تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

عائشه صديقه ڇا ٿي فرمائي؟

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۽ سنڌي ٽي وي چئنل تي جڳ مشهور ليکڪا عائشه صديقه لکيو ۽ فرمايو آهي ته پاڪستان جي نئين سر تشڪيل نو ٿيڻ گهرجي. هن جي خيال ۾ پاڪستان جا موجوده صوبا نئين ترتيب ۾ اچڻ گهرجن چئني صوبن کي تقسيم ڪري نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا. هُن سنڌ ۽ پنجاب تي وڌيڪ زور ڀريو آهي ۽ پنهنجي موقف سگهارو بنائڻ لاءِ دليل ڏنو اٿس ته ڇا سنڌي مهاجرن کي سمنڊ ۾ دفن ڪري سگهن ٿا. جي نه ته پوءِ اهو بحث ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڪو نئون صوبو ٺاهي ڏيڻ گهرجي.
گريٽ گيم جي حوالي سان جيڪي نوان بحث ڇڙي رهيا آهن، اُن موجب آمريڪي سامراج سائوٿ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا تي نه رڳو گهري نظر رکي ٿو پر مڪمل طرح سان تياريون ڪري ڪي نوان خطا ۽ علائقا جوڙڻ لاءِ سرگرم آهي، ان پٺيان سندس استحصالي سوچ موجود آهي.
پاڪستان ۾ رهندڙ قومن، نسلي گروهن ۽ صوبن جي جوڙجڪ بابت سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان اڳ آزاد ۽ خود مختيار رياست هئي. مير حڪمران هئا. انگريزن جي قبضي دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ماڻهن شاندار مزاحمتون به ڪيون، ان کان اڳ به سنڌ جو عوام هر جارحيت پسند ۽ قبضاگيري جي خلاف ويڙهه وڙهندو رهيو ۽ پنهنجي قومي بقا ۽ سنڌ جي وحدت جي حفاظت ڪندو رهيو، ان لاءِ کين تمام وڏي قرباني ڏيڻي پئي. سنڌين رت جا درياهه وهائي پنهنجي قومي سڃاڻپ کي بچائي رکيو. ساڳي ريت پاڪستان ۾ بلوچ پڻ انگريزن جي قبضي کان اڳ قلات رياست آزاد ۽ خود مختياري سان بلوچ عوام جي حڪمراني هيٺ هئي. اُهي پڻ سنڌ وانگر انگريزن ۽ اُن کان اڳ ڪيترن ئي جارحيت پسند قومن ۽ گروهن جو مقابلو ڪندا رهيا. پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ اُن جي حدن جو تحفظ ڪندا رهيا. انگريزن خلاف ننڍي کنڊ ۾ عوام جي شاندار تحريڪن جي نتيجي ۾ انگريزن کي هي علائقو ڇڏڻو پيو، پر وڏي چالاڪيءَ سان مذهب جي نالي ٻه قومي نظرئي جي نالي ۾ هندو ۽ مسلمان رياستن جو وجود رکي ويا. ٿيڻ هي کپندو هو ته انگريزن جيئن جيئن قومن کي غلام بنايو، تيئن انهن جي وحدتن کي آجو ڪن ها. پر ائين نه ٿيو سازشي نظرين پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ۽ جبري طور شامل ڪيل رياستن کي هڪ نئين غلامي ۽ جبر ۾ ڦاسائي وڌو.
اهو دُرست آهي ته جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ قراردار پيش ڪئي ۽ مسلمانن جي نئين رياست (پاڪستان) جو وجود پيو، پر اُن پٺيان جيڪي جذبا ۽ اُميدون هيون ته قائد اعظم محمد علي جناح 1940ع جي قرارداد ذريعي هي واعدو ڪيو هو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ نيون رياستون مڪمل طرح سان آزاد ۽ خودمختيار هونديون، سمورا کاتا قومن وٽ هوندا، سواءِ ٻه چار کاتن جي جيڪي فيڊريشن پنهنجي هٿ ۾ رکندي.
بلوچستان 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي چونڊيل ايوان اندر پاڪستان سان الحاق جا مخالف هئا، انهن متفق طور تي اعلان ڪيو ۽ غوث بخش بزنجو قرارداد پيش ڪئي ته اسين پاڪستان سان الحاق لاءِ تيار ناهيون، پر جيڪڏهن اسان کي زبردستي شامل ڪرڻ جي رٿا آهي ته پوءِ فيڊريشن دفاع، خارجه پاليسي، ڪرنسي ۽ مواصلات پاڻ وٽ رکي باقي سمورا کاتا قومن جي حوالي ڪيا وڃن پر حڪمرانن نه مڃيو پهريان لسٻيلو خاران ۽ پوءِ قلات تي به قبضو ڪري سڄي بلوچ قيادت کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترائي روپوش ٿي ويا.
