تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“

ڊاڪٽر نبي بخش ولد علي محمد خان لغاري بلوچ علمي، تعليمي، ادبي ۽ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ متعارف شخصيت آهي. سنڌي لوڪ ادب ۽ لغت، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي شاعري تي سندس تحقيق بلند معيار تي پهتل آهي. پاڻ ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. جڏهن ته مئٽرڪ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز مان ڪري بي_ اي بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙهه مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. جتان 1943ع ۾ ايم_اي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو.ساڳي سال ايل_ايل_بي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1946ع ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت روانو ٿيو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايجوڪيشن ۾ ايم_ اي ۽ ڊاڪٽري جي اعلى ڊگري حاصل ڪيائين. 1949ع ۾ پاڪستان موٽي آيو ۽ ڪجهه وقت وزارتِ داخلا جي انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ ڊويزن ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي طور ڪم ڪيائين. انکانپوءِ مشرقِ وسطى ۾ تعليمات ۽اطلاعاتِ عامه جون ذميداريون ڏنيون ويون پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ۽ تربيت کي اهميت ڏني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صدر شعبهءِ تعليم طور پهريون پروفيسر مقرر ٿيو.
هڪ محقق ۽ عالم، دانشور ۽ مبصر جي حيثيت ۾ يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪندي حڪومتِ پاڪستان کيس “تمغهءِ پاڪستان” جو اعزاز ڏنو آهي.