تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

علائقائي صورتحال جي پس منظر ۾ اڄوڪي سنڌ

اڄوڪي عالمگير سماج جو اڀياس ڪنداسين ته ان ۾ ڪوبه شڪ نظر نه ايندو ته آمريڪا دنيا جي اڪيلي عالمي طاقت آهي. ان جا سبب ڪيترائي آهن. ڏکڻ ايشيا جي اڄوڪي اٿل پٿل واري حالت جو به مک ڪارڻ آمريڪا آهي. ستر (70)واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر سوويت يونين جي مخالفت ۾ هتي جي مذهبي قوتن جي هر محاذ کي طاقت بخشي. جنهن مفاد خاطر آمريڪا انهن کي سوشلسٽ سوويت يونين خلاف استعمال ڪيو، مذهب جي بنياد تي دنيا ۾ آمريڪا ان دور ۾ صرف ٻن ملڪن کي استعمال ڪيو، هڪ اسرائيل ٻيو پاڪستان.
معاشي لحاظ سان آمريڪا جي اک يورپ جي منڊي ۽ عرب ملڪن جي تيل واري ملڪيت تي کتل رهي پر عالمي تبديلي آمريڪا کي اڄ اڪيلو سپر طاقت بڻائي ڇڏيو آهي. خاص ڪري 11 سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ بغير ڪنهن شاهدين جي آمريڪا افغانستان ۽ طالبان سرڪار کي ۽ بغير ڪنهن شاهدين جي بنياد تي صدر صدام حسين جو خطرناڪ جنگ وسيلي تختو اونڌو ڪري ويهي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ ايران، عراق، پاڪستان ايٽمي سگهه وارا ملڪ آهن. آمريڪا کي اهو به خطرو آهي ته اها ايٽمي طاقت مسلم بنياد پرستن جي ور چڙهي وئي ته خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. آمريڪا اهو سوچي مٿي ڄاڻايل واقعا ڪيا آهن. هي آمريڪا جون ڊگهيون پاليسيون آهن جو اڄ لبيا به سرينڊر ڪيو آهي. ايران جيڪو آمريڪا کي شيطان نمبر ون چوندو آهي، اهو ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. پاڪستان ته آمريڪا جو ٻڌو ٻانهو آهي پر اڄوڪا دانشور بظاهر پاڪستاني پرڏيهي پاليسي کي يوٽرن جي اصطلاح سان اظهار ڪري رهيا آهن ۽ اُهو نعرو پاڪستان جي فوجي جنرل پرويز مشرف جو هيو. ”سب سي پهلي پاڪستان.“ ان جو مطلب اهو آهي ته پاڪستان جا هاڻوڪا حڪمران به قومي نظريي تان هٿ کڻي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن ئي حڪمرانن جي ”ٻي ٽيم“ متحده مجلس عمل اهو نعرو هنيو ته ”سب سي پهلي اسلام.“ جيڪڏهن اسان رڳو هن نعري جو اڀياس ڪنداسين ته پاڪستان ۾ سال 1940ع واري اقرارنامي جي ڳالهه ڪندڙ ڌرين جو موقف چٽو ٿي بيهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف جو نعرو ڇا آهي؟ ۽ ايم ايم اي جي نعري جو مقصد ڇا آهي؟ ساڳئي وقت عالمي تبديلين جي گهيري ۾ آيل پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ لاءِ ڪهڙا سوال پئدا ٿيا آهن. اهي دنيا جون تڪڙيون تڪڙيون تبديليون آهن جيڪي اسان ڏسي رهيا آهيون، اهي تبديليون اسان لاءِ پرامن بقاءِ باهمي وارو پيغام آڻين پيون. اڀياس رڳو اهو ڪرڻو آهي ته اسان سنڌ واسين کي ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي. ڇاڪاڻ ته عالمي قوتن جو تحرڪ اسان جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ تبديلين جو ٻيو پهلو هي آهي ته آمريڪا فوجي طاقت جو خاتمو چاهي ٿو، ايٽمي طاقت جو خاتمو چاهي ٿو. بنياد پرستي جو خاتمو چاهي ٿو. جمهوري روايتن کي ڏکڻ ايشيا توڙي وچ اوڀر ۾ اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهيءَ هوا جا جهوٽا اسان کي هند - پاڪ لاڳاپن جي هاڻوڪي نقشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي عالمي تبديلين جا مثبت پهلو آهن. منفي پهلو هي آهن ته معاشي ڦرلٽ جو خطرو وڌي ويو آهي. سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته انهن عالمي تبديلين جي لهر ۾ اسان سنڌ واسي ڪٿي بيٺل هونداسين جو سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار جو اڻ کٽ سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تيز ٿيندو پيو وڃي. سنڌ جون سرحدون پناهگير رولاڪن لاءِ کليل آهن سڀاڻي انهن عالمي مفادن جي صورت ۾ آمريڪا جيڪڏهن سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچي جي قسمت جو فيصلو يا حق حاڪميت لاءِ ڪو ريفرينڊم ڪرائي ته ڪهڙو ڀيانڪ نتيجو ايندو؟ ڇاڪاڻ ته هتي اسان پنهنجي اڪثريت، حق حاڪميت عملي طور وڃائي رهيا آهيون. سنڌ ۾ پارليامينٽ اڄ اهو ڏيک ڏئي رهي آهي ته ڪيترن ئي ڌارين نسلن ۽ قومن جا ماڻهو هتان پاڻ چونڊرائڻ جي طاقت حاصل ڪري ويا آهن. مثال طور تعيلم جو وزير عرفان الله مروت اسان جي حساس کاتي جو سربراهه رهي چڪو آهي. جنهن عظيم اداري جا سربراهه سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، غلام مصطفيٰ شاهه جهڙا عالم ۽ فاضل رهيا آهن اڄ ڌاريو ان اداري جي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي.
