تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

14. علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا

. علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا

هي مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڏاهي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي تقرير تان ڪوريل آهي. هي چند جملا ڪنهن ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪنهن تقرير ۾ چيا آهن.
هن مضمون ۾ قاضي صاحب علم ۽ ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجي اعلى ڄاڻ جي خزاني مان تجويزون ۽ طريقا ڏسيا آهن. قاضي صاحب علم ۽ ادب جي سونهن سنوار لاء فڪر، حافظي، تاديب، تهذيب تاريخ ۽ سوانح نگاري نظرئي سان سچائي کي ضروري ٻڌايو آهي.
فڪر:
فڪر ئي حقيقت ۾ علم و ادب جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي، جنهن سان مضمون ۽ تاثير ۾ تاثر ٿئي ٿو. جيتري فڪر ۾ گھرائي ۽ پختگي هوندي اوترو مضبوطيءَ سان خيال پيش ڪري سگھبو. فڪر تي پختگي ۽ مضبوطي لاءِ وري يادگيري ۽ حافظي جو وڏو عمل دخل آهي. ليکڪ جو حافظو جيترو تيز هوندو، اوترو ئي هو مطالعي ۽ مشاهدي مان پرائي ۽ حاصل ڪري سگھندو.
تاديب ۽ تهذيب:
تهذيب ”ذهب“ لفظ مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”سنوارڻ يا سڌارڻ“ آهي. مهذب جو مطلب ٿيو ”سڌريل“. قاضي صاحب چوي ٿو ته ادب جي حقيقي معنى آهي ”تهذيب لطافت ياشائستگي“. انهي ڪري جهڙي طرح ٻنيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کانسواءِ ٻج ڇٽڻ مان سٺو فائدو نٿو وٺي سگھجي، تهڙي طرح تعليم تربيت سان گڏ ادب لاءِ تهذيب ۽ سائستگي به ضروري آهي. تهذيب ۽ تاديب به ساڳئي ئي مطلب ۾ مقصد وارا لفط آهن، جيڪي ادب جي سوز ۽ سنوار لاءِ ضروري آهن.
تاريخ:
علم کي وڌائڻ جو ڏس ڏيندي قاضي صاحب ٻڌائي ٿو ته تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سان وڏو علمي ۽ ادبي خزانو هٿيڪو ٿي سگھي ٿو. مثال طور قاضي صاحب وتائي فقير جا ٻه قول پيش ڪندي ٻڌايو اهي ته اهڙي قسم جا واقعا ۽ ڳالهيون اسان جي ادب ۽ تهذيب جو نه رڳو حصو آهن. نه رڳو ادب ۽ تهذيب پر تواريخ جو اهم حصو آهن. جن کي محفوظ ڪري اسان پنهنجي تواريخ هٿ ڪرڻ سان گڏ علم ۽ ادب جي هڪ وڏي ذخيري کي يڪجاءِ ڪري سگھون ٿا.
سوانح نگاري:
قاضي صاحب ٻڌائي ٿو ته هڪ غريب هاري ناري کان وٺي ويندي وڏي سوچ ۽ فهم واري اڪابر جي زندگي پنهنجي جاءِ تي هڪ سٺي ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هر ڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي سچائيءَ سان قلمبند ڪري ته هوند ڪيئي ڪتاب جڙي پون. اهڙي طرح سوانح عمريون ۽ آتم ڪهاڻيون (ڪٿاهون) گڏ ڪري اسان ادب جي خزاني کي ڀرپور ڪري سگھون ٿا.
سڀني تجويزن، مشورن ۽ طريقن بيان ڪرڻ کانپوءِ قاضي صاحب سچائيءَ تي گھڻو زور ڏنو آهي. مقصد سان سچائيءَ لاءِ ۽ سچائي جو معيار بلند ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. نه صرف علم ۽ ادب جي ڪاميابي پر زندگيءَ جي هر موڙ تي سچائي جو معيار بلند ڪري ڪاميابيون ماڻي سگھجن ٿيون.