تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

8. ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قائدو

8. ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قائدو
(علامه آءِ. آءِ قاضي)

هيءُ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڏاهي، دانشور ۽ تعليم جي وڏي ڄاڻو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي باني، وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي فڪري نچوڙ جو حصو آهي. هن مضمون ۾ زندگيءَ کي ڪامياب بنائڻ جا طريقا تمام سهڻي نموني بيان ڪيل آهن.
علامه صاحب هن مضمون ۾ انسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا اصول ۽ قائدا ٻڌائڻ سان گڏ انسان کي هڪ باضابطه زندگي گذارڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن غور، سوچ ۽ ويچار سان سوچبو ته قاضي صاحب جون ٻڌايل ڳالهيون ساديون ۽ سوليون هوندي به وڏي اهميت جي حامل آهن. جيڪڏهن انسان انهن تي عمل ڪري ته ڪنهن حد تائين پنهنجي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائي سگھي ٿو.
قاضي صاحب پنهنجي زندگي کي پابندي ۽ ضابطي هيٺ بهتر ڪرڻ لاءِ حضرت آدم عليه السلام جو مثال ڏيندي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا کي وڻ جي ويجھي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پابندي ڪرڻ جو خاص مقصد، پنهنجي خواهشن کي ضابطي ۾ رکڻ جو گڻ سيکارڻو هو. اهڙي طرح جيڪڏهن اسين پنهنجي خواهشن کي ڪنٽرول ۾ رکنداسين ته زندگي ضرور سولي ٿي پوندي. انهي لاءِ تقوى کي پنهنجو اصول بنائڻو پوندو ته جيئن چڱي ۽ سٺي ڳالهه کي سمجھي سگھون.
آخر ۾ قاضي صاحب زندگي کي وڌيڪ بااصول بنائڻ لاءِ فرض شناسي تي تمام گھڻو زور ڏنو آهي ۽ سختي سان انهن ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي فرض کان غافل آهن.
قاضي صاحب فرمائي ٿو ته زندگي ۾ جوابداريون اچن ٿيون. اهي اهم هجن يا معمولي ، انهن کي بجا آڻڻ لاءِ ذميواري محسوس ڪرڻ گھرجي. عهدو عدنى هجي يا اعلى. هر صورت ۾ پاڻ کي پنهنجي حوالي ڪيل ذميوارين جو صحيح نموني احساس ٿيڻ گھرجي. اهڙي طرح اهو اصول سمجھڻ گھرجي.
انهيءَ ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته قاضي صاحب جيڪي اسان کي اصولي ڳالهيون سمجھايون آهن ، انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي. اسان کي گھرجي ته احساس ذميداري محسوس ڪريون . فرض ٿيل ڊيوٽي کي مقرر ڪيل وقت تي ۽ سهڻي نموني سر انجام ڏيڻ جا عادي ٿي وڃون. اهڙي طرح اسان باضابطه، با اصول ڪامياب زندگي گذاري پاڻ ۾ سک ۽ سڪون سان رهنداسين ۽ ٻين کي به اطمينان بخش معاشروقائم ڪرڻ لاءِ آماده ڪري سگھنداسين.