تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

ڳوٺ بچايو سنڌ بچايو

جديد شهرن جي وجود ۾ اچڻ جو پسمنظر ڳوٺ آهن. اڄوڪو ڪراچي شهر ماضيءَ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ پوءِ اهو ننڍڙو ڳوٺ وڌي شهر بڻجي ويو. هتي صدين کان سنڌي ماڻهو آباد آهن. جن جي روزگار جو ذريعو سمنڊ مان مڇي مارڻ تي هو. ڏيهه پرڏيهه کان ماڻهو هن ڪراچيءَ جي بندر تي ڪاروبار ڪرڻ ايندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي جي ٽوٽل آبادي ساڍن چئن لکن جي لڳ ڀڳ هئي. جيڪي انتهائي سڪون، امن ۽ خوشحاليءَ سان رهندا هئا. ڪا ڳڙ ٻڙ نه هئي، هر طرف امن امان هو. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ 1954ع۾ ڪراچي جي آبادي 11 لک ٿي وئي. هندستان مان آيل پناهگيرن جو تعداد تقريبن 6 لک هو. سرحدون بند ٿيون، ويزا جي پابندي لڳي پر پوءِ به اڄ سوڌو هندستان توڙي ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ مقامي سنڌي ماڻهو ۽ ڌارين جي افرادي قوت ۾ واضح فرق اچي ويو آهي. جيڪا ڌارين جي ان غيرفطري واڌ جي ڪري سنڌي قوم اقليت ۾ ٿبديل ٿي وئي آهي، ٻيو ته ڪراچي جي سڄي تهذيب کي تباهه ڪيو ويو آهي. بندرگاهه توڙي سمورن وسيلن تي قبضو ٿي ويو آهي، جنهن سان سنڌي ماڻهو معاشي طور بدحال ٿيا آهن. ڳوٺن کي ڊاهي مسمار ڪري اتي رٿابندي سان سوسائٽيون جوڙي ڌارين کي آباد ڪيو ويو.
ڪالهه جي ٽه هٽي اڄ تين هٽي ٿي ويو آهي. لالو جا کيت اڄ لالو کيت بڻجي ويو. بلديا سائيٽ ٽائون قائدآباد افغانستان جا شهر ڪابل جلال آباد جو ڏيک ڏين پيا. ڳوٺ اسان جو ڪلچر آهن. اڳ ڳوٺن ۾ اسان جون ڪروڙن جون زمينون هُيون. انهن کان اسان کي محروم ڪري ڌڪي شهر کان ٻاهر ڪڍيو ويو. وچ شهر ۾ ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، مثال طور تي لياقت آباد ٽائون ۾ هزارين ووٽن تي ٻڌل حاجي مريد ڳوٺ به ائين آهي ڄڻ ڪراچي شهر جو ڳوٺ نه پر گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪو ڳوٺ هجي. هڪ طرف لگزري ۽ شاهوڪار زندگي آهي ته ٻئي طرف گندگي جا ڍير حاجي مريد ڳوٺ جو منظر ٻڌائي رهيا آهن. سنڌ جو قديمي قبيلو بڪڪ هن ڳوٺ جا رهواسي آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پريس ڪلبن آڏو پلي ڪارڊ کڻي بک هڙتال يا مظاهرو ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. حالت اها آهي ته پرامن سنڌين جي بينر تي لکيل اکرن کي حڪمران پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن ته سنڌي ماڻهو ڇو بينر کڻي ٻاهر نڪتا آهن ۽ نعرا هڻي رهيا آهن. هي حڪمران سنڌي ٻولي پڙهن به ڇو؟ جو هتي ته سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي. باوجود ان جي ته سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي ٻولي آهي، پر ڪراچيءَ ۾ هزارين اسڪول سنڌي ٻولي نئين نسل کي پڙهائڻ عيب سمجهن ٿا. اها نسل جي وڇوٽي اسان نٿا ڪيون پر پاڻ پيدا ڪري رهيا آهن. سنڌين جي ڳوٺن جون سندون جيڪي نه عدالتن ۾ قابل قبول آهن، ۽ نه وري انهن تي ڪو غريب سنڌي بئنڪ مان قرض کڻي پنهنجو اجهو ٺاهي سگهي ٿو نه وري رياست جو ڪردار سنڌ دوست نظر اچي ٿو. اڄ ڪراچي جي اڪثر ڳوٺن کي ڊاهڻ جو حڪم نامون ڪڍيو ويو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي توڙي ٻين قومپرست جمهوريت پسند ۽ سنڌي ماڻهن جي شديد ردعمل جي نتيجي ۾ عارضي طرح ته ان فيصلي تي عمل ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. سنڌين سان اڄ حالت اها آهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سڃاڻپ لاءِ قانون سازي لاءِ آواز بلند ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. سنڌ اسيمبلي ڳوٺن جي تحفظ لاءِ قرارداد پاس ڪئي آهي. ڪراچي جي ڳوٺن کي ڊاهڻ، انهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ اصل ۾ سنڌ جي وجود ۽ بقا سان هٿ چراند آهي، اسين ڳوٺن جي ڊهڻ کي قومي بقا جو مسئلو سمجهون ٿا ۽ سمجهڻ گهرجي ۽ جيڪو هي ڳالهه نٿو سمجهي اهو بي عقل آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي بنيادي معاملن تي قومي جاڳرتا، مستقل مزاجي ڊگهي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪراچي جي سمورن ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي، سمورن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون، تعليم، سيوريج، پاڻي پيئڻ جي سهولتن روڊ، بجلي، گئس، وغيره ملڻ گهرجي. ڌارين جي ڪالونين کي ڏنل ليزليٽر رد ڪري سنڌين جي ڳوٺن کي ليزون ڏنيون وڃن. ڪراچي شهر اندر پراڻن ڳوٺن جي آبادي وڌڻ ڪري ڳتيل آبادي هجڻ ڪري کين ٻئي هنڌ مفت ۾ زمينون الاٽ ڪري ڏنيون وڃن. سمورين ڌارين جي غيرقانوني آبادين کي مسمار ڪري کين ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي. فوجي فائونڊيشن کي پاور پلانٽ لاءِ ڏنل زمين رد ڪري سمنڊ ڪناري اٺن ڳوٺن کي بچايو وڃي. اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي پاران ڊاٿل ڳوٺن کي مڪمل معاوضو ۽ زمين جي فراهمي ڪئي وڃي. ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ سمورن ڪارخانن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. موجوده سياسي سماجي صورتحال جي پسمنظر ۾ سنڌ جي ماڻهن کي منظم ٿي، ڌرتي ڌڻي محسوس ڪندي بقا خلاف ٿيندڙ رٿابندي کي گڏيل جدوجهد سان منهن ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست، جمهوريت پسند سياسي ڌرين ۽ شخصيتن کي درگذر جي پاليسي تي عمل ڪندي پارٽي مفادن کان هٽي قومي ذميواري محسوس ڪندي ڪراچي جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.