مٿيون بحث انڪري ضروري پئي لڳو ته عائشه صديقه کي اها پروڙ پوي ته انگريزن جي قبضي کان اڳ سنڌ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هئي، هُن جون فطرتي حدون مقرر هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم وارو پاڪستان ٿيڻ بجاءِ لياقت علي خان ۽ پوءِ اسٽبلشمنٽ جو پاڪستان ٿي ويو، جنهن کي ڪڏهن ون يونٽ جي نالي ته ڪڏهن وري پاڪستاني قوم جو نالو رکيو پئي ويو آهي. رضاڪارانه طور شامل قومن سان ناانصافين جي ڪري بنگال جلدي پنهنجي جان ڇڏائي ويو، پر انهن کي آزادي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. لکين بي گناهه ماڻهن جو قتل عام ان جو مثال آهن. پاڪستان ٺهڻ دوران سنڌ ۾ صرف سنڌي رهندا هئا. مذهب جي نالي ۾ رياست جو وجود پوڻ سان هن پار ۽ هُن پار جنونيت پسندن وڏا قهر ڪيا. هڪ اندازي موجب سنڌ مان لکين سنڌي هندن کي ماري ڀڄايو ويو. سنڌي خوشحال ماڻهو ۽ مڊل ڪلاس ڪاروباري سمورا سنڌ مان جبري طور تڙيا ويا ۽ وري لکن جي تعداد ۾ پناهگير هندستان مان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. 1٩52ع ۾ لياقت نهرو پئڪٽ ۾ طئي ٿيو ته هاڻ قانوني دستاويزن کان سواءِ ڪوبه ماڻهو لڏ پلاڻ نه ڪري سگهندو، جيڪو به اهڙي ڪوشش ڪندو چاهي اُهو هندو هجي يا مسلمان، غير قانوني تصور ڪيو ويندو، ان دوران انگن اکرن موجب 1954ع ۾ ڪراچي جي ڪُل آبادي ساڍا يارنهن لک (11,50,000) هئي، اُن ۾ اڪثريت بهرحال هندستان مان ايندڙ مهاجرن جي هئي، پر چار لک سنڌي هئا. مسلسل غيرقانوني پناهگيرن جي آمد جي ڪري اڄ صرف ڪراچي جو انگ ٻه ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن سبب اسين سنڌ جا حقيقي ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي چُڪا آهيون.
چيو وڃي ٿو ته باهران آيل مهاجرن کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. هڪ هندستاني اسڪالر موجب 1947ع کان پوءِ پاڪستان جي ڪاموراشاهي ۾ 70 سيڪڙو يوپي ۽ سي پي جا ماڻهو هئا. وڏن آفيسرن کان ويندي ننڍي گريڊ تائين اُهي ماڻهو قابض هئا. جيڪي اڄ تائين نوڪرين جي اڪثريت پاڻ وٽ رکي ويٺا آهن. مثال طور ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي 11 يارنهن بورڊ آف ڊائريڪٽرس مان هڪ به سنڌي ناهي. ڪوڙن ڪلمين ذريعي سنڌ جون زمينون ۽ محل ۽ ماڙين، ڪارخانن جا مالڪ به اُهي ئي ٿيا. سنڌي مڊل ڪلاس جيڪو وڌندڙ ۽ ترقي ڏانهن وکون کڻندڙ طبقو هو، جيڪو اڄ سٺ سالن کان پوءِ قومي سرمائيدار جي شڪل اختيار ڪري وڃي ها. انهن سازشن جي نتيجي ۾ سنڌ وڏي برباديءَ کي منهن ڏنو آهي.
تاريخ ۾ هيئن ٿيو آهي جو قدرتي آفتن ۽ جنگين جي نتيجي ۾ ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين ڪنهن نئين وطن ۾ رهڻ ڪري اُهي پنهنجي قومي شناخت تبديل ڪندا آهن، انهن جا سماجي ۽ قومي مفاد تبديل ٿيندا آهن.
مثال طور سنڌ ۾ آيل بلوچ قبيلا سالن ۽ صدين کان پوءِ سنڌي قوم جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويا. افغانستان مان احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ آيل افغاني ۽ پٺاڻ سنڌ جي ڌرتي جو حصو بڻجي ويا. ٿيڻ هيئن گهُربو هو ته هنڌستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجر سگهاري تهذيب جو اڻ کٽ حصو بڻجڻ ها. پر اهي سازشي نظرين جي وَرَ چڙهي ويا. هڪ مخصوص طبقي سڄي مهاجر نسل کي سنڌي قوم ۾ ضم ٿيڻ کان روڪيو. سنڌي تعليم کان پري رکيو، سنڌي ٻولي کان پري رکيو، سنڌ جي تهذيبي سرگرمين کان الڳ رکيو، نتيجي ۾ هڪ اهڙي گروهه جنم ورتو جيڪو اڄ سنڌ جي حقيقي ڌرتي ڌڻين سان ٽڪراءَ ۾ بيٺو آهي.