سنڌ جي پارليامينٽ ڇا، سنڌ ڪابينا، وزارتي ڊويزن، اعليٰ پائي جي ڪامورن، ناڻي جي وزارت، ثقافت جي وزارت تي غير سنڌي قابض آهن، هي سنڌ جو انتهائي حساس ۽ ڀيانڪ دور آهي. ٻئي طرف پختون عوام ۽ پختون ليڊرشپ حامد ڪرزئي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. بلوچن کي خطرو آهي ته گوادر پورٽ سميت ميگا پراجيڪٽ سان هو پنهنجي هڪ وڏي علائقي کان محروم ٿي ويندا. حالتون ڪهڙيون به هجن. پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ سان پختون ۽ بلوچ مستقبل ۾ محفوظ آهن پر اسان سنڌ واسي غيرمحفوظ آهيون. انهن عالمي تبديلين جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ جي کوٽ سبب وڏو خطرو سنڌي قوم کي آهي ڇاڪاڻ ته هندستان سنڌين کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ لاءِ ان پنهنجي بي ٽيم لاءِ نسل پرست الطاف حسين سان رابطو ڪري ورتو آهي. هتي هڪ خطرناڪ راند شروع ٿي آهي جنهن ۾ بيٽنگ جنرل پرويز مشرف ڪري رهيو آهي ۽ فيلڊنگ پنجاب ڪري رهيو آهي. بالر الطاف حسين آهي اسان ميدان کان آئوٽ آهيون. سنڌ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۾ پنهنجي پوري قومي وحدت جي سڃاڻپ رکي ٿي پر سنڌ جا وسيلا طاقت، جبر ۽ ڏاڍ جي زور تي ڦٻايا ويا آهن. هڪ طرف سنڌي قوم کي نسلن، گروهن، گروپن ۾ ورهايو ويو آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي ڄاڻي واڻي گهڻ نسلي ۽ گهڻ قومي قرار ڏيڻ لاءِ سازشون ٿيون آهن. جيڪي سازشون جاري آهن اهوئي سبب آهي جو 1947 کانپوءِ اڄ تائين سنڌ پنهنجي مرضي سان وڏو وزير به چونڊي نه سگهي آهي. جيڪو سنڌ جي شهيد حاڪم الله بخش سومرو جيترا اختيار رکي! جنهن انگريز سرڪار جي مخالفت جي پرواهه نه ڪندي سنڌي قوم پرست اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ان وقت سرڪاري استقبال ڪيو جڏهن هو جلاوطني ختم ڪري سنڌ اچي رهيو هو. سنڌ کي اسلام آباد جو مقرر ٿيل هڪ صوبيدار هلائي رهيو آهي. اڄ ته سنڌ جي حالت اها آهي ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي نام نهاد پارلياماني گروپ جي ميٽنگ به سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي چيمبر يا وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏائڻ جي بجاءِ گورنر هائوس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي. هي سنڌ جي پارلياماني ۽ جمهوري روايت جي لتاڙ آهي. صوبائي خودمختياري جي لتاڙ آهي جو وڏو وزير پارلياماني اجلاس سڏائڻ جيترو به اختيار نه ٿو رکي. علي محمد مهر کان اڳ سنڌ ۾ اهڙو ڪڏهن به واقعو پيش نه آيو آهي. سنڌ هڪ طرف اهڙن اڪيچار مسئلن ۾ جڪڙيل آهي، پنهنجن حقن کان محروم آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي عوام جو اهو رد عمل آهي جو پريس ڪلب آڏو پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي بغير ڪنهن سياسي پارٽي جي سڏ جي پنهنجا مسئلا اظهار ڪري رهيو آهي. مسئلو ڪالاباغ ڊيم جو هجي يا ٿل ڪئنال جو، اوٻاوڙو ۾ بينظير ڀٽو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سياسي اڳواڻ هڪ صف ۾ بيٺل آهن. اڄ سياسي اختلافن باوجود اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي ۾ ممتاز ڀٽو به شامل آهي پر پوءِ به انهن عالمي تبديلين سامهون اسان پنهنجو اڀياس ڪنداسين ته هڪڙيون ٺوس حقيقتون سامهون اينديون.
1. اسان وٽ ڪابه حڪمت عملي ڪانهي.
