اچو ته، بي سمجهي خلاف ويڙهه ڪريون
لينن هڪ هنڌ چوي ٿو ته ”هڪ سماجوادي کي هن دنيا بابت پوري طرح سوچيل سمجهيل ۽ پڪو پختو نقطه نظر رکڻ گهرجي ته جيئن هو حالتن ۽ واقعن تي غالب اچي سگهي نه ڪي واقعا ۽ حالتون ان تي غالب اچي وڃن.“
اسان کي دنيا جي علم بابت ۽ حالتن متعلق وائڙو ٿي تماشبين ٿيڻ بجاءِ دنيا کي تبديل ڪرڻ ۽ ان لاءِ کرو موقف رکڻ لاءِ اڳتي وڌي علم، تحقيق ۽ سائنسي فڪر جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو.
جڏهن اسان سماج کي طبقاتي سمجهون ٿا ته يقينن اُن نوعيت جي فڪر ۽ فلسفي جي آڌار تي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي.
اهڙي ريت اڄ جي تاريخ ۾ مارڪسي فلسفو ٻين سڀني فلسفن کان مختلف آهي، اهو هن دور جي انقلابي طبقي، پورهيت طبقي، محڪوم ۽ مظلوم قومن، هيسيل، ڊنل، ڏتڙيل ماڻهن جو فلسفو آهي. جيڪو حقيقي انقلاب ويڙهه ۾ وک وک تي شعوري رهنمائي ڪري ٿو.
اسين چاهيون ٿا ته:
سنڌ اسان جو وطن آهي، هزارين سالن کان سنڌي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهندا اچن ٿا. هزارين سالن جي تاريخ ۾ سنڌ جي خوشحالي سبب سندس مٿان ڪيئي حملا آور قابض ٿيا. سڪندر يونانيءَ کان وٺي انگريزن تائين سنڌ کي غلام بڻايو ويو، سندس وسيلا لٽيا ويا ليڪن سنڌي ماريا ويا، اڄ به سنڌ غلام آهي، پنجاب جابر قوم جي طور تي حاوي آهي، سنڌ غير فطري ملڪ پاڪستان ۾ قيد آهي، نت نون ۽ جديد طريقن سان اسان جي وسيلن تي پنجاب قابض آهي.
سنڌ امير هوندي به سنڌي غريب آهن، اها غلاميءَ جي بدترين شڪل ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت شعور نه هئڻ ڪري اهڙِي غلامي جو حصو بڻيل آهي. سنڌي رڳو پنهنجي زندگي جو ٽائيم پاس ڪري رهيا آهن، حرفتن ذريعي سنڌ جي اڪثريتي عوام کي پنجوڙ ۾ ڦاسائي ٻٽي غلاميءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. (مذهب ۽ جاگيرداري نظام) رياست جا طاقتور هٿيار بڻجي غلاميءَ جي ڳٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن، سنڌي عوام جي اقليت شعور جي آڌار تي ان ٻٽي غلامي خلاف مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڻ سنڌي ماڻهو سنڌ جي وسيلن جا مالڪ ٿيڻ چاهيون ٿا. سنڌ جا حق حاڪميت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. آزاد وطن جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي جيئڻ چاهيون ٿا. اهڙو سماج اڏڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪو بکيو نه رهي سگهي. ڪو لٽڻ ڦرڻ وارو موجود نه هجي. امن سُک سان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.
پاڻ جي اهو سڀ ڪجهه چاهيون ٿا ته پوءِ سوال هيءُ پيدا ٿئي ٿو ته اهو سڀ حاصل ڪيئن ٿيندو، جڏهن سنڌ جي سماج ۾ وڏيرا انتهائي طاقتور هجن هو رياستي ڏاڍ سان عوام کي پنهنجي اردگرد گڏ ڪريو ويٺا هجن، نام نهاد جمهوريت جي نالي ۾ به عوام کي دوکو ڏئي سندن ووٽ ۽ عوامي طاقت کي ڪوڙن دلاسن سان پاڻ سان جوڙي بيٺا آهن.
ملڪ جي اندر جمهوريت جي نالي تي جاگيردار شاهي جو قبضو هجي ته اهڙين حالتن ۾ تربيت ۽ تعليم ذريعي ئي آزادي ممڪن آهي.
سائنسي فڪر موجب اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو جاگيردار طبقو عوام کي اُنهن جا بنيادي حق فراهم ڪندو بلڪه اُهي جاگيردار ئي آهن جيڪي پورهيت، مسڪين، هارين ۽ وچين ڪلاس کي بُک ۽ بدحالي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکيو ويٺا آهن.
