تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

2 . سمن جو دور

سمن جو دور پڻ سنڌي ادب جو تعميري دور هو. هن دور جو جيڪو ادبي ذخيرو مليو آهي، ان تي هن کان اڳ بحث ڪيو ويو آهي. هيٺ ان ادبي ذخيري جو مجموعي جائزو پيش ڪجي ٿو.
1. منڍ ۾ لساني خصوصيتون ۽ ادبي روايتون ساڳيون سومرن واري دور واريون رهيون، يعني سخا ۽ سورهيائي جا قصا ڳايا ويا، جن جي وچ تي ڳاهون به هونديون هيون. انهن کانسواءِ واقعاتي ۽ بياني بيت پڻ چيا ويا.
2. رومانوي قصا پڻ ڳايا ويا، جن ۾ مقالماتي بيت آندا ويا. اهو رواج پوءِ به قائم رهيو.
3. هن دور ۾ دهليءَ جي حڪمرانن سنڌ تي حملا ڪيا، جنهن ڪري ماڻهن ۾ وطن کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد رکڻ جو جذبو پيدا ٿيو. انهيءَ جذبي جي عالمن ۽ بزرگن به همت افزائي ڪئي. مخدوم بلاول کي انهيء ڪري شهيد ڪيو ويو. انهيءَ جذبي سبب ٺٽي جي رهاڪن ۾ هڪ فقرو مشهور ٿي ويو جنهن کي قومي نعرو يا جنگي رجز چئي سگھجي ٿو.
4. هن دور ۾ سرڪاري زبان فارسي هئي. فارسيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو آغاز ٿيو ۽ سنڌ بلند پايه شاعر پيدا ڪيا. ان کانسواءِ ان دور ۾ اسلامي علمن ۽ فنن به وڏي ترقي ڪئي. ڪيترائي جيد عالم پيدا ٿيا. جهڙوڪ قاضي قادن، حماد جمالي، شيخ عيسى لنگوٽي، شيخ جھنڊو پاتڻي، ڄام نندو، مخدوم بلال، ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر وغيره.
5. سنڌي ٻولي ۾ ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات،لسٻيلي، قلات، مڪران، سبي، ڀاڳناڙي، لاسي، جدگالي، ٿري محاورا وجود ۾ آيا.
6. عوام کانسواءِ حڪمرانن جي به مادري زبان سنڌي هئي. انکانسواءِ حڪمران ڀٽن ۽ ڀانن جي به سرپرستي ڪندا هئا، انهيءَ ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌي قصن جو عام چرچو ٿيو.
7. سنڌ جي صوفي بزرگن به سنڌي شعر جي سرپرستي ڪئي. هنن پنهنجا خيال ويچار ۽ تصوف جا مسئلا سنڌي بيتن جي صورت ۾ بيان ڪيا.
8. هن دور ۾ بيتن کانسواءِ اهڙا فقرا به ملن ٿا جيڪي تُڪ بندي ۾ آهن. جهڙوڪ: درويش نوح هوٿياڻيءَ جو چيل فقرو ٺٽي وارن ۾ مشهور جنگي نعرو ۽ شاهه مراد شيرازيءَ جو چيل دعائيه فقرو.
9. هن دور جا جيڪي بيت مليا آهن انهن مان ڪي اڳڪٿي جي نوعيت جا آهن، ڪن ۾ خوشحاليءَ جي تمنا آهي ۽ ڪن ۾ وري معمائي انداز آهي.
10. هن دور جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ان وقت جي سياسي ماحول، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، مذهبي تحريڪن جي اثر ۽ ماحول جي عڪاسيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. شيخ حماد، درويش نوح هوٿياڻي ۽ ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ سياسي ماحول جو عڪس نظر اچي ٿو. ماموئي فقير جي بيتن مان سنڌ جي دريائن، هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڻ جي ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اروڙ جي ٻنڌ جو ثبوت ملي ٿو ۽ پاڻيءَ جي پيداوار جهڙوڪ: بهه، مڇي ۽ لوڙهه جو ذڪر اچي ٿو. يعني اهي بيت سنڌ جي شهرن دريائن جي بيهڪ، واپار ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪن ٿا.
11. قاضي قادن جي بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ مدرسن ۾ ڪهڙي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ مدرسن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. اسماعيلي مبغلن جي بيتن مان مذهبي تحريڪن جي تعليم جي خبر پوي ٿي.
