تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (1690_1752)

سُرُ يمن ڪلياڻ
(1)
تون حبيب، تُون طبيب، تُون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انـــــــواع،
صاحب! ڏيج شفا ميــــــــــــان! مريضن کي.
سمجھاڻي:شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُرُ يمن ڪلياڻ جي هن بيت م پنهنجي خالق مالڪ ۽ پالڻهار سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته اي الله! تون ئي منهنجو دوست آهين، تون ئي منهنجو ويڄ ۽ منهنجي مرضن جو علاج آهين، منهنجي اندر ۾ دغا، فريب، ڪوڙ، دوکو، حرام خوري ۽ خود غرضي وغيره انيڪ قسمن جون پيڙائون آهن. اي صاحب! تون ئي انهن مرضن ۾ ڦاٿل مريضن کي ڇوٽڪارو ڏي.
(2)
تُون حبيب، تون طبيب،تون درد جـــــــــون دارون
دوا آهِنِ دل کي، تنهنجـــــــون تنــــــــــــــــــــــــوارون ،
ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻُڪي ٻئنئون نه ٿئي.
سمجھاڻي: اي رب ! تون ئي منهنجو دوست ۽ حڪيم آهين. تون ئي تڪليفن جي دوا آهين. هن دنيا جا حڪيم منهنجي مرض کي نه سمجھي سگھيا آهن ڇو ته تنهنجو ذڪر ۽ تنهنجي يادگيري منهنجي بيماريءَ جو علاج آهي. ان لاء منهنجي پڪار اها آهي ته منهنجي هن بيماريءَ جو علاج دنيا جي هن حڪيمن کان نه پر تنهنجي هٿن سان ٿئي ٿو. منهنجي هن بيماريءَ کي دور ڪرڻ لاء منهنجي نفس کي ايترو سرڪش نه ڪجانءِ، جو توسان آئون ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪريان.
(3)
تون حبيب، تون طبيب، تُنهـــــــــــــــــــــم ڊٺن ڊڀُ،
تون ڏيين، تون لاهيين تون، تنهم هــــادي، رب،
آهِم اِيءٌ عجب، جِن وارئو ويڄ ويهـــــــــــــاريين،
سمجھاڻي: اي الله تون منهنجو سڄڻ ۽ محبوب آهين. تون ئي حڪيم ۽ بي سهارن جو سهارو آهين. تون ئي آزمائڻ لاءِ تڪليفون ڏئين ٿو ۽ وري انهن کان آجو ڪرين ٿو. شاهه سائين آخري سٽ ۾ تعجب کائي چوي ٿو ته اي مالڪ! مون کي انهيءَ تي عبرت آهي ته جڏهن تون زبردست حڪيم آهين ته تو هن دنيا ۾ حڪيم ڇو ويهاريا آهن؟ جو اسان جي دلين ۾ ايڏا وسوسا ٿو وجھين جو تنهنجي هوندي اسان دنيا جي حڪيمن کان علاج ڪرايون پر اصل شفا ته تنهنجي هٿ ۾ آهي. تون ئي هن بيماريءَ کان نجات نصيب فرماءِ.


(4)
تون حبيب، تون طبيب، تــــــــــــُون دارون کي دردن،
تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتر کي ڏکنــــــــــــــــــــــــــــــدن،
تڏهن ڦڪيون فرق ڪَن، جڏهن امر ڪرهو ان کي.
سمجھاڻي: ياالله! تون منهنجو دوست ۽ حڪيم آهين. منهنجي تڪليفن جو علاج به تون ئي آهين. اي ڏاتار! تون ئي ڏک ڏيڻ وارو آهين ۽ انهن کي دور ڪرڻ به تون ئي ڄاڻين ٿو. هي ڊاڪٽر دوائون ته ڏين ٿا پر ٺيڪ ڪرڻ جي سگھ کان محروم آهن. ان لاءِ چون ٿا ته دوائون تڏهن اثر ڪنديون جڏهن انهن دوائن کي الله پاڪ جو حڪم ٿيندو. ڇاڪاڻ ته تون ئي ڪائنات جو خالق، مالڪ ۽ قادر آهين. هر شيءِ تنهنجي حڪم جي تابع آهي.



