تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1882ع م سيوهڻ م ڄائو. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو، جيڪو وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن پنجن سالن جو ٿيو ته مائٽن کيس مدرسي ۾ داخل ڪرايو. جتان عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ وڌيڪ عربي جي تعليم وٺڻ لاءِ ضلعي دادو جي ڳوٺ سيتا ۾ ويو. 1321هه ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ جي جامع مسجد ۾ اسلامي مدرسو کوليائين. سندس ناموري ٻڌي ڪيترائي شاگرد اچي سندس مدرسي ۾ داخل ٿيا. ان قابليت کي ڏسي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ عربي ۽ فارسي جو استاد مقرر ٿيو ۽ مذهبي توڙي ادبي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. پاڻ تاريخ، ادب، حديث، تفسير، شعر ۽ شاعري ۾ ماهر هو. سندس نثر ۾ لکيل ڪتاب “داستانِ قوم حيات النبي ﷺ” ۽ “ڪمال ۽ زوال” تمام گھڻو مشهور آهن.
حڪيم صاحب بلند پايي جو صحافي پڻ هو ۽ 1925ع ۾ “الجامع” رسالو جاري ڪرايائين. جنهن ۾ مسلم قوم جي حالت تي تمام گھڻا مضمون لکيائين. خاص طور تي مسلمانن کي جديد علوم جو شوق ڏيارڻ سان گڏ مذهبي تعليم طرف به راغب ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين. ڪراچي ۾ رهڻ دوران پاڻ ڪچهري روڊ تي پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ حياتي جو باقي وقت اتي ئي گذاريائين.هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.