12. قاضي قادن، اسحاق آهنگر ۽ ماموئي فقيرن جي بيتن مان سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڇڄ جي ذريعي اُنَ صاف ڪرڻ، درياءَ جي ليث، مڇي، لوڙهه ۽ بهن جو واپرائڻ ۽ ڳوٺاڻن رستن تي ۽ پيچرن تي ڪنڊن جي موجودگيءَ کي بيتن ذريعي ظاهر ڪيو ويو.
13. هن دور ۾ سنڌي دوهوفني سٽاءَ جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو. دوهي ۽ سورٺي فني بناوت موجب بيت چيا ويا ته دوهي ۽ سورٺ جي ميل سان ڪامياب فني تجربا به ڪيا ويا. نه فقط ايترو پر ٽن سٽن وارا به ڪيترائي بيت چيا ويا. خاص طرح سان نئون ۽ ڪامياب تجربو هي ٿيو ته بيت ۾ پوئين سٽ سورٺي واري آندي وئي.
14. تمثيلي شعر جو پختو پايو پيو. ڪجھه بيت سسئي جي داستان موجب تمثيلي انداز جا مليا آهن. جن ۾ تصوف جا راز سمجھايل آهن. هڪ بيت مورڙي ۽ مڇ جي قصي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ان ۾ به تصوف جو مسئلو سمجھايل آهي. مشهور قصن ۽ داستانن کانسواءِ ٻين تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي مقصد کي واضع ڪيو ويو. يعني هن دور ۾ روحانيت ۽ تصوف جو مضمون تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي بيان ڪيو ويو. جنهن ڪري بيت ۾ وڌيڪ رنگيني دلڪشي ۽ تنوع پيدا ٿيو. تشبيهون ۽ تمثيلون ماحول مان ئي کنيون ويون.
15. صوفين جي سماع جن محفلن ۾ به سنڌي بيت پڙهيا ويا. اهي محفلون سنڌي بيت جي اوسر جي سلسلي ۾ اهم ذريعو بڻيون ۽ سنڌي بيت عام ۽ مشهور مقبول ٿيو.
16. سنڌي بيت ۾ عشقيه ۽ فراقيه مضمون داخل ٿيو، جنهن ڪري بيت ۾ وڌيڪ دلڪشي ۽ اثر انگيزي آئي.
17. نظم کانسواءِ نثر ۾ به سمن سردارن جي سخاوت ۽ بهادريءَ جا بيان ٿيڻ لڳا ۽ داستان گوئي، باقائده فن جي صورت اختيار ڪئي.
18. الف اشباع وارو قافيو پهريون ڀيرو سمن جي دور ۾ 1486ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٽوي جي چيل دعائيه فقري ” او ڀاتي! رب ڏي وڏي ڄمارا“ ۾ ملي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قسم جي نظم جو رواج ان زماني ۾ موجود هيو. البت هن قسم جي ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي.
19. ان دور جي شاعريءَ ۾ گرامر جي لحاظ کان ڪيئي ڳالهيون دلچسپ آهن. قاضي قادن جي هڪ بيت ۾ ” جوڳايوس“،” مون کي جاڳايو“ جي معنى ۾ ڪم آيو آهي. حالانڪه اڄ ايئن چوڻ درست نه ٿيندو. اڄ جي محاوري موجب جاڳايوس جي معنى ٿيندي ” هن کي جاڳايو“. مون کي جاڳايو جي معنى ۾ ”جاڳايوم“ استعمال ٿيندو. اهڙي طرح ان دور ۾ ضميري پڇاڙين جو عام رواج هو. جهڙوڪ: ٿيوس، لڌوم، ٿيام، وريام، پڙهيوم وغيره.
20. اسحاق آهنگر جي بيت ۾ ”ڪرن“ استعمال آهي. اڄوڪي معياري محاوري ۾ ”ڪن“ ڪم اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ فعل ”ڪن“ ۾ ”ر“ جو استعمال عام هو. جيڪب آباد جي ڪن حصن ۾ اڄ تائين ”ڪن“ جي بدران ”ڪرن“ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو.
مٿئين تجزئي مان معلوم ٿيندو ته سنڌي بيت سمن جي دور تائين ارتقائي منزلون طئي ڪري فني پختگي حاصل ڪئي. بيت جي فني اوسر تي نظر وجھجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت بيت جيڪي فني روايتون اختيار ڪري چڪو هو اهي اڄ تائين هليون اچن. البت پوئين زماني ۾ بيت جي سٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. بيت جي پوئين سٽ جي وچ تي قافيه آڻڻ جي روايت، بيت جي مستقل فني روايت جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ان وقت جيڪي معنوي ۽ تمثيلي خصوصيتون اختيار ڪئي هيون، اهي اڄ به ساڳيو. هليون اچن.