دنيا ۾ جتي جتي انقلاب برپا ٿيا آهن. محڪوم طبقن ۽ مظلوم قومن آزادي حاصل ڪئي آهي، سو سڀ منظم پارٽي ڏاهي ليڊرشپ بُرجستن ۽ پڙهيل لکيل تربيت يافته ڪارڪنن جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن اسين اها ڳالهه ڪريون ته اسين پارٽي ميمبر آهيون، ليڊر آهيون، 20 سالن کان سياست پيا ڪريون، انقلابي آهيون، آزادي پسند آهيون. پهرين مورچي تي وڙهنداسين جيڪڏهن اڻڄاڻائي ۽ علم دشمنيءَ جي ورچڙهي وياسين ته پوءِ جيئن ماضيءَ جي قداور اڳواڻن ڪارڪنن جن جا قد ۽ بت ته وڏا بڻيا پر جهالت هوندي هو سنڌ جي تاريخ جي ڪٻاڙخاني جو حصو ٿي ويا آهن يا وري اُهي عوام مٿان ڏاڍ ڪندڙ وڏيراشاهي جي عوام دشمن جمهوريت جو حصو بڻجي ويا آهن، اُهي صرف رياست جا دلال ٿي سگهيا آهن اُهي مشير، وزير بڻجي سگهيا آهن. اُهي پنهنجي ضمير کي وڪڻي سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهيا آهن، ڪيئي ڏهاڪا قوم جو درد رکندڙ ليڊر جيل جون صعوبتون برداشت ڪندڙ، ٻانهون لوڏي هلندڙ ليڊر سنڌي قوم کي ساڳي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو سياست جيڪا سائنس ۽ آرٽ آهي، جيڪو علم آهي، شعور ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کانسواءِ سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير ملڻ جي اُميد.
ڇڙواڳ ڪارڪن هجي يا اڳواڻ، ڪنهن به پارٽي لاءِ ڪينسر جي بيماري وانگر آهي ۽ اُڏوهي وانگر ڪنهن به شيءَ کي دفن ڪري ڇڏيندي انهن حالتن ۾ حاصلات جا ڪي به امڪان موجود نٿا هجن.
ويٽنام جي عظيم انقلابي اڳواڻ هوچي منهه هڪ جلسي عام کي خطاب ڪري رهيو هو، جلسي گاهه ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا. جن تقرير ٻڌي، آخر ۾ هوچي منهه چيو ته جن به ماڻهن اڄ منهنجي ڳالهه چڱي ريت سمجهي آهي سي پنڊال کان ٻاهر اچن ۽ مون سان ملن. صرف پنج ماڻهو هوچي منهه سان مليا ۽ چيائون سائين اسان اوهان جي ڳالهه سمجهي آهي ۽ هن ڏکي قومي جنگ ۾ اسين توسان گڏ آهيون. هوچي منهه واپس جلسي گاهه ۾ آيو ۽ ويٽنامين کي خطاب ڪندي چيو ته ويٽناميو اوهان کي مُبارڪون هجن، اوهين آزاد ٿي ويندا.
مطلب ته هزارين ڇڙواڳ ۽ شوباز، نعريباز ماڻهن کان عقلمند ڏاها سمجهه ڀريا پنج ڪارڪن بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
اهو ئي سبب هو جو ڪميٽيڊ ويٽنامي فرانسيسي فوجين کي ٻک هڻي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ قوم جي دشمنن کي به ٻوڙي ڇڏيندا هئا.
1939ع ۾ هڪ ڪاٿي موجب ويٽنامي قوم 80 سيڪڙو جاهل هئي، 15 سيڪڙو ٻار معمولي اسڪولن ۾ پڙهندا هئا قوم کي اونداهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن به ڪتابڙي ۾ ويٽنام جي آزادي جو ذڪر هوندو هو ته اهو ضبط ڪيو ويندو هو اهڙي صورتحال ۾ به ويٽنام جي انقلابي پارٽي پنهنجي ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪئي، انهن کي ويٽنامي قوم سان ٿيل ڏاڍاين متعلق آگاهه ڪيو، وطن جي غلامي خلاف وڙهڻ جو جذبو پيدا ڪيو، 1930ع تائين ويٽنام جي آزادي لاءِ تحريڪون هليون پر اُهي رجعتي خيالن يا شاهي خاندانن طرفان هلايون ويون ڪا جديد سائنسي پارٽي نه هئڻ ڪري کين ڪاميابيون پلئه نه پيون، آخر ڪار هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ تربيت يافته انقلابي پارٽي جي رهنمائي ۾ اتر ويٽنام ۾ وٽ منهه اتحاد ۽ ڏکڻ ويٽنام ۾ ويٽ ڪانگ ذريعي فرانس، جاپان ۽ پوءِ آمريڪا جي غلامي مان آجا ٿيا ساڳي وقت جاگيرداري جي ڦرلٽ کان به ويٽنامي عوام کي آجو ڪرايو ويو. هوچي منهه جي پارٽي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تربيتي اسڪول قائم ڪيا، ڪارڪنن ۽ عوام جي تربيت ڪئي ته اسين ڇو وڙهي رهيا آهيون. اسان جا مقصد ڪهڙا آهن؟ اهو سڀ ڪجهه تربيت سان ٿئي ٿو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ويٽنامي قوم منظم طريقي سان متحد ٿي پنهنجي وطن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو.
سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڇو ضروري آهي؟
پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته طبقاتي معاشري ۾ ڦرلٽ جو نظام هجي ٿو. ان نظام کي قائم رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ، سرمائيدار، جاگيردار گڏجي ويندا آهن. اُهي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ پنهنجو نظريو تخليق ڪن ٿا. طاقت جو استعمال ڪن ٿا. ظاهري طرح هڪٻئي جا سخت مخالف هوندا پر وقت اچڻ تي دوست بڻجيو وڃن، مثال طور پ پ ۽ نواز ليگ سخت مخالف رهيا، جڏهن مُشرف سندن مخالف ٿيو ته هنن ۾ دوستي ٿي. پ پ ۽ نواز ليگ متفق طور مُشرف ۽ اُن جي اتحادين ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءَ ۾ آيا پر آمريڪا سرڪاري گڏيل گهڻ پاسائن مُفادن ڪري سمورن کي گڏ ويهاري ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ هڪ طرف جمهوريت جي چاشني جي زبردست پروپيگنڊه ڪري عوام ۽ قوم کي دوکي ۾ رکيو وڃي ٿو، ٻئي طرف نام نهاد قومپرست، قوم جي آزادي جي نالي ۾ جاگيردارن جي دلالي ڪرڻ نسل پرست دهشتگردن سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ، جهڙا ڪم ڪرڻ تي به شرمنده نه ٿا ٿين گڏوگڏ قومي آجپي جي سياست ۾ غلط رُجحانن جي همت افزائي ڪرڻ پڻ پنهنجو قومي فرض سمجهن ٿا. مطلب ته سنڌ جي سياست ۾ هڪڙي سياست ظلم ۽ جبر ۽ ڦرلٽ جي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ آهي ته ٻي سياست انهيءَ سموري سسٽم سان جهيڙڻ جو ڪم ڪري ٿي. مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽي قومي آجپي ۽ طبقاتي غلاميءَ کان نجات جو رستو ڏسي ٿي. مٿين سوال کي سمجهڻ ۽ دشمن قوتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سائنسي بنيادن تي تربيت حاصل ڪجي ته جيئن صحيح ۽ غلط جي پروڙ پوي. علمي ڄاڻ نه هئڻ ڪري اسين غلط رجحانن جو شڪار ٿي سگهون ٿا.
اسان جي ڊگهي ورن وڪڙن واري پيچيده لڙائي هئڻ ڪري غير تربيت يافته ڪارڪن منزل کان اڳ رستي ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو. ڪارڪنن ۾ فوري حاصلات نه هئڻ ڪري مايوسي پئدا ٿئي ٿي، نتيجي طور تيshort cut يا موقعي پرستي وارو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو، چڙواڳي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ قومي انقلابي تحريڪون پنهنجي ماڳ ۽ منزل تي پهچڻ بجاءِ رستي ۾ رليو ۽ ڀٽڪيو وڃن.
مثال طور ويجهي ماضي ۾ بينظير ڀٽو شهيد جا لکين ڪارڪن هُئا سندس پارٽي کي 50 سال گذري چڪا آهن، سندس شهادت تي ماڻهن جا سمنڊ اٿلي پيا، بي معنيٰ احتجاج سبب سندس قاتل نه گرفتار ٿيا نه ئي وري کين سزا ملي، بلڪه قاتلن سان سندن پارٽي NRO ذريعي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. حاصلات ڇا ٿي، عارضي حڪومت جنهن ذريعي صرف مخصوص طبقا پنهنجا ڀڀ ڀري سگهن ٿا پر مسڪين ڏتڙيل سنڌين کي جن هنن کي ويساهه ڏنو، تن کي سواءِ بُک جي ٻيو ڪجهه به پلئه نه پيو.
ٻئي طرف وينزويلا جي صدر هوگوشاويز کي چونڊجڻ کانپوءِ فوج گرفتار ڪيو، عوام ڇڙواڳي بجاءِ لکين ماڻهن جي عوامي سگهه اقتدار تي قبضو ڪندڙ سرڪار جو گهيراءُ ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته هوگوشاويز آزاد ڪريو ۽ کيس صدر طور قبوليو ۽ ائين ٿيو عوام جي طاقت آڏو فوجي آمرن کي دنيا جهڪندي ڏٺو، صدر هوگو شاويز چند ئي ڪلاڪن ۾ ٻيهر وينزويلا جو آزاد صدر طور صدارتي محل ۾ موجود هو.