سُرُ يمن ڪلياڻ
(1)
پچ پتنگن کي، سندن کامـــــــــڻ خبرون،
آڻئو وجھن آڳ ۾. جِي پنهنــــــجو جي،
جيئري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا.
سمجھاڻي: شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جيڪڏهن توهان خدا جا سچا عاشق آهيو ۽ خدا تعالى جي قرب حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيو ته تڪليفون برداشت ڪريو. پتنگن کان پڇو ته جلبو ڪيئن آهي؟ اهي پنهنجي جسم کي باهه ۾ اڇلائن ٿا ڇو ته انهن کي جيئري ئي عشق جون نائڪون لڳل آهن ۽ اهي عشق جي راهه ۾ تڪليفن کان بي نياز هوندا آهن.
(2)
پتنگ چايين پاڻ کي، ته اچي آڳُ اُجھاءِ!
پچڻ گھڻا پچائيا، تون پچـــــــڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عـــــام کي.
سمجھاڻي: جيڪڏهن اي انسان! تون پاڻ کي سچو طالب سڏائين ٿو ته باهه کي پاڻ ۾ جذب ڪر. مطلب ته تون پنهنجو پاڻ کي خدا جي وجود ۾ فنا ڪري ڇڏ. ان آتش (پچڻ) گھڻن کي جلائي ڇڏيو آهي. پر تون خود ان آتش کي جلاءِ. جڏهن تون ان منزل ۾ ڪامياب ٿي وڃين ته پوءِ اهو راز ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ ڇو ته ماڻهو بي سمجھ آهن.
(3)
پتنگ چايين پاڻ کي، ته ڄيري پؤ ڄاڻي،
تان تان تاڻج تَوَ ڏي، جان آڳ نه اُجھاڻي،
وسههُ وهاڻي ،آڳ نه ڏجي عــــــــــــــام کي.
سمجھاڻي: جيڪڏهن تون پاڻ کي عاشق سڏائين ٿو ته محبت جي مچ جي تپش کان آگاهه رهه يا قرباني ڏيڻ لاء تيار رهه. جيستائين باهه وسامي نه وڃي. مطلب ته تون باهه کي پاڻ ۾ ڀسم ڪر پنهنجو ۽ محبوب جو وجود هڪ ٿي وڃي، پوءِ اها خبر ماڻهن کي نه پوڻ ڏي.
(4)
پتنگ چايين پاڻ کي، ته پسي مچ مَ موٽ،
سَهائي سپرين جي، گھـــــڙ ته ٿيين گھوٽ،
اڃا تون اَروٽ! کوري خبر نه لهــــــــــــــــــــين.
سمجھاڻي: جيڪڏهن تون پاڻ کي عاشق سمجھين ٿو ته باهه ڏسي پوئتي نه موٽ. پر انهيءَ باهه جي شعلن ۾ ٽپي محبوب جي اڳيان سرخرو ٿي ۽ حقيقي منزل ماڻ. تون اڃا ڪچو سيکڙاٽ آهين. کوري ۾ جلڻ جي خبر تو کي نه آهي.
(5)
پتنگن پهه ڪئو، مڙئا مٿـــــــــــي مَڄ،
پسي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سَچَ،
ســـــــندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
سمجھاڻي: پتنگا ارادو ڪري اچي جان نثاريءَ لاءِ تيار ٿي اچي بيٺا ۽ اهي باهه جي تو ۽ تاب کي ڏسي پوئتي نه هٽيا بلڪه سچ جي مٿان ساهه صدقي ڪري ويچارن پنهنجون ڪيئي سسيون قربان ڪري ڇڏيون.
(6)
چڙهئو چڪاسن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيـــــــا،
وهسن واڙي ڦُلَ جنءَ، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻ اَڙاءِ، کڻي کـــــــــــــــوري وچَ ۾.
سمجھاڻي: پتنگن جي اها فطرت آهي ته جتي باهه ڏسن اتي هليا ايندا آهن. شاهه صاحب هن بيت ۾ عاشقن کي چوي ٿو ته پنهنجي اندر ۾ اها فطرت پيدا ڪريو ته جتي به توهان جو محبوب (الله) آهي اتي پهچي وڃو. آڙاهه کي واڙيءَ جي گلن مثل سمجھي ان ۾ ٽپي پئو ۽ پاڻ کي محبوب جي هستيءَ سان گڏ ڪري پنهنجو وجود ڀسم ڪري ڇڏ.

سُرُ کنڀاٽ
(1)
چوڏهينءَ چنڊ! تون اُڀرين سهسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪريين هزار،
جهڙو تــــــــــون سڀ ڄمار،تهڙو دم دوست جـــــــــو،
سمجھاڻي: شاهه صاحب سر کنڀاٽ جي هن بيت ۾ چوڏهين جي چنڊ سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اي چوڏهينءَ جا چنڊ! تون سوين سينگار ڪري نڪرين ٿو ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ چانديءَ جو گولو هجين پر پوءِ به منهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ جي ذري برابر به ناهين. تنهنجي سڄي عمر جي سونهن منهنجي محبوب جي هڪ پل جي سوجھري ۾ آهي.
(2)
سهسين سڄن اُڀري، چوراسي چنــــــــڊن،
با الله، ري پرين، سڀ اونڌاهي ڀانئيان.
سمجھاڻي:شاهه صاحب پنهنجي محبوب جي حسن کي ساراهيندي چوي ٿو ته سوين سج ۽ سوين چنڊ گڏجي هن دنيا کي روشن ڪرڻ لاءِ نڪرن تڏهن به منهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ جي هڪ جلوي جي برابر نٿا ٿي سگھن. جيڪڏهن منهنجي محبوب جي جلوي جو نور نه هجي ته هر طرف اونداهي آهي.
(3)
چنڊ! چٽائي تنهنــــــــــــــــجي، سياهيءَ ۾ سور،
لايان لال لـــــــــــــــڱن کي، چندن ڀري ٻــــــــــور،
ڪوماڻو ڪپور، مون وانجھائيدي پرينءَ کي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاهه صاحب چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته اي چنڊ! تنهنجي روشني مونکي محبوب جي جدائيءَ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ڏئي. آئون پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ لڱن کي ڪافور هڻي خوشگوار ڪيو ويٺو آهيان. مون محبوب جو ايترو انتظار ڪيو آهي جو اها لڱن تان خوشبوءِ به اڏامي وئي آهي. تون وري مون کي پنهنجو حسن ٿو ڏيکارين. مون کي نفرت آهي ان خوبصورتيءَ سان جيڪا محبوب جي جدائيءَ ۾ سامهون اچي.
(4)
چنڊ! چئين حق، جي وڙهين جي وچرين،
ٻه اکيون ٽئو نڪ، تو ۾ ناهي پرينءَ جو.
سمجھاڻي: شاهه صاحب هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته اي چنڊ! اگر تون ناراض ٿئين، وڙهين يا بيزار ٿئين پر ڳالهه حق ۽ سچ ٿو ڪريان ته منهنجي محبوب جي هڪ به وصف تو ۾ ناهي. جيڪي خوبيون منهنجي محبوب ۾ آهن تو ۾ انهن جي کوٽ آهي.


