ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ
انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو هو ته ڪراچي جي مڪمل آبادي چوڏهن هزار هئي. 1856ع ۾ جڏهن انگريزن ڳڻپ ڪرائي ته مڪمل آبادي 48421 هئي ۽ ڪراچي ننڍڙو شهر هو پر انگريزن جڏهن ڪراچي پورٽ جو ڪم شروع ڪيو هو ته مڪران ڊويزن مان ليبر گهرايو ويو، جيڪي بلوچ نسل جا هئا، تن جو وڏو تعداد ڪراچي ۾ داخل ٿيو، 1941ع ۾ ڪراچي جي آبادي 386656 تي پهتي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي جي مڪمل آبادي چار لک ڇٽيهه هزار اٺ سئو ستاسي هئي. 1951ع ۾ ڪراچي جي آبادي ڏهه لک ڇهاسي هزار پنج سئو نوي هئي. 1952ع ۾ لياقت – نهرو پيڪٽ ٿيو، جنهن موجب هندستان ۽ پاڪستان جيڪي 1947ع ۾ آزاد ملڪ ٺهي چڪا ۽ ٻنهي ملڪن جي هندن ۽ مسلمانن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي، جيڪا بنا روڪ ٽوڪ هئي، طئي ٿيو ته هاڻ ويزا کانسواءِ ڪوبه ماڻهو ٻئي ملڪ جي سرحد پار نه ڪري سگهندو. 1952ع جي ايڪٽ دوران ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي جو انگ ٻه لک چٽيهه هزار هو. ڇاڪاڻ جو ٻه لک هندو هندستان وڃي چڪا هئا. اٺ لکن جي لڳ ڀڳ مهاجر ڪراچي ۾ داخل ٿيا هئا. لڏ پلاڻ تي جڏهن قانوني طور بندش وڌي وئي ته پوءِ اٺن لکن واري آبادي اڄ هڪ ڪروڙ کان مٿي ڪيئن ٿي وئي؟ ان جو مطلب هي آهي ته غيرقانوني طور هندستان جي هر رياست مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري رهي 1972ع ۾ ڪراچي ۾ اوچتو آبادي ۾ 15 لکن جو اضافو ٿيو، ڪارڻ هو بنگلاديش جو ٺهڻ، بنگالين ۽ بهارين جو وڏو تعداد سمنڊ پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو، اهڙي ريت ڪراچي، جيڪو صرف سنڌين جو پرامن ۽ خوشحال شهر هو، سو ڌارين جي قبضي هيٺ اچي ويو، ياد رهي ته 1951ع کان 1972ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌ ٿي.
1978ع ۾ افغانستان ۾ انقلاب آيو، مذهبي ڌرين مزاحمت ڪئي، نتيجي ۾ وڏي لڏ پلاڻ ٿي، هڪ اندازي موجب 30 لک افغاني رڳو سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو حصو ڪراچي ۾ آباد ٿيو، اهڙي ريت مختلف علائقائي تبديلين جي ڪري ايندڙ ڌارين جو سڄو بار سنڌ تي پيو. هندستان مان آيل لکين پناهگير ڪراچي جي سمورين نوڪرين ۽ ڪاروبار تي ڇائنجي ويا. ان کان پوءِ بنگلاديش جي ٺهڻ سان بنگالين ڪراچي ۾ ڪالونيون جوڙيون ۽ ڪراچي ۾ سنڌي مهاڻا مڇي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ خوشحال هئا، تن جي روزگار تي لت ڏئي بنگالي ۽ برمي مڇي جي ڪاروبار تي قابض ٿي ويا. اڄ ڪراچي ۾ اصل ڌرتي ڌڻي مهاڻا بکون ڪاٽي رهيا آهن. انهن جي وسندين ۾ وڃڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هي ڌرتي ڌڻي نه پر پناهگير آهن.
افغانين جي اچڻ سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مزدوري ۽ ننڍن ڪاروبارن مان مقامي سنڌي ٻاهر ٿي ويا. سستي مزدوري عيوض افغانين سنڌي ماڻهن جي روزي تي لت ڏني ۽ ڏسندي ڏسندي افغانين سنڌ جي چڱي خاصي ڪاروباري حصي ته قبضو ڪري ورتو، افغانسان ۾ انقلاب جي ناڪامي ۽ مذهبي جماعتن جي قبضي باوجود افغانين جو وڏو انگ واپس نه ٿيو، هندستان مان آيل غيرقانوني پناهگيرن بنگالين، برمين، افغانين کي مقامي ماڻهن شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائي ڏنا.
