تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

جمهوريت جي مضبوطيءَ جو سوال؟

يورپ ۾ سجاڳي جي دور ۾ جڏهن جاگيرداري، ڪليسائيت، شهنشاهيت جي خاتمي ۽ سرمائيداري دور جي شروعات ٿي ته پراڻن فرسوده نظامن جي خاتمي سان ئي ڪي قدر بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿيا. جمهوري ڪلچر ان دور جي پيداوار چئي سگهجي ٿو. جتي ماڻهن جي راءِ کي اهميت ڏني وئي اڄ دنيا ۾ مڃيل جمهوري حڪومت طور سڃاتي وڃي ٿي. معاشري ۾ تضادن جي ڪري اٿل پٿل رهي ٿي ۽ پراڻن دقيانوسي خيالن جي جاءِ تي نوان فڪر جاءِ والارين ٿا. يورپ ۾ سرمائيداري جي خلاف جڏهن پورهيتن تحريڪون هلائي پنهنجن بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته اتي پهرين ڏاڪي طور جمهوريت کي به قبول ڪيو ويو.
جمهوريت جاگيرداري جي خاتمي سان شروع ٿئي ٿي عوام جي حڪمراني عوام لاءِ هجي ٿي. جيتوڻيڪ جمهوريت هڪ طرز حڪومت آهي. سرڪار هلائڻ ۽ ماڻهن جو ڪي قدر خيال رکڻ انهن جي راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ ڪجهه رليف ۽ رعايتون ملن ٿيون پر جيسين نظامن جي تبديلي نه ٿي ٿئي تيسين معاشرن ۾ ننڍ وڏائي ۽ ڦرلٽ جو نظام جاري رهي ٿو. اڄ به دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ طبقاتي نظام ۽ سرمائيداري خلاف عوام تحريڪون هلائي رهيو آهي ۽ هڪ نئين سماج اڏڻ لاءِ قومون جتن ڪري رهيون آهن. پاڻ ذڪر ڪنداسين ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو پاڪستان ۾ جمهوري ادارا مضبوط نه پيا ٿين؟ هي طئي آهي ته برصغير ۾ ڪانگريس، سڀاش چندر بوس جهڙن اڳواڻن عوامي تحريڪن کي جنم ڏنو جنهن ۾ عوامي مزاحمت سان گڏ هٿياربند مزاحمت به هئي، جنهن هن خطي مان انگريزن کي ڌڪي ڪڍيو، نئين جڙندڙ پاڪستان واري حصي ۾ مسلم ليگ ڳالهين، سمجهوتن تي گهڻو زور ڏيندي رهي، نتيجي ۾ جنهن خطي ۾ انگريزن کي ڀڄائڻ ۾ عوام جي شرڪت هئي اتي انهن جو مستقبل خطري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هن پار عوام جي شرڪت کان سواءِ ملڪ جي آزادي ٿوري عرصي ۾ ئي تار تار ٿي وئي سازشن منهن ڪڍيو عوام هڪڙي ڊگهي غلامي مان آجو ٿي نئين غلامي جي ڳٽ ۾ اچي ڦاٿو، جيڪو اڄ تائين ان مان آجو ناهي ٿي سگهيو.