(5)
چنڊ! چئين سچ، جي مــَــــــــــــــــــــــٺي مور نه ڀائيين،
ڪڏهن اڀرين سنـــــــــــــــــــــــــهڙو، ڪڏهين اڀرين ڳچ،
منهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهــي پيشاني پرينءَ جي.
سمجھاڻي: اي چنڊ! اگر ناراض نه ٿئين ته تو کي هڪڙي ڳالهه چوان، تنهنجي حسن ۾ استقامت ۽ پائيداري ناهي، تون ڪڏهن سنهڙو ٿو اڀرين ته ڪڏهن ٿلهو. جيڪا روشني ۽ حسن تنهنجي منهن ۾ آهي اها روشني ۽ حسن منهنجي محبوب جي تر جي برابر به ناهي.
(6)
کڻي نيڻ خـــــــمار مان، جا ڪيائين ناز نظر،
سورج شاخون جھڪيون، ڪــــــو ماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکينــــــــــــــــدي دلبر،
جَھڪو ٿيو جوهَرُ، جانب جي جـــــمال سين.

سمجھاڻي: شاهه صاحب هن بيت ۾ حضور ﷺ جن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ هن دنيا تي ناز جي نظر وڌي ۽ تشريف فرما ٿيا ته سج جا ڪرڻا گھٽ ٿي ويا ۽ چنڊ جي چانڊوڪي جھڪي ٿي وئي. حضور ﷺ جن کي ڏسندي ئي تارن ۽ ڪتين پنهنجين روشنين کي ئي جھڪو ڪري ڇڏيو ۽ ادب سان پيش اچي پيا.

ليلا چنيسر
(1)
ليلا حيلا ڇَڏِ، جي تون سوڀي سکيين،
پائي پانـــــــد ڳيچيءَ ۾، پاڻ غريبي گڏ،
سمجھاڻي: اي سهڻي ليلا! جيڪڏهن توکي خطا معاف ڪرائڻي آهي ته حيلا ۽ بهانا ڇڏ. غلطيءَ تي پردو وجھڻ لاءِ ان تي دليل بازي نه ڪر. پر منٿ ميڙ ڪر ۽ هيٺاهين ٿيءُ ۽ ٻاڏائيندي رهه ته توکي هرگز نه چوندو ته هتان هلي وڃ.
(2)
جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي، ته روئي ريجھائج،
ليــــــــــــــــلا! ليــــــــــــــــــــــلائج، اٿئي ماڳ منٿ جو
هَڏ نه چندءِ لڏِ، جي ڪارون آيڻين ڪانـــــــڌ کـــي
سمجھاڻي: اي ليلا! تون پنهنجي ور کي دانهون، ڪوڪون ڪري روئي پرچاءِ، منٿ، ميڙ ۽ نوڙت ڪر ڇو ته هي ئي جهان معافي گھرڻ جو اٿئي.
(3)
جي ليـــــلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو.
سمجھاڻي: اي ليلا! جيڪڏهن منٿن سان به پرينءَ کي حاصل نه ڪري سگھين تڌهن به منٿون ڪندي رهه، نااميد نه ٿي ڇو ته محبوب جي محبت ۽ ٻاجھ تمام گھڻي آهي.
(4)
سڀيئي سُهــــــــــــــــــــاڳِڻِيون، سڀني ڳِچيءَ هار،
پَسَڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار
ڍول تنين جي ڍار، هيٺــــــــــــــــاهيون هلن جي.
سمجھاڻي: پنهنجي ورن واريون عورتون پنهنجي ڳچيءَ ۾ هار پائي پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاء سوين سينگار ڪن ٿيون. تنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ هيٺاهين ڪن ٿيون. اي ليلا! تون به ايئن ڪر. اهو ئي رستو اختيار ڪر ته جيئن توکي به پنهنجي پرينءَ جو قرب حاصل ٿئي.