. شراب ٺرو ڪلچر سنڌي سماج تي حاوي ٿي ويو آهي. گٽڪو، پان، تماڪ، 2100 سئو وغيره جهڙا نشا ماڻهن کي ڪنهن ڪم جو ڪونه ٿا ڇڏين. انهن نشن جي واهپي سان سندن مان هر قسم جي عزت ۽ وقار ڇڏايو وڃي. محبت موڪلائي وئي، ماڻهن مان محنت ۽ پورهيو ته بلڪل ڇڏائي ويو آهي.
سنڌ جي مسلسل ڦرلٽ ۽ وسيلن تي راتاها، غربت جو ڪارڻ ضرور آهن، جنهن مان سنڌي سماج ۾ مزاحمت بجاءِ فرسٽريشن حاوي ٿي آهي. سنڌي سماج مان مستقل مزاجي، اڻٿڪ محنت، ختم ٿي وئي آهي. غير يقيني، عدم اعتماد، ڀروسو، ويساهه صفا ختم ٿي چُڪو آهي. ان سڄي شاندار تهذيب کي تار تار ڪندڙ سنڌي وڏيري، رياستي ادارن ۽ ڇڙواڳ ماڻهن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
وڏيرن کي دلالي عيوض رياست مددگار رهي ٿي. وڏيرو پنهنجي سگهه کي ٻيڻو ڪرڻ، بي پهچ عوام کي پنهنجي رعايا سمجهي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ضرور ٿيو پوي ته راڄن ۾ جهيڙا هجن. ڪارو ڪاري رسم عام هجي. جهيڙيندڙ بهادر ۽ سورهيه ليکيو وڃي، تعليم نه کپي اسڪول اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ هجن، هر ماڻهو سندس سلامي هجي. ڏهه ماڻهو ماري اچو اوهان کي ٿاڻو، جيل عدالت نه وڃڻو پوندو. راڄوڻي ڪري چٽيون وجهي کين باعزت بري ڪرايو ويندو ته جيئن وري ٻئي ڀيري 20 ماڻهو مارڻ جي همت پئدا ٿئيس. سنڌ جو امن ختم ٿي ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو اذيت جي انتهائي ذلت واري دور ۾ گذاري رهيا آهن. ميلا ملاکڙا موڪلائي ويا، شهرن جا روڊ رستا پاڻي سان ڌوپجڻ بجاءِ رت سان رڱجي رهيا آهن. هر طرف موت جو راڪاس گهمي رهيو آهي. شهري وڏيرا به رياست جي مدد سان هر سزا کان بچيل آهن. سنڌ جي افسر شاهي مددگار ٿيڻ بجاءِ ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ پوري آهي. سنڌ تهذيبي طور تي امير هئڻ باوجود گهڻو ڪجهه وڃائي چُڪي آهي. ڪالهه جي سنڌ ۾ ڌارين کي سنڌ جا ماڻهو للڪار بڻجي مزاحمت ڪندا هئا. ۽ اڄوڪي سنڌ جا ماڻهو ڌارين جي يلغار لاءِ نرم گوشو رکن ٿا. سنڌ کي هڪ سٺي بزرگ، سٺي اُستاد، سٺي آفيسر جي ضرورت آهي. سنڌ کي تهذيب جي حساب سان 4000 سال پوئتي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي تبديل ڪندڙ سياسي ڌُرين کي انقلاب ۽ آزادي لاءِ جاکوڙڻ سان گڏ سنڌ ۾ بدترين بُراين جي خاتمي لاءِ غيرمعمولي ويڙهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.