4 . ميرن/ٽالپرن جو دور (1843ع _ 1782ع)
1. هن دور جي شاعرن جي شعر ۾ فارسي ۽ عربي لفظ گھڻا ملن ٿا. سيد ثابت علي شاهه ان سسلسلي م سڀ کان وڌيڪ اڳرو آهي. هن فارسي ترڪيبن جا خوبصورت مثال پيش ڪيا آهن.
2. هن دور ۾ غزل وڌيڪ ترقي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن جي غزل جا نمونا مليا آهن. انهن ۾ حضرت سچل سرمست، سيد ثابت علي شاهه، خليفو ڪرم الله، مير نصير خان ۽ مير حسن علي خان جا نالا قابل ذڪر آهن.
3. علم عروض جي ٻين صنفن جهڙوڪ: مرثيه، مسدس، مخمس، مثنوي، رباعي ۽ سلام جو رواج پيو.
4. هن دور ۾ منظوم قصي گوئيءَ جو رواج پيو. ان سلسلي ۾ حفيظ تيوني جو ”مومل راڻو“ ۽ خليفي عبدالله جو ”ليلى مجنون“ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
5. هن دور ۾ ڪافيءَ جي وڏي پختگي آئي ۽ منجھس دلڪشي ۽ رنگيني پيدا ٿي . ڪافيءَ کي عروج تي پهچائڻ وارو حضرت سچل سرمست آهي.
6. هن دور ۾ گھڙوليءَ جو پڻ نمونو مليو آهي. هن ۾ هر بند کانپوءِ وراڻي ايندي آهي. جنهن ۾ ”گهڙولي ڀرڻ ٿي وڃان“ لفظ هوندا آهن. هن قسم جو نمونو سڀ کان پهرين سچل سرمست جي ڪلام ۾ مليو آهي.
7. جھولڻو بيت جو نمونو به آهي ته ڪافيءَ جو قسم به آهي. هن قسم جا بيت ۽ ڪافيون سڀ کان پهريان سچل سرمست جي رسالي ۾ ملن ٿا.
8. ٽيهه اکريءَ جو رواج ڪجھ قدر اڳ به هو. پر هن صنف جا خاص ۽ بلند پايه شاعر هن دور ۾ ٿي گزريا. انهن مان حمل خان لغاري، ملان صاحبڏنو، خليفو نبي بخش لغاري ۽ آخوند محمد بچل ”انور“ جا نالا قابل ذڪر آهن.
9. الف اشباع جي نظم ۾ به ڪجھ ڪتاب لکيا ويا. ان قسم جو شعر هنن شاعرن چيو: سيد خير شاهه، مير محمد اشرف، مولوي ولي محمد وغيره.
10. مولود جي صنف هن دور ۾ وڏي ترقي آهي. ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا، جن مان فتح فقير، خليفو ڪرم الله، پير محمد اشرف ۽ ملان صاحبڏني جا نالا قابل ذڪر آهن.
11. مداح ۽ مناجات به وڏي ترقي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن مداحون، مناجاتون ۽ معجزا چيا، جن مان ملان صاحبڏنو، صدر الدين چارڻ، حمل خان لغاري، فتح فقير ۽ آخوند محمد بچل جا نالا قابل ذڪر آهن.
12. مناقبا به هن دور ۾ ملن ٿا. هن قسم جي نظم ۾ اصحابن ۽ اوليائن جي تعريف ڪئي ويندي آهي. پير محمد اشرف هن قسم جي شاعريءَ جو بلند پايا شاعر آهي.
13. معجزا به هن دور ۾ ملن ٿا. هن قسم جي نظم ۾ پاڻ سڳورنﷺ جا معجزا بيان ڪيا ويندا آهن. سيد خير شاهه هن قسم جي شاعريءَ جو بلند پايا شاعر آهي.
14. هجو گوئي جو رواج به هن دور ۾ پيو. سيد خير شاهه ۽ سيد ثابت علي شاهه هڪٻئي جون هجوون لکيون.
15. هن دور ۾ رزميه شاعريءَ جا پڻ سٺا نمونا ملن ٿا. هن قسم جا مثال خليفي نبي بخش جي ”سر ڪيڏاري“ ، سيد حيدر شاهه جي ”جنگ نامه“ ۽ سيد ثابت علي شاهه جي ”مرثين“ ۾ ملن ٿا.
16. هن دور ۾ خليفو نبي بخش پهريون شاعر آهي جنهن سر ڪيڏاري کي قومي شاعريءَ جي اظهار جو ذريعو بڻايو. سندس ڪيڏاري ۾ قومي جوش ۽ جذبو آهي ۽ سنڌ جي سُورِمن جي ساراهه آهي.
17. هن دور ۾ هندو ساعرن جو شعر پڻ ملي ٿو. ساميءَ جي سلوڪن سان گڏ دلپت ۽ سندس گرو آسرداس ”آسو“ جو شعر پڻ ملي ٿو.
18. هن دور ۾ پهريون ڀيرو نثر جا ابتداعي نمونا ملن ٿا. پهريون نثر آهي آخوند عزيز الله خان جو قرآن شريف جو تحت اللفظ ترجمو.
ڪلهوڙن جو آخري حڪمران ميان عبدالنبي ڪلهوڙو ۽ ٽالپر سردار مير فتح علي خان جي وچ ۾ هالاڻيءَ جي ميدان ۾ تمام وڏي جنگ لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلهوڙن کي شڪست آئي. سنڌ جي مملڪت ٽالپرن جي دور جي حوالي ٿي.
ٽالپر به ڪلهوڙن وانگي مقامي نسل جا هئا. تنهن ڪري هن دور ۾ به سنڌي ادب ۽ زبان کي ڪافي ترقي ملي ۽ خود ٽالپر به علم دوست هئا. کين شاعريءَ سان بي حد دلچسپي هئي ۽ شاعرن جو قدر ڪندا هئا.