عائشه صديقه فرمائي ٿي ته ڇا سنڌي مهاجرن کي سمنڊ ۾ اڇلي سگهن ٿا ته اُن جو جواب آهي نه ۽ نه ئي وري ڪو سنڌي ماڻهو مهاجرن بابت اهڙو فڪر رکن ٿا. اهو خيال به دُرست ناهي ته مهاجرن کي Space ڏنو وڃي. انهن کي بنيادي حقن کان محروم نه ڪيو وڃي. مون 47ع کان پوءِ جا انگ اکر ڏٺا آهن، پر هاڻ به سنڌ جو گورنر ڪير آهي؟ ڪراچي جي سمورن وڏن تعليمي ادارن جا سربراهه ڪير آهن؟ سنڌ جي سيڪريٽري ليول جا ماڻهو سنڌي گهڻا آهن؟ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي، سٽي حڪومت جا ناظم ڪير آهن؟ انهن ٻنهي ميگا سٽي شهرن جي وسيلن جا مالڪ ۽ انهن وسيلن جي ورهاست ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ سنجيدگي سان جائزو وٺنداسين ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ته پنهنجي حاڪميت وڃائي چُڪا آهن. رڳو عددي اعتبار سان سنڌ جي اڪثريت ليکيا وڃن ٿا.
پاڪستان جي فوج ۾ سنڌ کي 3-3 ٽي ڀاڱي ٽي حصو پتي آهي، ان ۾ شهري آبادي به آهي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته 62 سالن جي تاريخ ۾ سنڌي ان ڪوٽا تي ڪيترا برگيڊيئر يا جنرل ٿيا آهن ۽ جڏهن ته اردو آبادي جا جنرل گهڻا آهن. فرق صاف ظاهر ٿي ويندو. انڪري اها ڳالهه ڪرڻ ته اردو آبادي سان ناانصافيون نه ٿيڻ گهرجن، انهن کي بنيادي حق ڏيو، هو حقن کان محروم آهن. سازشي ٿيوري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
ٻيو هي ته اردو ڳالهائيندڙ ملڪ جو صرف 5% سيڪڙو هئڻ باوجود پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو اردو کي حاصل آهي.
هاڻ اچون ٿا ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهن سنڌ ۾ به ٻن صوبن جي گُنجائش آهي. اسين اڳ ئي بحث ڪري چُڪا آهيون سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست رهي آهي. صدين کان عربن کان انگريزن تائين قبضا ٿيندا رهيا ۽ سنڌي پنهنجي شناخت کي بچائيندا رهيا. اردو آبادي سنڌ جي عوام کان وڌيڪ خوشحال ۽ ترقي ڏانهن وڌندڙ گروهه آهي، هو سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو بنجي رهن ۽ بنيادي حق ملڻ گهرجن. پر غيرقانوني آبادي جي ذريعي اڪثريت ثابت ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري سازش اصل ۾ سنڌ وطن جي تاريخي حيثيت کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. پنجاب ۾ سرائيڪين جي آزاد وطن واري موقف ۾ وزن ان ڪري آهي جو هو الڳ قوم ۽ تاريخي قوم جي حيثيت وارو وجود رکن ٿا. هنن جي ٻولي، علائقو، رسم رواج پنجاب کان بلڪل مختلف انڪري پاڪستان جي محڪوم قومن جي اتحاد پونم جو موقف هو ته ملڪ ۾ پنج قومون آهن، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچ، انهن جي وحدتن کي تسليم ڪندي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي تصور تسليم ڪيو وڃي. دنيا م ڪٿي به مهاجر نالي ڪنهن به قوم جو تصور ناهي. هندستان جي الڳ الڳ رياستن مان آيل ماڻهو 60 سالن ۾ هڪ قوم نٿا بڻجي سگهن ۽ انهن کي ٻي تاريخي قوم پنهنجي وطن کي ورهائڻ هرگز نه ڏيندي. قومن لاءِ بنيادي سبب، تاريخ، وطن جون حدون، مارڪيٽ، ٻولي، تهذيب جو هئڻ لازمي آهي، جيڪا شيءِ ٻاهران ايندڙ ڌارين ۾ ناهي. انڪري جيڪي به ماڻهو سنڌ وطن ۾ هڪ الڳ صوبي يا وطن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، اُهي ڪنهن وڏي سازش جو حصو آهن. سنڌ ۾ رهندڙ لساني گروهن جي بنيادي حقن کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. مهاجر هاڻ سنڌ جو حصو آهن پر انهن کي سنڌ جي امير ترين تهذيب جو هر حال ۾ حصو ٿيڻو پوندو. کين سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي رسم رواجن جو حصو ٿيڻ گهرجي.