”علامه آءِ. آءِ قاضي“
1919ع ۾ علامه صاحب سنڌ ۾ مستقل طور رهڻ آيو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. پوءِ حيدرآباد م سب جج ٿيو، پر عدالتي معاملن ۾ رياستن اختيارن جي مداخلت سبب استعيفى ڏئي لنڊن هليو ويو ۽ اتي اسلامي تبليغ لاءِ مرڪز کوليائين. 1924ع ۾ لنڊن مان موٽي اچڻ کانپوءِ جناح ڪورٽس ڪراچي جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو ۽ جمعي جي ڏينهن علمي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو مطالعو تمام وسيع هو. پاڻ هڪ ئي وقت مذهب، سائنس، فلسفي، ادب شاعري، آرٽ، تاريخ ۽ تصوت تي گھري نظر رکندا هئا. سندس ذڪر ۽ فڪر جو محور ”قرآن شريف“ هو. قرآن پاڪ کانپوءِ سندس وڏي ۾ وڏو ماخذ ”شاهه جو رسالو“ هو.
علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. سندس دور ۾ ڪاپي ۽ سفارش جو نالو ئي نه هو. انتظاميه طرفان يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين.
علامه صاحب پنهنجي رفيق حيات جي وفات بعد اڪيلو ٿي ويو ۽ ٺيڪ هڪ سال بعد 13 اپريل 1968ع ۾ سنڌو درياء تي چهل قدمي ڪندي، سنڌو جي لهرن ۾ لڙهي پنهنجي قيمتي جان کي سنڌو جي پوتر پاڻي جي حوالي ڪري سهڻي ۽ ميهار جي روايت قائم ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي.