تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

بلوچن پارليامينٽ کي ڇڏي پهاڙن جي چونڊ ڇو ڪئي ؟

8 اپريل تي تربت کان اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٽن قومپرست اڳواڻن غلام محمد بلوچ، لالا منير بلوچ ۽ شير محمد بلوچ جا چچريل لاش هٿ آيا. کين ڇهه ڏينهن اڳ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ حزب اختلاف جي اڳوڻي ليڊر ڪچڪول علي جي آفيس مان اغوا ڪيو ويو هو، نتيجي ۾ اڄ سڄو بلوچستان احتجاج جي لپيٽ ۾ آهي. بلوچستان جي سمورين قومپرست پارٽين سخت احتجاج ڪيو آهي. پاڪستان جي قومپرست ۽ جمهوريت پسند ۽ انصاف پسند ڌرين پڻ پنهنجي غم غصي جو اظهار ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته غلام محمد بلوچ جان سلوڪي (اقوام متحده جو ايلچي) جي بازيابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن ڪري آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ اقوام متحده پڻ اهڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته انهن قتلن جي جاچ ڪرائي وڃي. انهن بلوچستان جي صورتحال تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن قومي اڳواڻن جو ڪهڙو ڏوهه هو. جن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو؟ بلوچستان جيڪو اڃان اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري جي قتل واري صدمي مان ٻاهر نه نڪتو هو ته مٿان وري اهڙا گهاءُ ڏنا ويا آهن، جيڪي هاڻ ڀرجڻ مشڪل ٿو لڳي.
اچون ٿا بلوچستان جي صورتحال تي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ۽ اڳ بلوچ خودمختيار رهيا آهن. پاڪستان جي وجود کانپوءِ ان کي قبوليندي ساڻس گڏ رهڻ جو وچن ڪيو ويو، بلوچستان جاگرافي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي. قدرتي ۽ معدني وسيلن تيل، گئس، زراعت ۽ قيمتي پٿر جي ڪري هيءَ مالامال صوبو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1952ع ۾ سئي جي علائقي مان گئس دريافت ٿي. اڄوڪي صورتحال ۾ 23 سيڪڙو گئس وفاق جي پول ۾ بلوچستان فراهم ڪري ٿو، چاغي جي مقام تي سون دريافت ٿيو آهي، جيڪو سالانا 1.5 ٽن هوندو ۽ اهو لڳاتار 19 سالن تائين هلندو رهندو. آسٽريليا ۽ چلي جي ٻن ڪمپنين کي سستي اگهه تي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. بلوچستان جو قيمتي پٿر سنگِ مرمر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، سامونڊي پٽيءَ مان ٽي ارب رپين کان وڌيڪ مڇي ۽ جهينگي حاصل ڪرڻ مان آمدني ٿئي ٿي. گوادر پورٽ جي آمدني اڃا هاڻي شروع ٿي آهي. هر سال هڪ سئو ڪروڙ جي آمدني صرف جانورن جي کلن مان ٿئي ٿي. ماهرن مطابق ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ بلوچستان تيل ۽ گئس جي وسيلن ۾ وچ اوڀر ۽ سينٽرل ايشيا کان گهڻو اڳتي نڪري ويندو، جنهن قوم وٽ ايترا وسيلا هجن ۽ انهن جا ٻچا بک مرن، بدحالي انهن جو مقدر هجي. تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي نعمتن کان هو محروم هجن، پاڻي جي حاصلات لاءِ هو ڪوهين ڏور وڃن ته پوءِ اُهي حقن لاءِ جدوجهد نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ 23 سيڪڙو گئس فراهم ڪندڙ صوبي جو اڪثريتي عوام گئس کان محروم آهي، جڏهن ته پنجاب ٿوري گئس پيدا ٿو ڪري، پر 40 سيڪڙو کان مٿي استعمال اُتي ٿئي ٿو. بلوچ عوام جي اڪثريت ته بجليءَ کان به محروم آهي. بلوچستان ۾ ميگا پراجيڪٽس هلي رهيا آهن، مثال طور گوادر پورٽ، پر بلوچ عوام جو 5 سيڪڙو به ليبر ۾ ناهي. اڪثريت ٻاهرين ماڻهن جي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي طريقي سان بلوچن کي روزگار کان محروم رکيو ويو آهي.

