1 قومي جذبو ۽ قومي اخلاق
حڪيم محمد فتح سيوهاڻي
هن مضمون ۾ ليکڪ قومن جي عروج تي، قومي جذبي ۽ قومي اخلاق جي ڪردار کي مختلف پهلوئن سان بيان ڪيو آهي.
حڪيم صاحب فرمائي ٿو ته اهڙو نڪ نرڄو ۽ نرالو انسان مشڪل سان ملندو جنهن کي مٽي مائٽي جو جذبو نه هجي ڇو ته اها انسان جي پيدائشي خاصيت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڪنهن عزيز کي مشڪل ۾ ڏسندو آهي ته پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به ان جي مشڪل دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي يا ان جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف محسوس ڪندو آهي. ساڳئيءَ طرح جڏهن گهڻيون قومون محبت ۽ ٻڌيءَ جي ناتن ۾ ڳنڍجي وڃن ٿيون ته انهن ۾ به اهو ساڳيو جذبوپيدا ٿي وڃي ٿو. يعني سڀئي قومون گڏجي هڪ قوم ٿيو پون. انهن گڏيل قومن جي گلدستي ۾ اها ئي مائٽي واري خوشبوءِ پيدا ٿي وڃي ٿي.
قوميت ۽ قومي جذبي واري قوم تي ڪو ڌاريو حاڪم نه بڻجي سگھندو آهي.حڪيم صاحب ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته قوميت ۽ قومي جذبو قومن لاءِ هڪ وڏي عزت ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ محڪم قلعو آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته جڏهن قوم مان قومي جوش ۽ جذبو فنا ٿي يا گھٽجي ويو ته اها قوم غلام بڻجي ويندي. ان لاءِ لازم آهي ته قوميت ۽ قومي جذبي کي ناس ٿيڻ کان بچائجي.
جڏهن ڪا قوم ٻئي قوم جي حڪومت هيٺ رهي، عيش ۽ آرام ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي، تڏهن ان جو مقصد صرف دولت ڪمائڻ ۽ محلاتون اڏائڻ رهجي وڃي ٿو ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهن مان قوميت ۽ قومي جذبو ختم ٿي وڃي ٿو۽ هو غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح اها قوم زنده لاش وانگر زمين تي گھمندي نظر اچي ٿي. انهن جو اولاد وڏن جي غلاميءَ سببان بزدل رهي ٿو. مرد زالن وانگر ۽ زالون جنازن وانگر ٿيو پون.
انهيءَ لاءِ لازم آهي ته عيش ۽ آرام کي ترڪ ڪجي ڇو ته عيش عشرت قومي جذبي لاءِ اهڙو قاتل زهر آهي جيڪو انسانن کي پنهنجي انساني ۽ قومي حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري انسان نه صرف جسماني طور پر روحاني طور پڻ تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو.
سٺا اخلاق ۽ سٺيون عادتون انسانيت جون نشانيون آهن، جنهن ۾ اهي خوبيون ناهن اهو وحشي ۽ حيوان سڏجي ٿو. ڇو ته انسان اهو آهي جيڪو نيڪ لاڙن ڏانهن سوچي. نيڪ اخلاق حڪومت ڪرڻ ۽ انتظام هلائڻ لاءِ ضروري آهن. ڇو ته الله تعالى جنهن قوم کي حڪومت ڏيڻ گهري ٿو ته پهرين ان جي عادتن ۽ لڇڻن کي سنواري ٿو۽ جڏهن ڪنهن قوم کان حڪومت کسيندو آهي ته ان جي اخلاقي حالت خراب ٿيو وڃي ۽ الله تعالى پنهنجي مهرباني جي ڇانو انهن تان هٽائي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن مٿيون ڄاڻايل خوبيون ۽ خاميون ڪنهن قوم ۾ نظر اچن ته پڪ ڄاڻو ته حڪومت تبديل پئي ٿئي ڇو ته اهو خدا جو قانون آهي.