نذير عباسي شهيد جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو ۽ سندس ڪردار
نذير شهيد ايس اين ايس ايف جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو، ان کانپوءِ نوابشاهه ۾ مرڪزي ڪائونسل سيشن جيڪو 1976 ع ۾ ٿيو، ان ۾ مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ پنهنجي شهادت تائين مرڪزي صدر طور ڪم ڪندو رهيو. شاگرد سياست واري زماني ۾ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. هو ان عرصي دوران شاگرد سياست سان گڏ هارين ۽ مزدور طبقي کي به منظم ڪري رهيو هو ۽ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هو پنهنجي امڙ مان اڪيلو پڻ هو ۽ سندس هڪ ڀيڻ هئي.
سياسي جدوجهد دوران ڪُل وقت روپوش رهيو، ضياءَ جي مارشل لا جو زمانو هو. ان دوران ڪيئي ڀيرا گرفتار به ٿيو.
سندس شادي پارٽي جي سرگرم ڪارڪن ڀيڻ حميده گهانگهرو سان ٿي، جنهن جو محرابپور ۾ گهر هُيو. سندس شاديءَ جي ڪاڄ کي به سياسي سرگرمي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ سرڪار اُن جو نوٽيس ورتو ۽ نذير به گرفتار ٿيو. نذير ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ”فوجين جو ٽارچرسيل“ سميت سنڌ جي مختلف ٿاڻن ۽ جيلن ۾ قيد رهيو. مثال طور نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، نوابشاه حيدرآباد سينٽرل جيل وغيره. نذير عباسي کي هڪ نياڻي زرقا پيدا ٿي جيڪا اڃا ننڍڙي هئي ته سندس بابا رات جي رهزنن هٿان ماريو ويو.
نذير عباسي آگسٽ جي پهرين تاريخ تي ڪراچي جي سندن ڳجهي پارٽي آفيس مان پنهنجن ساٿين سميت ڳهجين ايجينسين هٿان گرفتار ڪيو ويو، مٿن ماڙيپور جي ٽارچر سيل ۾ لڳاتار تشدد ڪيو ويو.
جي لوڻ لڱين لائين چيري چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعويٰ دم_ تان تان پرت پنهوار سين.
واري ڪردار وانگر هر قسم جو تشدد نذير ۽ ان جي ساٿين کي جهڪائڻ ۾ ناڪام ٿيو. نذير ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. همت ۽ جرئت جو اعليٰ مثال ٿيندي 9 آگسٽ 1980ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس جسم کي چيريو ويو، ڏنڀ ڏنا ويا، اوجاڳا ڏنا ويا، سندس سَنڌَ سَنڌَ کي چير ڏنا ويا. تشدد جا سمورا رستا اختيار ڪيا ويا ۽ مارڻ کانپوءِ ايڌي ذريعي رات جي انڌيري ۾ خاموشيءَ سان سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو.
نذير عباسي 27 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي نظرئي قوم ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏئي امر ٿي ويو.
نذير شهيد جنهن وقت طبقاتي شعور حاصل ڪيو، اُن ڏينهن کان هڪ لمحي لاءِ به غيرذميداري جو مظاهرو نه ڪيو. هن پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ لمحي کي انقلاب لاءِ ڪتب آندو. هن پهريان پنهنجي زندگي ۾ تبديلي آندي، هو انتهائي سادگي سان رهندو هو وسيلا نه هجڻ جي باوجود 10 کان 20 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پارٽي ڪارڪنن سان گڏجاڻيون ڪندو هو. هُن ڪڏهن به وسيلن کي تنظيمي ڪم آڏو رڪاوٽ نه سمجهيو.
هڪ ڀيري کيس 103 ڊگري بخار هُيو، نوابشاهه کان چيزل رند جي ڳوٺ هارين جي گڏجاڻي ۾ پهچڻو هو، رستي ۾ بيهوش ٿي ڪري پيو، کيس ڏاند گاڏي واري همراهه سندس منزل تي پهچايو.
نذير عباسي جيڪو چوندو هو اُن تي هَرَ حال ۾ عمل ڪندو هو. هُو سمجهندو هو ته سياسي ڪارڪن جيڪر نظرياتي ۽ سياسي تعليم حاصل نه ڪندو ته اهو ڇڙواڳ ماڻهو انقلابي ڪردار ادا نه ڪري سگهندو. هو خاصيت “Quality” کي اهميت ڏيندو هو. نذير چوندو هو ته جيسين سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن پاڻ اخلاقي طور بُردبار – سهپ وارو ۽ هر قسم جي سماجي براين، انائن کان پاڪ صاف نه هوندو ته هو انقلابي پارٽي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگهندو ۽ نه وري ڪو سماج ۾ خاص تبديلي رونما ٿي سگهندي.