هڪ منظم سازش تحت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي وئي، جنهن ڪري جمهوريت جو ڦيٿو چرڻ ئي نه ڏنو ويو. ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو به نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو مڪمل طرح سان شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن کي ڏنو ويو هجي. 1971ع جي چونڊن ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ اڪثريت سان کٽيو ته کيس اقتدار ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيا. ڇاڪاڻ جو چونڊن جا نتيجا قابض ٽولي جي فڪر جي بلڪل ابتڙ هئا ۽ پوءِ پنهنجي مرضي سان بچيل پاڪستان ۾ هڪ نئين جاگيردار فڪر جي پارٽي پ پ کي اقتدار جون واڳون ڏنيون ويون. جڏهن ڀٽو صاحب به اسٽيبلشمينٽ جي دائري مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منظم ۽ مضبوط غيرجمهوري ادارن پي اين اي جهڙي اتحاد کي جنم ڏنو، جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندن سان گڏ جمهوريت ۽ قومي حقن جا دعويدار ولي خان وغيره به ساڻن گڏ هئا. جنهن تحريڪ کي ڪامياب ڪيو ويو، پي اين اي تحريڪ جو اڳواڻ پروفيسر غفور احمد اڪثر چوندو رهي ٿو ته ڀٽو سان معاملا طئي ٿي چڪا هئا پر خبرناهي ته ڇو ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
جنرل ضياءَ الحق اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ تيسين حاڪم رهيو جيسين آمريڪا ۽ پاڪستان جي سگهارن ادارن تبديلي نه چاهي، علائقي جي صورتحال تبديل ٿي چڪي هئي. افغانستان مان روسي فوجي واپس وڃي چڪا هئا، پاڪستان ۾ جمهوري تحريڪ طاقتور شڪل اختيار ڪندي پئي وئي. ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ضروري ٿي پيو ته هڪ دفعو ٻيهر نالي ماتر ڊيموڪريسي آڻجي ڇاڪاڻ جو عوامي هلچل ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي پئي سگهي. خصوصن سنڌ ۾ عوام وڏي مزاحمت ڪئي. هڪ پاسي اقتدار بينظير ڀٽو کي ڏئي عوامي هلچل کي ماٺو ڪيو ويو ته ٻئي طرف وري ساڳيون سازشون ڪري آئين موجب پنجن سالن لاءِ اقتدار کي جاري نه رکيو ويو ۽ وري انجنيئرڊ چونڊون ٿيون. بينظير ڀٽو آئوٽ ۽ سگهارن ادارن جو ماڻهو نواز شريف داخل ٿيو ۽ اهو سلسلو پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ جاري رهيو آهي. جنهن سبب هر وفاقي پارٽي کي جيڪڏهن اقتدار ۾ رهڻو آهي ته پوءِ اصلي حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ بجاءِ سمجهوتي سان هلڻ ئي انهن جي صحت لاءِ بهتر رهي ٿو، هاڻ ڪوبه شڪ باقي ناهي رهيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ هتان جي اسٽيبلشمينٽ ملوث نه هجي، ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، انهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪبو پر منهنجي خيال ۾ بينظير جو عوام سان ويجهو لاڳاپو عوام کي متحرڪ رکڻ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ جي فڪر سبب کيس رستي تان هٽايو ويو، نين چونڊن کي ڏيڍ سال مس ٿيو آهي ته ماضي ۾ جن ڌرين کي اسٽيبلشمينٽ هِتان هُتان ميڙي چونڊي گڏ ڪيو هو اهي وري حرڪت ۾ اچي ويون آهن، ڪڏهن سيو سنڌ موومينٽ جڙي ٿي ته ان جي پذيرائي ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري هم خيال گروپ نالي مشرف دور جي طاقت ور ماڻهن کي گڏ ڪيو پيو وڃي. هي ڪو حادثو ناهي. مٿي ڪيل بحث جو تسلسل آهي ته پاڪستان جي اصلي حاڪمن کي جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ جو جمهوريت جي مضبوطي عوام کي سگهارو ڪندي. جاگيرداري جا قدر ٽٽندا. فوجي توڙي سول بيورو ڪريسي مالڪ نه پر ملازم بڻجي هدايتون ڏيڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ بجاءِ حڪم جا پابند رهندا.
ڪالهه مشرف جو فڪر ۽ فلسفي کي وڌي چڙهي حمايت ڪرڻ وارا اڄ مطالبا ڪري رهيا آهن ته مشرف کي گرفتار ڪريو، هڪ نقطي نظر هي آهي ته موجوده سرڪار چونڊيل آهي جمهوري ناهي. هي اهي آهن جيڪي گهڻو وقت اقتدار کان ٻاهر نه ٿا رهي سگهن.
ٻي راءِ هي آهي ته چونڊيل حڪومت کي جمهوري رستي تي هلائڻ لاءِ ان جي سمورين غيرجمهوري حرڪتن خلاف واويلا ڪجي. آمرن جي دور ۾ ٿيل آئيني ترميمن کي واپس وٺجي ڇاڪاڻ جو موجوده سرڪار ماضي ۾ انهن سمورين ترميمن جي خلاف هئا، جيڪي عوام دشمن هيون ۽ جڏهن هاڻ کين اقتدار مليو آهي ۽ ايوان ۾ اڪثريت ان راءِ سان اتفاق ڪري ٿي ته صدر جي اختيارن ۾ گهٽتائي آڻجي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي طاقتور بڻائجي. ڇاڪاڻ جو جمهوري سيٽ اپ ۾ عوام جا چونڊيل نمائندا ئي سگهارا هجن ٿا.