2. قومپرست تحريڪ اندر ڪجهه قيادت جهالت جو شڪار آهي.
3. سنڌ معاشي طور ڏيوالي طرف وڃي رهي آهي.
4. لٽريسي ريٽ گهٽجي رهيو آهي.
5. هڪ دفعو ٻيهر جاگيردار ڪلچر منظم ۽ متحرڪ ٿي رهيو آهي.
6. مڊل ڪلاس ۽ قومي سرمائيدار کان سنڌ محروم آهي.
هي اُهي خاميون آهن جنهن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي فلسطين جهڙو نقشو ناهي ملي سگهيو، ڪنهن به هڪ ڳالهه تي اسان ۾ اتفاق ناهي، هڪڙا چون ٿا ته پاڪستان کان الڳ ٿيو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، ٻيا چون ٿا ته سنڌ جا قومي حق فيڊريشن ۾ ئي ملي سگهن ٿا. ٽيان چون ٿا ته سنڌ کي هن وقت قومي، جمهوري، پاپولر تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ قوم جي هر سڄاڻ حصي کي پنهنجي پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ اها درد ڀري اپيل ڪجي ته اچو ته گڏجي سنڌ بچايون. مڊل ڪلاس اسان وٽ مصنوعي آهي، جنهن جي حالت اها آهي ته اوڙاهه جهڙي ناول جو ليکڪ غلام نبي مغل پنهنجي ڪتاب جو مهورت ان شخص کان ڪرائي ٿو جيڪو ڪنهن سياسي ڊيل ذريعي سنڌ جو گورنر ٿيو آهي. گورنر ٿيڻ کان اڳ سنڌ هائي ڪورٽ ان شخص کي خطرناڪ دهشتگرد قرار ڏيندي ڀاڄوڪڙ جو به ٺپو هڻي ڇڏيو هو. ان کي اڄ اسان مڊل ڪلاس سڏي رهيا آهيون، جنهن مڊل ڪلاس ڇاونجاهه سالن ۾ صرف ون يونٽ ۽ سنڌي ٻولي وارن ٻن واقعن ۾ ڪردار ادا ڪيو. جيڪو به قومي شعور آهي اها نج سياسي پارٽين جي انقلابي محنت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هي سڀ برايون ۽ بڇڙايون ان ڪري به آهن ته هتي مڊل ڪلاس جي واضح ڪردار نه هئڻ سبب ترتيب بگڙيل آهي. دنيا جي قومن جي گائيڊ لائين يا رهبري جو وسيلو انهن جو وچولو ڪلاس هوندو آهي جيڪو وچولو ڪلاس علم عقل ۽ پنهنجي ڏاهپ سان پنهنجي قوم کي ڇڙواڳين کان بچائڻ لاءِ بار بار خبردار ڪندو رهندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان باخبر اداري کان محروم رهيا آهيون. ٻن شاعرن، ٽن ڪالم نويسن، چئن ڪتابن جي ليکڪن، بغير ڪنهن ايجنڊا تي مضمون نگاري ڪندڙ چند ماڻهن جي ٽولي کي اسان مڊل ڪلاس جو درجو نٿا ڏئي سگهون.
سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئڻ کپي جو هر غلامي جو سياسي طرح جو اڀياس ڪري سگهي، عالمي تبديلين جي خطرن کي سمجهي سگهي. اهو سڀ عمل اسان کي سنڌ ۾ نظر نٿو اچي. ان لاءِ اهي سنڌ جي قومي تحريڪ جا منفي رجحان آهن. انهن جو خاتمو ضروري آهي. مثال طور عالمي تبديلين جي روشني ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا لاڳاپا سڌرندي نظر اچن ٿا اها مثبت تبديلي آهي پر اسان لاءِ خطرو هي آهي جو اسان جي مرضي ۽ صلاح جي بغير اسان جي راءِ ۽ ڳالهه سمجهڻ کان بغير حڪمران چون ٿا ته اسان کوکراپار جو رستو کولينداسين. بلڪل جيڪڏهن سنڌ جي حق حاڪميت جا سمورا اختيار اسان وٽ هجن ته اسان رڳو هندستان ڇو سمورن پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين عالمي منڊين سان ناتا ۽ رشتا جوڙڻ تي فخر محسوس ڪنداسين پر هتي ڳالهه ابتي آهي. سنڌ ۾ اڄ اسان وٽ سنڌ جي حاڪميت جو حق ناهي ۽ جيڪڏهن ان ماحول ۾ کوکراپار رستو کوليو ويو ته هندستاني پاڙيسري رياستون جتي مذهبي نفرتون، بک ۽ بدحالي آهي، اتان اسلام جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر لکين ماڻهو سنڌ ڏانهن منهن ڪندا جنهن نسل جا ماڻهو اڳيئي سنڌ ۾ آباد آهن پوءِ کوکراپار سرحد کولڻ جي حمايت ڪندڙ اهو ٻڌائي سگهندا ته مستقبل ۾ سنڌ جو نقشو ڪهڙو هوندو؟