تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

11. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي

. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي
(عبدالقيوم صائب)
هي مضمون عبدالقيوم صائب جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ناول نويسيءَ تي بحث ڪيو آهي. ناول انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي ”نئين يا عجيب شيءِ“. ناول سنڌي ۾ انگريزي ادب ذريعي داخل ٿيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو اصطلاحي نالو پڻ کڻي آيو. اڄُ ڏينهن تائين اديبن کي انجي جاءِ تي ٻيو نالو استعمال ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي.
ادب ۾ ناول انهيءَ قصي کي چئجي ٿو،جنهن ۾ ڪنهن خاص نقطهءِ نظر سان زندگيءَ جو حقيقي ۽ سچو روپ پيش ڪيو ويو هجي. ناول ۽ قصي ۾ اهو فرق آهي ته پراڻن قصن ۽ داستانن ۾ گھڻو ڪري مافوق الفطرت شين کي اهميت ڏني ويندي آهي، پر ناول انساني زندگي جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ انساني زندگي جي روزمره جي واقعن جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو يورپ جي علمي سجاڳي ۽ سرمائيداري دور جي پيداوار آهي.
ناول جيئن ته زندگي جي حقيقتن ۽ واقعن کي اڳيان رکي اڳتي وڌيو آهي، تنهن ڪري ان جو ميدان تمام وسيع آهي، جيتري زندگي. ناول جا هونئن ته گھڻائي قسم آهن. پر انجا ٻه قسم وڌيڪ اهميت جاڳا آهن.
1 . رومانوي ناول
2 . نفسياتي ناول
رومانوي داستانن ۾ واقعن تي گھڻو زور ڏنو ويو آهي ۽ ان مان وندر، سڌاري يا کِل خوشي پيدا ڪرڻ جو ڪم نٿو ورتو وڃي ۽ نه ئي انهن ۾ حاضر مسئلن تي ڪو بحث ٿئي ٿو، بلڪه ان جو لاڙو هر انهيءَ پاسي رهي ٿو، جتي جتي تخيل جي اُڏام وڌيڪ بلند ۽ اعلى ٿي سگھي ان جي ڀيٽ ۾ نفسياتي ناول ۾ ڳوڙهي ويچار کي ايتري آزادي نٿي ملي ۽ ان ۾ حقيقت نگاري وڌيڪ هوندي آهي. سندس عمل جو دائرو معاشرت، سيرت ۽ ڪردار تائين محدود هوندو آهي.
جهڙي طرح ناول ۽ داستان ۾ فرق آهي تهڙي طرح ناول ۽ افساني ۾ به بنيادي ۽ فني فرق آهي. ناول انساني حياتي جي مڙني حالتن جو مڪمل جائزو پيش ڪري ٿو. پر افسانو ڪنهن هڪڙي پهلو جي تصوير پيش ڪري ٿو. ناول ۾ مرڪزي پلاٽ سان گڏوگڏ ضمني پلاٽ پڻ ٿيندا آهن. جڏهن ته افساني ۾ فقط هڪ پلاٽ هوندو آهي. حاصل مقصد ته ناول کي جيڪو وسيع ميدان ۽ ماحول مليل آهي سو افساني کي نصيب ڪونهي.
ناول جا مکيه عنصر هي آهن.
1 . قصو
2 . پلاٽ
3. ڪرداري نگاري
4. ماحول ۽ منظر نگاري
5. جذبات نگاري
6. گفتگو يا مڪالمه
7. ٻولي ۽ بيان
8.نقطهءِ نظر
9. فنڪاري
قصي کانسواءِ ناول کي ناول نه چئي سگھبو. پلاٽ کي پڻ ناول جي عنصرن ۾ اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامياب ناول ان کي چئبو آهي، جنهن جو پلاٽ مڪمل هجي. ايئن ئي ناول کي ڪردار نگاريءَ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ماحول ۽ منظر نگاريءَ کي به ناول ۾ وڏو عمل دخل آهي. ڪامياب ناول نگاري جي اها پڻ نشاني آهي ته هو جذبات نگاري تي پڻ ڌيان ڏئي. ناول ۾ مڪالمه اهڙا صاف ۽ موزون هجن جو هر هڪ ڪردار صاف ۽ الڳ نظر اچي ۽ ٻولي اهڙي ڪم آڻجي جيڪا سليس ۽ بامحاوره هجي. ناول نگاري پڻ هڪ فن آهي ۽ انجا اصول اهڙا هجن جو پڙهندڙن تي بار نه پوي.
ليکڪ ناول جي مختصر تاريخ بيان ڪندي چوي ٿو ته سندي ٻولي جو پهريون ناول ”راسيلاس“ آهي جيڪو ساڌونولراءِ ۽ منشي اڌا رام گڏجي لکيو هو. جيڪو 1870ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اصل ۾ اهو ڊاڪٽر جانسن انگريزي ۾ لکيو هو، ان کانپوءِ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ “دلارام” ناول لکيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناول ليکيو وڃي ٿو ۽ 1890ع ۾ ٻيو ناول “زينت” لکيو ويو. جنهن ۾ ٻارن جي پرورش ۽ صحت ۽ اصول ٻڌايا ويا آهن.