ويٽنام ۾ آمريڪا تباهي مچائي ڇڏي هئي، لکين ماڻهو ماريا ويا، هوچي منهه چيو هو ته ويٽناميو اهو ممڪن آهي ته اسان جون ٻنيون ٻارا ختم ٿي وڃن، ڪارخانا تباهه ٿي وڃن، اسان کي 5 سال يا 20 سال جنگ وڙهڻي پوي ته به وڙهنداسين ۽ ائين ٿيو، منظم پارٽي عوام کي منظم ڪري هٿين خالي عوام منظم آمريڪي فوج کي شڪست ڏئي آزادي حاصل ڪئي، فرق ڇا ٿيو ته جتي ڀلي اڪثريتي عوام اوهان سان گڏ هجي، جيڪڏهن اُها منظم تربيت يافته ناهي ته اُها ڇڙواڳ تحريڪ ته هلائي سگهن ٿا عارضي مفاد ته حاصل ڪري سگهن ٿا پر حقيقي قومي، طبقاتي يا جمهوري انقلاب نٿا آڻي سگهن.
تعليم تنظيم، جدوجهد
مٿئين بحث مان پڻ اهو طئي ڪيو ته جبر جي معاشري مان جان ڇڏائڻ لاءِ انقلابي پارٽي ضروري آهي، جيڪا ڪنهن به موقعي پرستي جو شڪار نه ٿي سگهي. اُها مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ذريعي ڏتڙيل عوام جي حقيقي آزادي لاءِ آخري گهڙي تائين عوام جي رهنمائي ڪري سگهڻ جي اهل هجي.
انقلاب ۽ آزادي لاءِ ويٽنام، چين، روس سائوٿ آمريڪا، انگولا وانگر آزادي پسند ڪارڪنن کي نظرياتي ۽ سياسي تربيت ڏني، کين سائنسي فڪر سان روشناس ڪرايو، نظرياتي تربيت کانسواءِ ڪارڪن صرف ڇڙواڳ ٿي سگهي ٿو، اُن مان ڪابه انقلابي تحريڪ ۾ ڪنهن ڪردار جي اميد نٿي ڪري سگهجي. جيڪي پارٽي اڳواڻ يا ڪارڪن تعليم ۽ تربيت جي مخالفت ڪن، سمجيو وڃي ته انقلاب جي راهه ۾ رُڪاوٽ وجهن ٿا. سياسي ڪارڪن جي تربيت انقلاب جو بنيادي عنصر آهي، انقلابي بڻجڻ لاءِ تربيت يافته ڪارڪن شعوري يا غير شعوري طور ئي گهر گهر وڃي عوام جي رهنمائي وارو ڪردار اد اڪرڻ جي اهل بڻجي ٿو ۽ هن ۾ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي هو ضابطي جو پابند ٿي سگهي ٿو، غلط ڪارين کان بچي سگهي ٿو، صحيح ۽ غلط جو فيصلو آساني سان ڪري سگهي ٿو. حقيقي انقلابي قوت سان بيهي سگهي ٿو ۽ ڦاهي جي ڦندي کي چمي ڏئي پنهنجي وطن ۽ عوام لاءِ فخر سان ڦاهي چڙهي سگهي ٿو.
غير تربيت يافته ڪارڪن ڇڙواڳ ٿي پنهنجي مرضي يا خيال پارٽي تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو. جڏهن به سندس منشا موجب ڳالهه نه ٿي ته پارٽي کان الڳ ٿي ويندو، قيادت جو احترام نه ڪندو، سياسي ڪمن کان چورن وانگر لڪڻ جي ڪوشش ڪندو. تعليم ۽ تربيت، تنظيم ۽ جدوجهد کان پاسيرو رهندو بهانا بڻائيندو، پر ذاتي مفادن جي جنگ ۾ اڳ کان اڳرو هوندو، غريب ۽ پورهيت مسڪين ماروئڙن کان ڏور ڀڄندو.
جڏهن موقعو مليو ته اسٽيبلشمينٽ جو حصو بڻجي ويندو. پنهنجي الڳ حيثيت رکڻ جي ڪوشش ڪندو، ڪنهن به ڊسپلين ضابطي کي نه قبوليندو. اهڙا ماڻهو انقلاب ۽ آزادي لاءِ عملي طور ناڪاره ماڻهو ٿين ٿا.
ان ڪري انقلابي پارٽي جي ڪارڪن کي سياسي ۽ نظرياتي تعليم سان هٿياربند هجڻ گهرجي ۽ عملي طور تنظيم جو پابند ۽ ذميوار ڪارڪن بڻجي انقلابي تحريڪ ۾ ٻه وکون اڳتي وڌي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري، اهڙي پارٽي جا ڪارڪن رياست جي هر دهشتگردي ۽ رهزني جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.