تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

همتن ۽ جرئتن کي زندھ ڪرڻ جي ضرورت

پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي بنيادي، جمهوري، قومي ۽ انساني حقن کان محروم رکيو ويو آهي. اڄ تائين گهڻو عرصو فوجي جنرلن اقتدار ۾ رهي عوام کي چٿيو آهي ۽ جيترو به وقت ڪنهن حد تائين جمهوري دورن ۾ محڪوم قومن ۽ عوام سان ڀوڳ ٿيندا رهيا آهن. يعني هر دور ۾ ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾ فوجي جنرل، سول آفيسر شاهي، جاگيردار ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو گڏجي ڪڌو ڪم ڪندا رهيا آهن. جن خلاف عوام طرفان وقت به وقت ڪڏهن ڪمزور ته ڪڏهن وري سگهاري جدوجهد هلندي رهي آهي. پر بدقسمتيءَ سان معمولي فتحن کان سواءِ اڪثر ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان جا ڪارڻ سنڌ ۾ سياسي پارٽين جو ڪمزور هجڻ، سرڪاري ادارن جو تمام گهڻو اثر رسوخ هجڻ، شعور جي گهٽتائي، جاگيرداري سماج هجڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان باوجود جڏهن به سنڌ جي عوام گڏجي عوامي مزاحمت ڪئي آهي ته ان سنڌ دشمنن کي ٽوٽا چٻايا آهن.
1983ع کان وٺي ضياءَ جي مارشل لا جي خاتمي تائين مسلسل عوام وڙهندو رهيو. ڪڏهن سڪرنڊ ۾ پنهون چانڊئي جي ڳوٺ وٽ ته ڪڏهن خيرپور ناٿن شاهه ۾ برهماڻي ڳوٺ، دادوءَ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام وڙهيو آهي. هٿين خالي هجڻ باوجود ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ سنڌ، ايشيا ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجا اثر ڇڏيا، سياسي ڪارڪنن سان جيل ڀرجي ويا، سوين ڪونڌر وڙهندي شهيد ٿيا، سرڪار طاقت جو هر وسيلو استعمال ڪندي رهي پر سنڌ جو عوام ڪمزور نه ٿيو. ماڻهو بي همت نه ٿيا، شعور ۽ جذبي سان مارشل لا مخالف ويڙهه ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلندي پئي اچي. سڄي جدوجهد دوران سرڪار ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌاڙيل قرار ڏئي قتل ڪيو. ماڻهن جي اکين تي جوتن جا پها ٻڌي کين انڌو ڪيو. گلشير تيوڻي جهڙي سنڌي فنڪار جو بي ڏوهي مٿو چٿي کيس ماريو ويو. سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري چيري چيري لوڻ ٻرڪيو ويو. نذير عباسي شهيد ٽارچر ڪئمپ ۾ ماريو ويو. سياسي ڪارڪنن کي پمفليٽ ڪڍڻ جي ڏوهه ۾ 7، 7 سال سزا ڏني وئي. لکين ماڻهن کي معاشي بدحاليءَ جي ڪري فاقه ڪشي ڪرڻي پئي. تعليمي ادارن کي رينجرز حوالي ڪيو ويو. پوءِ به سياسي جدوجهد ۾ تر جيتري به گهٽتائي نه ٿي. پوءِ ڇا سبب آهي جو اڄ سنڌ مڪمل غلام آهي، گيس، تيل، ڪوئلي جون کاڻيون، ڪارخانه، سمنڊ ۽ بيون گهڻيون شيون ڌارين جي حوالي ٿي ويون آهن. سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ دشمن رٿائون پاس ٿي رهيون آهن. لکين غير قانوني پناهگيرن کي قانوني بڻائي سنڌين کي هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو سرڪاري فيصلو ڪيو ويو آهي. هنڌ هنڌ فوجي ڇانوڻيون ٺاهيون پيون وڃن. پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهيون، سنڌ جي ثقافتي، گهرو، صحت ٻين ڪيترن ئي اهم کاتن کي ڌارين وزيرن حوالي ڪيو ويو آهي. مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ جي اصل ڌڻين کي تڙڻ لاءِ ڳوٺ ڊاهيا پيا وڃن. ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ انگريزن جو روحاني اولاد هلاڪو ۽ چنگيز خان جا پوئلڳ نوس نوس ڪري سنڌين کي هيسائي، دٻائي ۽ مات ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سنڌي اڄ يتيم آهن، مڪمل غلام آهن، هر قسم جو جبر مٿن مڙهيو ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي بقاءَ جو سوال اچي پيدا ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي خاموش ڇو آهن؟ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ بس صرف هڪڙو جواب آهي، يا عزت جي موت مرجي يا وري ذلت جي زندگي گذارجي. اڄ سنڌين کي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ امڙ آهي.
ان لاءِ همتن ۽ جرئتن کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر هوشو، هيمون، دودي، دولهه درياخان ۽ پنهون چانڊئي جهڙا ڪردار گهر گهر گهرجن ٿا، سنڌين کي گهڻ رخي عقلي ۽ بهادراڻي ويڙهه ۽ مزاحمت لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.