”قومي تعمير ۾ شاگردن جو حصو“
هن مضمون کي سمجھڻ لاءِ ”شاگرد“ بابت وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته عام طور تي شاگرد ان کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ سکڻ وارو هجي. حقيقت ۾ اها شاگرد جي وصف اڻپوري آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جي سکيا ته ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿي ۽ مرڻ تائين جاري رهي ٿي. اسڪول خواهه ڪاليج ۾ شاگردن کي صرف سکيا جي قسمن کان آگاهي ڏني وڃي ٿي، پر مڪمل سکيا عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ بعد شروع ٿئي ٿي.
يوناني عالمن ۽ شاگردن جي دور کي ”فلسفي دور“ چيو وڃي ٿو. جيئن سقراط، سياست، انساني حقن جي ڄاڻ ۽ انساني آزادي جي اصولن جي علم سان روشناس ڪرايو ۽ يوناني تهذيب ۽ تمندن کي آسمان جي بلندين تائين پهچايو. ايئن ئي انساني فلسفي شروع ٿيڻ سان عرب شاگردن روحانيت، ادب، اخلاق، سياست ۽ عدالت کي روشناس ڪرائي دنيا جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. اڄ مغربي تهذيب مغربي شاگردن جي هٿان دنيا تي مسلط ٿي رهي آهي. طب، مشينري، هٿيار سازي ۽ سياست وغيره ۾ شاگردن جو وڏو حصو رهيو آهي. موجوده دور ۾ شاگردن کي اهو چيو وڃي ٿوته اوهان تعليم حاصل ڪريو ۽ ملڪي انتظام جي ڪمن ۾ دخل نه ڏيو. اهو ان ڪري ته هو اول پنهنجي فن ۾ ڪمال حاصل ڪري بعد ۾ تعميري ڪمن ۾ حصو وٺي. چوڻي آهي ته “ نيم حڪيم، خطره جان”. ايئن نه ٿئي ته هڪ ئي وقت ٻه ڪم کڻي ۽ ٻنهي کي سهڻي نموني نه نڀائي سگھي پر باوجود ان جي اڄ جو شاگرد غريبن جي مدد ڪرڻ، قومي تعمير لاءِ چندو گڏ ڪرڻ، ٻوڏ، بيمارين يا قدرتي آفتن سبب جيڪڏهن ڪٿي نقصان ٿئي ٿو ته شاگرد قومي جوش جو بيحد ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ پنهنجن وڏن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي تعمير ۾ حصو وٺي ٿو. انکان سواءِ آدمشماريءَ جو جو سلسلو هجي يا اليڪشن جو يا زراعت جو ڪم هجي يا ڪنهن ٻئي شعبي جو مطلب اسان جو شاگرد قومي تعمير لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. ايئن چوڻ ۾ حرج نه ٿيندو ته دنيا جي سموري تعمير ڪنهن ٻئي نه پر شاگرد ئي ڪئي آهي.