جنرل مشرف جي دور ۾ 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي 50 لک کان وڌيڪ غير قانوني طور رهيل پناهگيرن کي قانوني حيثيت ڏياري وئي، ياد رهي ته ان بل جي ايم ايم اي (متحده مجلس عمل) ۽ ڪجهه سنڌي وڏيرن جي حمايت پڻ هئي. اڄ جڏهن سوات، مينگورا ۽ باجوڙ ۾ فوجي آپريشن ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جي سياسي پارٽين جي اڪثريت هن آپريشن جي حمايت ڪئي آهي ته ان جي نتيجي ۾ لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سمورا متفق آهن، پر سوال هي آهي ته وفاق پرست سياسي پارٽيون نواز ليگ وغيره پنجاب ۾ انهن جي آمد ۽ ڪيمپن جي قائم ڪرڻ جي ڇو مخالفت ڪئي آهي؟ ۽ آپريشن متاثرن جو وڏو حصو سنڌ ڏانهن اچي رهيو آهي. انهن جي رجسٽريشن به نه پئي ٿئي، اهي هڪ ڏينهن ڪيمپ ۾ رهي ٻئي ڏينهن غائب ٿي وڃن ٿا. هڪ اندازي موجب 15 لکن جي لڏ پلاڻ جو ٽيون حصو ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جو رخ ڪندو، نتيجي طور سنڌ جيڪا اڳي ئي ڌاري آبادي جي ڪري پريشان آهي. اها ٻيهر هڪ ٻي سونامي کي منهن ڏيندي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو نه هو، پنهنجن وسيلن تي سنڌ جا ماڻهو خوشحال زندگي گذاريندا هئا. مختلف دورن ۾ ڌارين جي بنا روڪ ٽوڪ جي اچڻ سان سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ڪراچي ان جو واضح مثال آهي، جتي پختون آبادي چوي ٿي ته ڪراچي جا مالڪ اسين آهيون ۽ اردو ڳالهائيندڙ چون ٿا ته هي شهر اسان جو آهي ته پوءِ اصلي ڌرتي ڌڻي ڪٿي آهن؟ ڌاري آبادي جي دٻاءَ ڪري صنعتي ادارن ۽ سرڪاري توڙي نيم سرڪار ادارن ۾ غير سنڌي ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو روزگار کان محروم رهجي ويا آهن. ان جو سبب هي آهي ته صنعتڪار ڌاريا آهن، ٻيو ته شهري سماج ۾ ڌاري آبادي جي اڪثريت هجڻ ڪري نفسياتي دٻاءُ سبب اهي هر محاذ تي حاوي آهن ايتري قدر جو جڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته اها غيرقانوني آبادي جيڪا ڌاري ٻولي ڳالهائي ٿي. پنهنجي نسلي برادري کي ووٽ ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪراچي جي 18 ٽائونن مان 14 ٽائونن جا ناظم غير سنڌي آهن.
ڌاري آبادي سبب معاشي نقصانن سان گڏ سماجي نقصان پڻ ٿين ٿا. سنڌ جي سماج ۾ منشيات جو واهپو ۽ جديد هٿيارن جو استعمال تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي رهيو، هيروئن، چرس جو واهپو ڌاري آبادي جي سبب ٿيو، جديد هٿيارن جي موجودگي افغانستان مان آيل پناهگيرن جو نتيجو آهي. هٿيار آساني سان ماڻهو کي سستي اگهه ۾ مليو وڃن. نتيجي طور سماج ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيو، هٿيارن جي ڏاڍ تي طاقتور گروهه ماڻهن کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن. سڄو معاشرو هٿيارن جي ڇانوَ ۾ هلي رهيو آهي. معصوم ۽ مظلوم ماڻهو دهشت جي نفسياتي دٻاءُ ۾ جيئي ٿو، ان ڪري ئي سنڌ جا قومپرست ۽ حقيقي جمهوريت پسند سياسي ڌريون سوات مان آيل ڌاري آبادي جي سخت مخالفت ڪري رهيون آهن. سوات جي لڏ پلاڻ ڪندڙن جي صوبي سرحد جي وسيع علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪري سندن سهائتا ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن محب وطن پاڪستانين پاران پنهنجن علائقن ۾ کين قبول نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو ڌارين جو سمورو بار پاڻ برداشت ڪري. هاڻي گهڻو ٿيو، سنڌ جي حڪمران جماعت کي ان بابت سوچڻ گهرجي. سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو جتي به ڪا آفت اچي ته سنڌ پنهنجي جهولي آڇي، نتيجي ۾ سنڌ مهمان نوازي ڪندي ڪندي ٿڪجي پئي آهي، کيس گهاءَ مليا آهن. سنڌ جو مستقبل ان ڌاري آبادي جي ڪري خطري ۾ آهي. سنڌ جي عوام کي انفرادي عملن بجاءِ اجتماعي طور پنهنجي بقا لاءِ جاکوڙڻ گهرجي. گڏيل ۽ سگهاري آواز سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.