تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

3. شاهه جو شعر ۽ شاعري

3. شاهه جو شعر ۽ شاعري
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

هي مضمون ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ مان ورتو ويو آهي. جنهن ۾ هو شاهه ڀٽائي جي ذات ۽ سندس شاعري جو تذڪرو ڪري ٿو.
هو لکي ٿو ته سنڌ ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي ڇو ته جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن، تيستائين شعر جو ميدان گرم رهندو ڇو ته شعر نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي.
اوهان سچل، سامي، بيدل، بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا ضرور ٻڌا هوندا، هر هڪ جي ڪمال ۾ پنهنجي پنهنجي لذت آهي پر شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دل عزيز شاعر اڃا پيدا نه ٿيو آهي. نه آئينده ٿيندو، ڇو ته سندس شاعراڻي ”خستوري جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي.“شاهه جي شاعري ۾ تصوّف گھرائي ۾ آهي، سليس به آهي ته جديد به آهي. شاهه سائين جو قول آهي ته
جي تو بيتَ ڀانئيا، ســــــي آيتون آهين،
نِيو مَن لائين، پِريان سندي پـــــــار ڏي.

ڪنهن به شاعر جي بزرگي ايتري قدر قبول ڪئي ويندي جيتري قدر ان ۾ جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قوّت هوندي آهي. جمال جا ڪيترائي قسم آهن. مثلاً طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني پر حقيقت ۾ سڀني جو مول هڪ ئي آهي. شاعريءَ جي حالت ۾ پهريون اثر حسن جي مشاهدي ڪري پيدا ٿيو آهي ۽ شاعر محبوب جي صورت ۾ گم ٿي پنهنجي شخصيت کي وساري ڇڏي ٿو.
هڪ اعلى ۽ ڪامل شاعر جي هڪ اها صنف آهي ته هو پنهنجي شعر ۾ خاص قسم جون ترڪيبون استعمال ڪندو آهي ۽ شعرن ۾ اصطلاح، پهاڪا ۽ تشبيهون وجھي شعر جو حسن وڌائيندو آهي. اهڙي طرح سان ڪجھ خاصيتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
1. فصاحت:
فصيح ڪلام اهو آهي جنهن ۾ هرهڪ لفظ اهڙو ڪم آندو وڃي جنهن جي اُچار ۾ ڪا اٽڪ نه ٿئي.
2. بلاغت:
اها آهي ته شاعر جو ڪلام وقت ۽ حالت مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا جذبا ٿين ٿا. ڪڏهن غم ۽ غصّو، ته ڪڏهن کِلَ ۽ خوشي وغيره. هڪ سٺي شاعر ۾ انهن سڀني حالتن کي بهتر نموني پيش ڪرڻ جو گُر هجي.
3. سلاست:
سلاست جي معنى آهي ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن، جيڪي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا. استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون صنفون ڪلامي، ساديون هجن جيئن هر ڪو سمجهي سگهي.

4. جدّت:
جدت مان مراد شاعر اهڙا مضمون کڻي جن تي ڪنهن طبع آزمائي نه ڪئي هجي پر جيڪڏهن ڪئي هجي ته ايئن محسوس نه ٿئي ته ڪو نقل ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر گر بخشاڻي اِهي خاصيتون بيان ڪري وري شاهه لطيف جي شاعري طرف نظر ڪري ٿو ته اُهي سڀ خاصيتون شاهه جي شاعريءَ ۾ وڏي درجي ۾ ملن ٿيون. جڏهن ته ٻين رواجي شاعرن جي ڪلام ۾ رڳو حسن جون هاڪون ، عشق جون صدائون يا رڳو تصوف ۽ وحدانيت جي واکاڻ آهي. اهو حال نه رڳو سنڌي شاعرن جو آهي پر ڏکڻ ايشيا جي شاعرن جو پڻ ساڳيو حال آهي.
آخر ۾ ليکڪ چوي ٿو ته شاهه جي ذات باڪمال آهي. شاعرن جي صف ۾ ڏسبو ته شاهه ”شاهه شاعرن جوشهنشاهه“ نظر ايندو. صوفين ۾ ڏسبو ته فاني في الله آهي ۽ جيڪڏهن عاشقن ۾ ڏسبو ته عاشقن جو سردار نظر اچي ٿو، ڇو ته سندس ڪماليت جو دامن تمام وسيع آهي.