”حضرت سچل سرمست“ رحه
سچل سائين قرآن شريف جو حافظ عربي و فارسيءَ جو عالم پڻ هيو. هڪ روايت موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪنهن ڪم سانگي درازن ۾ آيو، تڏهن سچل سرمست اڃا ٻالڪ هو، شاهه صاحب ڏسي کيس چيو ته “ هي ڇوڪر اسان جي چاڙهيل ڪني جو ڍڪڻ لاهيندو”. اڳتي هلي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ۽ سچل سرمست “هفت زبان” شاعر سڏجڻ لڳو، ڇو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، هندي، اُردو ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين.
سچل سائينءَ جو ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو آهي. پاڻ اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته خدا تعالي انسان کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو آهي. انسان جيستائين حق جي طلب نٿو رکي، ايسيتائين اهو گمراهيءَ جي گردش مان ٻاهر نٿو نڪري سگھي. قرب ۽ محبت جي ڪا به حد مقرر ناهي. ڇو ته انسان جڏهن قرب جي تانگھ ۾ پوي ٿو، تڏهن پاڻ کي مرڪز جي چوڌاري گھمندي محسوس ڪري ٿو.
پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پنهون پڻ پاڻ،
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيون پاڻ کي.
سچل صاحب جي شاعري ۾ حق جي پيروي لاءِ هدايت ملي ٿي. جيڪي راز اڳ وارن شاعرن پردي ۾ رکيا، سچل سائين تن کي عيان ڪيو. پاڻ 1829ع ۾ وصال ڪيائون. سندس مزار درازا ۾ آهي.