هن سڄي سنڌ ۾ تربيت لاءِ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي سمورن ڪارڪنن کي اُن جو حصو بڻايو. سياست جي بنيادي کان بنيادي قسم جي سوالن تي بحث مباحثو ڪرائيندو هو. ڪارڪنن جي بهتر تربيت ٿيندي هئي. بااخلاق، باڪردار نوجوان پيدا ٿيندا هئا. نذير شهيد ڪڏهن به سياسي ڪارڪنن ۽ عوام آڏو پاڻ کي ليڊر ڪونه تصور ڪندو هو. ڪارڪنن سان رُکي سُکي ماني گڏجي کائيندو هو. پيرين پنڌ ميلن جا ميل هلندو هو. هو شوباز نه هو. هو گمنام سياسي ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندو هو، کيس ڪڏهن به ڪريڊٽ وٺڻ جو شوق نه هو. ڪارڪنن سان پنهنجائپ واري انداز ۾ پيش ايندو هو. هڪ انقلابي اڳواڻ کي جيئن هجڻ گهرجي. نذير عباسي سنڌي ڪامريڊ هئڻ ناتي ڪنهن به ريت جدوجهد ۽ قرباني ۾ هوچي منهه ۽ چي گويرا کان گهٽ نه هو. مشهور ليکڪ طارق اشرف ”مرحوم“ پنهنجي جيل جي ڊائري ۾ لکيو آهي ته جيل ۾ نذير عباسي جهڙو بااخلاق ۽ باڪردار نوجوان اڄ تائين مون ناهي ڏٺو، خدا ڪري ته سنڌ جو هر نوجوان نذير وانگر ٿئي.“
ڪنهن به ماڻهو لاءِ اُن جي ڪردار جي گواهي ٻيا فرد ڏين ته اها پڪ ٿئي ٿي ته واقعي اهو فرد ان لائق آهي.
نذير عباسي ٿوري عرصي ۾ جڏهن ملڪ ۾ گهُٽ ٻوسٽ وارو ماحول هو، فوجي آمريت اقتدار تي قابض هئي. سياست ڪرڻ ڏوهه هجي، گهڻائي نام نهاد آزادي پسند ۽ انقلابي اڳواڻ، جنرلن جي ڇٽي هيٺ وڃي لڪا هئا. گهاٽ گهاٽ تي فوجي چونڪيون هجن، سر وڃڻ جو خطرو هجي ۽ کيس ڪيئي ڀيرا اهو چيو ويو ته سياست ڇڏ ٻيهر گرفتار ٿئين ته ماريو ويندين، پوءِ به پنهنجي ساڳي ڪِرت ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. اها علامت هجي ٿي شعور جي جڏهن خبر به هجي ته ڪروڙين ماڻهن منجهان اسان جي پارٽي وٽ اڃا سگهه ناهي، صرف ٿورڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪارڪن هجن. انقلاب پري پري تائين به نظر نه اچي پوءِ به ايڏو ويساهه عوام ۽ انقلاب تي جو ڪمپرومائيز Surrender ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي نظرئي ۽ پارٽي تان قربان ٿي وڃڻ معمولي ڳالهه ناهي.
عوام تي پورو ويساهه ئي انقلاب جي صورت ۾ ايندو ۽ ان لاءِ قرباني ڏيڻ وارو جذبو تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا جي سمورن انقلابن جي تاريخ ان جذبي ۽ ويساهه سان ڀريل آهي. شعور، همت ۽ جرئت جي گڏيل عمل سان انقلاب برپا ٿيندا آهن.
دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيو جو رڳو عوام کي جذباتي ڪري ڪنهن ڳالهه تي منظم ڪجي ته انقلاب اچي وڃن. جذبا ماٺا ٿي ويندا وقت گذرڻ سان پر جتي جتي شعور هجي ٿو سماج جي سمورين شين تي ادراڪ ٿئي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي وطن جي آزادي مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي ڏاڍن ماڻهن کان آزادي وارو جذبو گڏي انقلاب برپا ڪري سگهجن ٿا. جيئن ويٽنام ۾ آمريڪا، فرانس ۽ جاپان جي سندن وطن تي قبضي خلاف جنگ ۽ سندن غريب ڏتڙيل ماڻهن کي ظلم جي چڪي مان آجو ڪرائڻ وارو رومانس ويٽنامين کي ڪامياب ڪيو. نذير شهيد سنڌ ۽ هن خطي جي مظلوم قومن ۽ مظلوم عوام لاءِ وڏو مثال ڇڏيو آهي. هو سنڌ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ تاريخي ڪردار آهي، جنهن کي بنياد بڻائي اسين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.
آگسٽ –2008