جيئن برطانيا ۽ هندستان ۾ آهن.
اهو درست آهي ته موجوده سرڪار آزاد ۽ خودمختيار ٿي فيصلا ڪرڻ بجاءِ آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي مشاورت کان سواءِ هڪ وک به اڳتي کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري عوام کي بک ۽ بدحالي مان ڪڍڻ بجاءِ غيرضروري ۽ غيراهم ۽ ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي ٻين آڏو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ پيار سان هلڻ بجاءِ هر وقت ٽڪراءُ رکي پاڻ کي غيرمحفوظ ڪيو آهي. بجيٽ جو 55 سيڪڙو دفاع تي جڏهن ته عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ روزگار کي ڪابه اهميت ناهي، جنهن ڪري معاشري ۾ خوشحالي بدران بدترين گهوٽالو پيدا ڪيو ويو آهي.
سادي طريقي سان ڳالهه رکڻ جو مطلب هي آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم نه ڪرڻ پٺيان وڏا هٿ آهن ۽ پوءِ اُهي جڏهن حرڪت ۾ اچن ٿا ته نوان اتحاد جڙن ٿا، انهن جي پذيرائي ٿئي ٿي ۽ هي اهي ماڻهو هجن ٿا جيڪي هر آمر حڪمران جي ساڄي ۽ کاٻي هجن ٿا. جمهوريت جا چئمپين هجن ٿا. سازشن ذريعي وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪن ٿا ۽ طاقتور ڌريون ملڪي حالتن کي بهتر نه هئڻ جو راڳ آلاپي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ نين چونڊن ۾ پنهنجي مرضي جا سوار ميدان تي لاهين ٿا، جن جو عوام سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي ۽ اهي ايڏا سگهارا به هجن ٿا جو جڏهن سندن آمراڻي دور جو خاتمو اچي ٿو ته کين ڪنهن ۾ به همت ناهي جو ان کي ڪرپشن ۽ عوام دشمن معاملن ۾ قابو ڪري سندن احتساب ٿئي.
هندستان ۾ به جمهوري چونڊن ذريعي اقتدار حاصل ڪجي ٿو. مخالف پارٽيون قبول ڪن ٿيون ۽ پوءِ پوري وقت لاءِ جمهوري حڪومت چڱن ڪمن جي ساراهه ۽ عوام دشمن معاملن تي جدوجهد ڪندا رهن ٿا، اهوئي سبب آهي جو بي جي پي جي غيرسيڪيولر مذهبي ڪٽرپڻي واري جماعت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ڪانگريسين ۽ ٻين وقت جو انتظار ڪيو پر بي جي پي جي غلط ڪارين جي سخت مزاحمت ڪئي احتجاج سيمينار، جدوجهد هڪ گهڙي لاءِ به خاموش ٿي نه ويٺا ۽ انهيءَ جا نتيجا اهي نڪتا ته بي جي پي جو سيڪيولر نه هئڻ ڪري مذهبي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ ڪري هاڻ هو اقتدار کان پري ٿي وئي آهي.
اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ بجاءِ عوام ۽ محڪومن قومن جي بنيادي حقن لاءِ مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. مان جمهوريت جي حق ۾ دليل ان ڪري ٿو ڏيان ته سماج کي آزادي ۽ شعور لاءِ هي پهريون ڏاڪو هجي ٿو، جن ماڻهن کي سماجي تبديلي آڻڻي آهي، قومن جي آزادي جي تحريڪن کي سگهارو ڪرڻو آهي آهي ڪنهن به ريت جمهوريت مخالف ناهن هوندا پر جمهوري سوچ ۽ فڪر جا زبردست حامي هجن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو جمهوريت جي نالي ۾ آمريت دوست هجن ٿا جن جو سماجي تبديلي، غير طبقاتي سماج اڏڻ ۽ قومن کي برابري جي حقن جا مخالف هجن ٿا، اهي ئي اسٽيبلشمينٽ جا پرزا بڻجن ٿا.
ان ڪري ملڪ جي عمومي طور ۽ محڪوم قومن جي خصوصي طور تي سمورن آزادي پسندن، طبقاتي جدوجهد ڪندڙن کي جمهوري جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ جمهوريت مخالف نالي ۾ جمهوريت پسندن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. انهن جي هر چرپر تي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريت پسند ڪوڙي جمهوريت جو چوغو پائي عوام کي دوکو نه ڏئي وڃن.