13. تمدن جي ماهيت
(ڪريم بخش چنا)
هي مضمون ڪريم بخش چنا جو لکيل آهي،جيڪو سندس ڪتاب ”تاريخ تمدنِ اسلام“ تان ورتو ويو آهي. هن مضمون ۾ ليکڪ لکيو آهي ته تمدن عربي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو ”مدينه“ ۽ ”مدن“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي”شهر“ ۽ تمدني جي معنى آهي ” شهري زندگي گذارڻ“. تمدن اسان جي ”انس“ واري خصلت جي پيدائش. تمدن جي خصلت هر انسان ۾ فطري طور موجود هوندي آهي. تمدن انساني فطرت جي هيٺين ٽن اصولن تي مشتمل آهي.
* پنهنجو بچاءَ ڪرڻ
* هم جنس سان جماعت ۾ رهڻ
* اولاد جي پيدائش ۽ پرورش ڪري ،انساني نسل کي بقا ڏيڻ
حقيقت اِها آهي ته پکي پُکڻ ۽ جيت جڻا به گڏجي رهن ٿا. انهن کي هڪ ٻئي لاءِ احساس ۽ پيار آهي. اهڙي طرح انسان ۾ اها خصلت وڏي حد تائين آهي. تمدني زندگيءَ ۾رهڻ ڪري هر هڪ انسان کي پنهنجي پاڙيسرين، شهرين ۽ ملڪي ماڻهن جي حقن جو خيال رکڻو پوي ٿو. جنهن ڪري انسان پنهنجي زندگي کي پر لطف بڻائي سگھي ٿو. تمدني زندگيءَ ۾ جيڪي فرد پنهنجون ذميواريون پوريون نٿا ڪن،تن کي قوم جي طرفان سزا ڏني وڃي ٿي. ايئن ئي قوم جي خوشحاليءَ لاءِ اُپاءَ وٺڻ خاطرانساني جماعتن ۾ حڪومتن جو بنياد پيو. دنيا جي ابتدا کان وٺي حڪومتي سرشتا مختلف پئي رهيا آهن. ڪن ملڪن ۾ شخصي يا جبري حڪومت آهي، ته ڪن ۾ جمهوري يا عوامي حڪومت آهي.
مطلب ته تمدن کي ٺاهڻ ۾ ڪروڙين ماڻهن جون ڪوششون سوَن سالن تائين جاري رهيون. هر هڪ قوم کي پنهنجون پنهنجون تاريخي ۽ مذهبي روايتون، طبعي ضرورتون ۽ روحاني تمنائون آهن. جن جي پورائي لاءِ انفرادي ۽ اجتمائي نموني پنهنجين سمورين صلاحيتن سان ڪوشش ڪري ٿي ۽ مختلف قسمن جون سياسي، مذهبي ۽ سماجي جماعتون ۽ ادارا مختلف فنن جا طور طريقا، مختلف قسمن جا رواج، خيال ۽ عقيدا ايجاد ڪري ٿي. انهن سڀني معاملن کي گڏي ان قوم جو تمدن چئي سگھجي ٿو. تهذيب ۽ تمدن ۾ اهو فرق آهي تمدن سڄي قوم جي رسمن، رواجن ۽ ادارن کي چئجي ٿو ۽ تهذيب فقط هڪ شخص جي رسمن، عادتن، خيالن. قولن ۽ ڌنڌن کي چئجي ٿو. يا ايئن کڻي چئجي ته تهذيب هڪ فرد سان لاڳاپيل هوندي آهي ۽ تمدن جو واسطوپوري قوم سان هوندو آهي.