تعليم ۾ بلوچن جي حصو:
ملڪ جي 29 ميڊيڪل ڪاليجن مان بلچستان ۾ فقط 2 ڪاليج آهن. 13 انجنيئرنگ ڪاليجن مان بلوچستان ۾ رڳو هڪ انجنيئرنگ ڪاليج آهي. ملڪ جي 91 يونيورسٽين مان بلوچستان ۾ رڳو ٻه يونيورسٽيون آهن. بلوچستان وسيلن سان مالامال آهي، پر ان جو عوام غربت جي بدترين حالت ۾ آهي، اتي 55 سيڪڙو کان وڌيڪ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري ٿو. اهڙي صورتحال جي باوجود بلوچ قومپرستن جي اڪثريت پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين پارليامينٽ جو حصو رهي آهي، پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي باوجود هو ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، چيف منسٽر ۽ وفاقي وزير طور قسم کڻي پاڪستان سان گڏ رهڻ جا وچن ڪندا رهيا آهن، هو دنيا جي مهذب قومن وانگر پارليامينٽ ۾ پنهنجن بنيادي قومي، جمهوري حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن، پر انهن سان ناروا سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، 73ع جي آئين جي قبوليت کانپوءِ بلوچستان جي حڪومت غير آئيني طور ختم ڪري سمورن قومي اڳواڻن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، اڪبر بگٽي جنهن هر مصلحت کي ڀليڪار ڪيو، پر ان کي به نه بخشيو ويو،80 سالن جي پوڙهي کي به بمن ۽ بارود سان ماريو ويو، هڪ طرف سرڪار پاران طالبان سان معاهدو ڪيو پيو وڃي جيڪي ماڻهو عورت جي به عزت نٿا ڪن، ماڻهن کي جانورن وانگر ذبح ڪن ٿا. ٻئي طرف بلوچ صرف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ايوانن کان ٻاهر ٿي ويٺا آهن، انهن کي قتل ڪيو پيو وڃي دراصل بلوچستان عالمي سطح جو اسٽريٽجڪ علائقو آهي، آمريڪا جنهن جا هن خطي ۾ مفاد وڌيا آهن، سينٽرل ايشيا جي گئس ۽ تيل ذخيرن تي قبضو ڄمائڻ، افغانستان، ايران ۽ پاڪستان ۾ بنياد پرستي کي منهن ڏيڻ ۽ سڄي علائقي جي وسيلن تي قابض ٿيڻ انهن جو هڪ خواب آهي، ان ڪري بلوچستان جون حالتون پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي بجاءِ اسٽيبلشمينٽ انهن کي بگاڙيو آهي، هو بلوچن جي پر امن پارلياماني قومي، جمهوري جدوجهد کي پرتشدد تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا.

بلوچستان مسئلي جو حل:
1940ع جي قرارداد پاڪستان ۾ اهو واعدو لکت ۾ ڪيو ويو هو ته پاڪستان جي تشڪيل ۾ سمورين قومن کي خودمختيار رياستن طور مڃيو ويندو، پر ان واعدي تي عمل نه ٿيو آهي، 1973ع ۾ ڀٽي صاحب واعدو ڪيو هو ته 10 سالن کانپوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي ويندي، اڄ تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو، وسيلن جي مالڪي جي سوال تي بلوچ اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين کي خراب نظر سان ڏٺو پيو وڃي. کين ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ، ملڪ دشمن قرار ڏيڻ روز جو معمول آهي، جيڪي ماڻهو پاڪستان جي آئين تي قسم کڻن، انهن تي به ويساهه نه هجي ته پوءِ اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو؟ اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي سياست آهستي آهستي پارليامينٽ کان پهاڙن ڏي منتقل ٿي رهي آهي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت حقيقي شڪل ۾ هجي ٿي، اتي اهڙا معاملا گهٽجن ٿا، مثال طور هندستان ۾ سکن جي علحدگي واري تحريڪ، جنهن ۾هزارين سک قتل ٿيا. جيل ويا ردِعمل ۾ اندراگانڌي جهڙي شخصيت قتل ڪئي وئي، پر مستقل جمهوري ادارن جي مستحڪم هجڻ سان سکن جي بنيادي قومي حقن کي تسليم ڪيو ويو، اڄ سکن جي عليحدگي پسند تحريڪ اوهان کي نظر نه ايندي، موجوده سرڪار چوي ٿي ته هي جمهوريت پسند آهن ۽ هو ماضي جي آمرن جي ڪيل ڪرتوتن کي ختم ڪندا، قومن کي رليف ڏيندا، ته پوءِ موجوده جمهوري سرڪار جي هوندي ٽن بلوچ اڳواڻن جو قتل ڇا ٿو محسوس ڪرائي؟
صرف 50_ ارب رپين جو پيڪيج بلوچن لاءِ ڪجهه به ناهي. بلوچن کي پيڪيج نه پر وسيلن جي مالڪي گهرجي ٿي، سندن زخمن تي پها رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن موجوده حڪومت عملي طور ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن کي بلوچستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن صوبن جي ماڻهن لاءِ پارليامينٽ ذريعي ٺوس فيصلا وٺڻا پوندا. 1940ع جي قرارداد موجب دفاع، ڪرنسي ۽ پرڏيهي کاتا وفاق پاڻ وٽ رکي، باقي سمورا کاتا صوبن حوالي ڪري. نواب اڪبربگٽي، بالاچ مري،غلام محمد بلوچ، لالا منير ۽ شير محمد بلوچ جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.